اسان جا محترم استاد
استاد ولي محمد ڀٽي آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج ۾ اسان کي انگريزي شاعري پڙھائيندو هو. هو طبعن فطرت جو شيدائي هو. ايتري قدر جو ڪاليج ۾ پيريڊ وٺڻ وقت ريٽ ڳاڙهو گلاب جو گل پنهنجي ڪوٽ جي ڪالر ۾ لڳائي ايندو هو ۽ تعريف وري ڊيفوڊل گلن جي ڪندي پيريڊ پورو ڪري ڇڏيندو هو ۽ اسان شاگردن جي ذھنن ۾ ان ڳالھ کي اوتڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته اسان زندگي ۾ ٻيو ڪجھ ڪيون نه ڪيون پر فطرت سان پيار ضرور ڪيون. استاد عبدالمنان چانڊيو به اسڪول واري زماني ۾ اسان کي انگريزي پڙھائيندو هو.
هو فطرت سان لڳاءُ رکڻ کان وڌيڪ اسان جي ڪردارسازيءَ تي وڌيڪ ڌيان ڏيندي فڪر انگيز گفتگو ۽ فقرن کان ڪم وٺندو هو. اسان شاگردن مان محمد يوسف شيخ، بشير احمد شاد ۽ مان مرڻ گهڙيءَ تائين سائين عبدالمنان چانڊيي صاحب کان علمي سکيا وٺي حذ حاصل ڪندا رهياسين.
اسان جي اسڪول جو استاد سائين غلام اللہ شيخ انهن استادن مان آھي جن اڌ صدي کان وڌيڪ عرصي تائين اسان جي تعليم سان گڏ تربيت ۽ ڪردار سازي ڪئي ۽ اڄ تائين بشير احمد شاد، محمد يوسف شيخ ۽ مون کي اهو شرف حاصل آھي جو اسان هاڻي به وقت ڪڍي وٽس وڃي ڪجھ نه ڪجھ پرائي ايندا آھيون. حقيقي معنيٰ ۾ قدرت ۽ فطرت سان پيار ڪرڻ جي جيڪا سمجھ اسان کي سائين غلام اللہ ڏني، ان جو ڪو مثال پيش ڪري نٿو سگهجي. جيئن پيءُ ماءُ هٿ سان وٺي ڪو ڪم سيکاريندا آھن، اهڙي طرح استاد محترم فطرت جي حسن ۽ ان جي رازن سان اسان جي وجود کي پنهنجي هٿ سان وٺي همڪنار ڪيو. اھڙي قسم جي تربيت ڪرڻ جو هو پاڻ وڏو ماهر آهي. دراصل اهو ڪم رڳو اهو ماڻھو سرانجام ڏئي سگهي ٿو جيڪو اول پاڻ فطرت ڏانهن لاڙو ۽ روحاني لڳاءُ رکندڙ هجي. سائين غلام اللہ هڪ تصوراتي ۽ تخليقي ذھن جو مالڪ هجڻ سان گڏ هڪ پريڪٽيڪل ذھن جو مالڪ پڻ رهيو آھي. تنهن ڪري هن اسان جو فطرت سان تعلق ۽ محبت جوڙڻ ۾ تصوراتي خيالن سان گڏ عملي تربيت کان سوايو ڪم ورتو. اهڙي عملي مظاهري جي مد ۾ هو اسان کي لاڙڪاڻي شھر جنهن کي انسائڪلوپيڊيا آف برٽانيڪا ۾ (شايد 1911ع واري ايڊيشن ۾) خوبصورت باغن جو شھر سڏيو ويو آھي ۽ جنهن کي ٻين ڪتابي حوالن ۾ باغ عدن سان پڻ تشبيھ ڏنل آھي. تنهنجي باغن بستانن ۾ سنڌوءَ جي ڪنارن، گهاڙواهه جي ڪپن ۽ رائيس ڪئنال جي تفريح گاهن تي وٺي ويندو هو. جتي اسان شاگردن پنهنجي جٿي سان پڪنڪ پارٽيون ڪري هڪ پاسي لطف اندوز ٿيندا هئاسين ته ٻئي پاسي