ليکڪ پاران
ٻالڪپڻي جا دوست، پاڙي واسي، الله راسي، پنهنجا ۽ پراوا سڀ ڀلا ماڻهو ان سٿ ۾ شامل آهن، سماج ۾ ساهه کڻندي جيئن جيئن منهنجي ڄمار وڌندي وئي تيئن تيئن اهڙي سماج سڌارڪ ماڻهن ۾ ويو اضافو ٿيندو. ماءُ پيءُ جو عملي زندگيءَ ۾ جيڪو عمل دخل رهي ٿو ان ۾ بي مثال محبت سان گڏ ڪردار سازي ۽ شخصيت سازي جي معاملي ۾ عملي وديت، لدني ۽ روحاني فيضيابي پڻ مون سان شامل حال رهي. اهڙي فيضيابي هر خوشنصيب ٻار کي قدرتي طور حصي ۾ ملي ٿي، ماءُ ۽ پيءُ کان پوءِ اسڪول کان ويندي يونيورسٽي تائين اهڙي قسم جي نظر ڪرم دوستن ۽ استادن کان پڻ ملي ٿي. ٻار جڏهن شاگرد جي حيثيت سان مڪتب يا اسڪول ۾ داخل ٿئي ٿو ته ڪتابي علم جي حصول سان گڏ هن جو تربيتي ۽ عملي سکيا جو دور به جاري رهي ٿو. زندگيءَ جي اهڙي موڙ تي اهڙي سموري عمل ۾ جنهن کي آئون شخصيت سازي ۽ ڪردار سازي جي زمري ۾ ليکيان ٿو، تنهن ۾ استادن جو ڪردار بجا طور نمايان ۽ اهميت جو حامل رهي ٿو. مان پاڻ کي اهڙن ڀاڳوندن شاگردن ۾ تصور ڪريان ٿو جن کي اسڪول کان ويندي يونيورسٽيءَ جي سطح جي تعليم تائين اهڙن استادن جو ساٿ مليو جن وٽان ڪتابي عملي ۽ سکيا سان گڏ مون کي سماجي ۽ روحاني رمزن جي پڻ آگاهي ملي.
ماءُ پيءُ، دوستن، استادن ۽ معاشري ۾ ٻين ماڻڪ مڻيادار ماڻهن کان مون کي محبت ۽ علم جيڪو حاصل ٿيو تنهن جو ذڪر خير مون پنهنجي ڪتاب ”جيءُ جياريو جن“ ۾ ڪيو آهي. مذڪوره ڪتاب ۾ علم، ادب جي لحاظ کان مون جن شخصيتن جي ڪردار کي عنوانن هيٺ آندو آهي. تنهن مان ڪي ڪردار سماجي زندگي جي اهم شعبن سان تعلق ۾ رهيا آهن. پنهنجي رت جي رشتن، دوستن ۽ استادن کان سواءِ زماني جي عام رواجي ڪردارن کي پڻ ڪتاب جي عنوانن ۾ شامل ڪيو آهي، جيڪي بنهه اڻ پڙهيل آهن پر بحيثيت انسان جي انهن جا قدم حب انسان ۽ انسانيت جي معراج جي ڏاڪن تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
منهنجي هن ڪتاب ”جيءُ جياريو جِن“ جي ورقن ۾ هڪ ڪردار ”وفا جو پيڪر مامو بروهي“ آهي جنهن جي زندگي جي ڪيترن ئي پاسن کي پسي ڏسي مون هن کي پٿر جي دور جو انسان تصور ڪيو آهي. پٿر جي دور جي انهن آڳاٽن انسانن ۾ اظهار، انساني انس، محبت ۽ وفا شعاري جا ڳڻ ڪيتري قدر مربوط هئا تنهن جي باري ۾ وثوق سان ڪجھه چئي نٿو سگھجي پر منهنجي هن سڳن مامن جھڙي مامي بروهي جي من ۾ انساني محبت ۽ وفا شعاري جا لڇڻ مڻن منهن ڀريل هئا. هو پنهنجي انهن ارفع گڻن مان روزانو اسان گھر جي ڀاتين کي نوازيندو رهندو هو. مامي بروهي کي مون پنهنجي ڪتاب ۾ پٿر جي دور جو انسان ان ڪري ڄاڻايو آهي جو هن ۾ ڪي خاصيتون انهن جھڙيون موجود هيون، جيئن ڪي هن پيرن ۾ ڪڏهن به بوٽ ڪونه پاتو، سندس پيرن ۾ رڳو ڪنڊيءَ ۽ ٻٻر جا ڪنڊا چڀي سگھندا هئا پر ڪانڊيرن جا ڪنڊا ۽ هلڪيون سلڪيون ڇيتيون، پٿر جھڙن سخت پيرن جي اڳيان غير موثر هونديون هيون، ٻيو وري گھر ۾ پڪل ٻوڙ جي جاءِ تي گھر ۾ بچيل گوشت ۽ مڇي جا ڪنڊا ۽ هڏا شوق سان رڙڪي ويندو هو. ٽيون وري هو پنهنجي زندگيءَ ۾ بس يا ريل تي ڪڏهن نه چڙهيو، پنهنجي ڀينرن سان ملڻ شهداد ڪوٽ ۽ قمبر ويندو هو يا پنهنجي ڀاءُ سان باقراڻي لڳ ڳوٺ حيدر بروهي ۾ گڏجاڻيون ڪرڻ ويندو هو ته پاڻ سان رڳو رکا ڊوڍا پچرائي انگوڇي ۾ ٻڌي پنڌ روانو ٿي ويندو هو، چوٿون وري هن وٽ قسمين قسمين جي ڊزائين جون ڪهاڙيون هڙ ۾ ٻڌل هونديون هيون جيڪي اسان جي گھر جي هڪ ڇپٽي تي رکندو هو. ڪهو جي ڳنن جي هڪ ڀري به پاڻ سان سنڀالي رکندو هو. دراصل هو هئو ڪهاڙين جو واپاري، مون کي هن جا اهي سمورا پرڪار پٿر جي دور جي اهڃاڻ مثل لڳندا هئا.