پنهنجي استاد کان علمي ادبي فقره ۽ ليڪچر ٻڌي فطرت سان پنهنجو پيار وڌائيندا هئاسين. ايئن راهه ويندي فطرت سان پيار ڪرڻ جي ڳالھ نڪتي آھي ته انهن ماڳن مڪانن تي جن سان فطري حسن جو تعلق هو، تنهن ۾ اسان جي ٽوليءَ سان گڏ هڪ ٻيو جيئڙو فطرت ۽ فطرتي ماحول سان پيار ڪندڙ لاڙڪاڻي جو افسانه نگار، اديب ۽ ڏاهو ماڻھو محترم الله بخش انيس انصاري صاحب به ڪڏهن ڪڏهن نظر ايندو هو. جنهن جون لاڙڪاڻي گهاڙ واهه جون نڪتل ڪجھ تصويرون سندس برخوردار اشفاق انصاري صاحب فيس بڪ تي پنهنجي پيج تي رکيون هيون. محترم انيس انصاري جي لاڙڪاڻي ۽ گهاڙ واهه جي محبت ۾ لکيل مضمونن ۽ مقالي مان اسان شاگردن گهڻو استفادو ڪيو آھي. لاڙڪاڻي جي باغن بستانن ۽ واهڻ وستين سان پيار ڪندڙ انيس انصاري سان اڪثر سندس پٽ مشتاق انصاري شام واري واڪ ۾ گڏ نظر ايندو هو. اسان ايئن وسهندا هئاسين ته شايد اهو نوجوان سندس ننڍو ڀاءُ آھي پر بعد ۾ ڄاڻ پئي ته اھو شھزادو سندس فرزند ارجمند آھي. هڪ ڀيري ستر واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن جي ڳالھ ياد ٿي پويم ته اسان سائين غلام اللہ سان رائيس ڪئنال تي پراڻي گهاڙ واهه جي پيٽي جي لڳ پنج پلي ۾ گيدوڙي واري وڻ جي اڳيان ڪناري تي تڙڳي تڙڳي واپس گهر پئي موٽياسين ته انيس انصاري صاحب پنهنجي پٽ سان واڪ دوران گفتگو ڪندو ۽ سير تفريح ڪندو پنج پلي جي دروازن ڀرسان اڪيلي مڪئي ٻير جي وڻ وٽان آبڙي واهه جو ڪپ ڏئي وليدن جي رخ وڃي رهيو هو. مون کي پڪ آھي ته ان زماني ۾ محترم انيس انصاري به پنهنجي اولاد جي دلين ۾ لاڙڪاڻي شھر جي فطري ماحول ۽ فطرت سان پيار جاڳائڻ ۾ مسلسل ڪوشش وٺي رهيو هو.
سائين غلام اللہ شيخ واحد استاد هو جيڪو اسان سان گهڻو فرينڊلي هو. سندس اصل تعلق پڻ قمبر شھر ۽ ان جي به ڪنهن ٺڦ ٻھراڙي جي ڳوٺڙي سان هو، جنهن جي فطري ماحول، واهن، واهڻن، پکن پکڙن ۽ ٻنين سان هو ۽ هو پنهنجي ڳوٺ جي موسمن ۽ مندن جا اسان کي دلچسپ قصا ۽ ڳالهيون ٻڌائيندو رهندو هو. لاڙڪاڻي جي فطري رعنائين ۽ قدرتي دريائي ماحول کي پسڻ جو هڪ واقعو ذھن تي تري اچي ٿو ته ھڪ ڀيري سنگت کي ريچڪ چڙھيو ته رات جي سهائي رات ۾ هلي سنڌوءَ جا حسين ۽ دلڪش نظارا پسون. اسان جي دل گهري دلبر دوست مولابخش ڀٽي مراد واهڻ کان ڦلن جي ڳوٺ ۾ سنڌوءَ جي ڪنڌين تي پڪنڪ پارٽي جو پروگرام رٿيو. ان زماني ۾ مولابخش ڀٽي جي پرائمري استاد جي حيثيت ۾ ڦلن جي ڳوٺ ۾ تعيناتي هئي. سو هن چانڊوڪيءَ رات ۾ پوري سنگت