هن ڪتاب ۾ مون پنهنجي سماج جي اهڙن ڪردارن کي نمايان طور سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جن جا روزي روٽي جي حصول ۾ هٿ پير ميرا مٽي هڻان ٿي پون ٿا، جيئن کيتي سر سيتي وارو پورهيو ڪندڙ ڪامي ڪڙمي، چهڙا چمار، ماشڪي، ڌوٻي ۽ حجام وغيره جن کي اسان جي سماج جا ڪي ماڻهو ڪلائي نگاهه سان ڏسن ٿا. پنهنجي ڪڌن روين جي ڪري وري ڪي ماڻهو انهن کي پنهنجي ڀر ۾ ويهارڻ به پسند نه ڪندا آهن. سماج جي اهڙن منفي روين جي ابتڙ اهڙن ماڻهن جي ڪم ڪرت کي هڪ پاسي رکي مون پنهنجي سوچ پٽاندر اهڙن ڪردارن منجھه موجود انسانيت وارن گڻن ۽ سٺن لڇڻن کي پسي نه رڳو انهن کي ساراهيو آهي پر انهن ۾ موجود انسانيت وارن خوبين کي پڻ ڀلي ڀانت اجاگر ڪيو آهي.
اسان پنهنجيون اکيون کولي ڏسون ته سماج جا اهي ڏتڙيل طبقي جا ماڻهو پنهنجي محنت، ڪِرت، فن، اداڪاري ۽ ڏاهپ سان نه رڳو سماج کي جياپي جي سگھه بخشين ٿا پر اهي املهه انسان اسان کي وندر، خوشي ۽ دلي آسودگي جهڙو خزانو بخشين ٿا. منهنجي نظر ۾ هڪ ليکڪ کي ان سماج ۾ جنهن ۾ هو ساهه پساهه کڻي ٿو، تنهن جي سماجي زندگي ۽ سماجي روين کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجي قلم ۽ قرطاس ذريعي آگاهي ڏيڻ کپي.
لکڻ جي لحاط کان منهنجو پهريون ڪتاب ”لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ، ورهاڱي کان اڳ“ آهي جيڪو علم، ادب ۽ ان سان لاڳاپيل ادبي ۽ سماجي شخصيتن جو هڪ ڊگھو اڀياس پيش ڪري ٿو. منهنجو ٻيو ڪتاب ”سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون“ آهي جنهن ۾ مون پنهنجي جيون ڪٿا ۾ سماج جي ڪيترن ئي اهم عنوانن ۽ انهن ۾ پيش ڪيل مثالي ڪردارن سان گڏوگڏ سماجي ۽ ثقافتي تاريخ جي ڪن جهتن ۽ پاسن کي نروار ڪرڻ جي هڪ نماڻي ڪوشش ڪئي آهي. مون پنهنجي نئين ڪتاب ”ڳالهيون ڪئناڊا جي وڻ وڻڪار جون“ ۾ ڪئناڊا جي تفريحي هنڌن ۽ دل وندرائڻ وارين ڳالهين سان گڏ ڪئناڊا جي باشندن جي سماجي زندگي ۽ انهن جي سماجي روين کي ڪيترن عنوانن ۾ پيش ڪيو آهي. احقر جو هي چوٿون ڪتاب ”جيءُ جياريو جن“ آهي، جيڪو اوهان جي مطالعي هيٺ آهي، تنهن ۾ مون پنهنجي سماج جي ڪن اهم شخيتن جي اهم ڪردارن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ پنهنجي زندگيءَ ۾ ويجھو ايندڙ شخصيتن جن سان منهنجو رت جو رشتو پڻ رهيو آهي، ان سان گڏ ٻيا اهي شخص شامل آهن جن سان منهنجا ويجھا سماجي ٻنڌڻ به آهن، سي منهنجي زندگيءَ کي سنوارڻ ۽ ان کي ڪارآمد بڻائڻ ۾ منهنجا ساٿي ۽ مددگار رهيا آهن تن کي مون هن ڪتاب جي عنوانن جي ڪينواس تي آڻيندي انهن جي لازوال ڪردار کي سماج جي ساڃاهه وندن جي مطالعي لاءِ پيش ڪيو آهي.