جي رهڻ جو بندوبست ڳوٺ ڦلن ۾ ڪري ڇڏيو هو. اسان سنگت جو جٿو سائين غلام اللہ سميت شام ڌاري وڃي ڦلن ۾ نڪتو، شام جو ڳوٺ جي باغن جي خوبصورت ماحول ۾ ڳوٺاين سان روح رهاڻيون ۽ ڪچريون ڪيونسين تنهن بعد رات جي ماني کائي وڃي درياهه شاهه جي ڪپ ڀيڙا ٿياسين. مسٽر مولا بخش پنهنجي ڳوٺاڻي دوست مسٽر محمد علي ڦل جي مدد سان جيڪو ڳوٺ جي وڏيرن مان هو، اڳواٽ ئي درياهه ۾ سير ڪرڻ لاءِ ٻيڙي تيار ڪرائي رکي هئي. همراھن کير جون چونريون ڀري ٻيڙي ۾ رکيون هيون ته جيئن تفريح دوران کير نوش ڪري سگهجي، ٻيڙي ۾ ملاحن رنگ برنگي اکين کي کيرو ڪندڙ رليون وڇايون هيون. ماحول کي سر سنگيت سان خوشگوار بڻائڻ لاءِ دوستن ريڊيي جو پڻ انتظام ڪري رکيو هو. چوڏهين جو چنڊ اڀري چڱو مٿي آيو ۽ پنهنجي سهائي سان درياهه شاھ جي چوڏس ماحول کي پنهنجي حسن جو پرتو چاڙھڻ لڳو ته اسان جي ملاح به ٻيڙي ڇوڙي ويرن ۾ وڌي. اهو زمانو ريڊيي جو زمانو هو، اڃا ٽيپ رڪارڊر اسان وٽ هيائي ڪونه. آل انڊيا ريڊيي تان بناڪا مالا نالي پروگرام ۾ پراڻن هندي فلمن جا سحر انگيز گانا نشر ٿيندا هئا. ٻيڙي لهرن ۾ هئي. اسان جي به جوانيءَ جا ڏينهن هئا، چانڊوڪي به پنھجي جوڀن تي هئي. اهڙي سائت ۾ ريڊيي تان ”جب جب پھول کھلے“ فلم جو لتا مگيشڪر جو ڳايل گانو فضائن ۾ هن سر سان گونججڻ لڳو. ”یہ سماں، سماں ہے پیار کا. کسی کے انتظار کا. دل نا چرالے کھیں میرا، موسم بہار کا، بسنے لگے آنکھوں میں کچھ ایسے سپنے، کوئی بلائے جیسے نینوں سے اپنے۔ یہ سماں ہے دیدار کا، کسی کے انتظار کا۔“ سائين غلام اللہ سر سنگيت ۽ راڳڻين جو ماهر ۽ پاڻ به سريلو تربيت يافته گايڪ هو، تنهن هڪ دم چيو ته اھو گانو ڦلاڻي سر ۾ ڪمپوز ڪيل آھي (شايد سر ڀيم) چوڻ لڳو ته موسيقي ۾ اهو سر انتھائي مٺن سرن ۾ ليکجي ٿو.
سانوڻ جا ڏينهن هئا رات ٺري چڪي هئي، ٿڌڙي هير روح کي راحت بخشي رهي هئي. ٻيڙي چڱڀرو اڳتي هلي ته ڪن دوستن کي درياهه ۾ وهنجڻ جو شوق جاڳيو، پر سواءِ مولا بخش ڀٽي ۽ منهنجي ڪنهن ٻئي کي درياهه ۾ لهڻ جي ھمت ڪانه ٿي. ملاح ۽ ڳوٺاڻن دوستن به اسان جي ارادن اڳيان ماٺ ۾ رهيا. مولا بخش ۽ مون ٻيڙي جي پڳھ تان درياهه ۾ گهتون هيون، درياهه جي ويرن جي تک جڏهن مون کي تڏ ڏئي پاڻ سان کنيو تڏهن سچ پچ منهنجيون وايون ولڙيون ٿي ويون. ٻيڙي کان چڱو ڀلو پري هيٺ وهڪري ۾ وڃي ڪناري تي پهتس. اهي مٺڙا ڏينهن ۽ انهن مٺڙن ڏينهن جون ياگيريون اڌ صدي گذرڻ کان پوءِ به دل ۽ دماغ ۾ سهيڙيل پيون آهن.