هنن سِٽن هيٺ آئون ڪتاب ”جيءُ جياريو جن“ جي هڪ ڳوٺاڻي ڪردار جي واکاڻ ڪرڻ ضروري سمجان ٿو جيڪو سنه 1893ع ڌاري ڳوٺ وارث ڳنڀير خيرپور رياست ۾ ڄائو هو، هي مڙس مٿير پنهنجي چئن ٻارن سان زمين تي ڪڙمت ڪري پنهنجي پريوار جي پالنا ڪندو هو. سندس زندگيءَ جا پڇاڙي وارا ڏينهن سکر ۾ گذريا. هن کي پنهنجي جواني واري زماني ۾ شاهه عبداللطيف ۽ سرڪار لطيف جي بيتن سان عشق هو. هو منهنجو نانو محمد برادي هو. مان جڏهن به سکر ويندو هوس تڏهن ساڻس منهنجيون جيڪي رهاڻيون ٿينديون هيون تن ۾ هو مون کي سرڪار لطيف سائين جي بيتن انهن جي معنائن ۽ انهن جي ارفع ۽ روحاني رمزن جي آگاهي سان نوازيندو رهندو هو، مرڻ گھڙيءَ تائين هو مون سان اهڙا وڙ ڪندو رهيو. اڄ به اسان جي سماج ۾ اهڙا مڻيادار ڪردار موجود آهن جن جي صحبت ۾ رهي اسان هنن کان پنهنجي زندگي کي سڦل بڻائڻ لاءِ گھڻو ڪجھه پرائي سگھون ٿا.
تحرير جي سلسلي ۾ ڪاغذ ۽ قلم جو ڪم وڃي ٿو گھٽبو، پنهنجي يادگيري جي بنياد تي مون جيڪي ڪتاب تحرير ڪيا آهن، سي سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ تي لکيا آهن. انهن تحرين جا پرنٽ آئوٽ ڪڍي ڏيڻ ۾ مون سان پٽن جو ساٿ رهيو آهي،. پرنٽس جي مواد کي ڪتابي شڪل ڏيڻ ۾ عنوانن توڙي ادبي، علمي خيالن جي سوڌ سنوار، ڪتاب جي ٽائيٽل ۽ بيڪ ٽائيٽل ڪور جي سلسلي ۾ تجويزن جي سمورن مرحلن ۾ لاڙڪاڻي جي معروف ادبي ۽ علمي اداري سچل ادبي مرڪز جي روح روان لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ ۽ سچل ادبي مرڪز جي مانواري اديب، عالم ۽ لطيف شناس ڊاڪٽر احسان ”دانش“ جو وک وک تي مون ساٿ رهيو آهي. ان ڏس ۾ خاص طور ٿورائتو آهيان پياري دوست پروفيسر غلام حسين ڪٽپر صاحب جو جنهن پنهنجو قميتي وقت ڏئي هن ڪتاب جو مهاڳ لکي نظر ڪرم ڪيو آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل ڪور تحرير ڪري ڏيڻ ۾ مانواري شاعر، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي جو پڻ احسان مند آهيان، جنهن پنهنجي سهڻن لفظن سان ان کي سينگاريو آهي. ٿورا ياد رهندا محترم نوجوان دوست، مرڪ پبليڪيشن جي روح رواڻ محترم مرتضيٰ لغاريءَ جا جنهن خاص ڌيان ڏئي هن ڪتاب کي سهڻي نموني شايع ڪيو آهي.
ڊاڪٽر غلام رسول سومرو