ڊاڪٽر محمد صالح سومرو
محمد صالح سومري سان منهنجو تعلق ۽ محبت جا پيچ پراڻا آھن، مان سندس حياتيءَ تي ٻه ٽي اکر لکڻ پنهنجو فرض ٿو سمجهان. لاڙڪاڻي جي هن بي لوث، شريف النفس، پڙھيل ڳڙھيل، تعليم جي حصول جي سلسلي ۾ انتهائي جفاڪش ۽ محنتي جيئڙي سان منهنجو تعلق ان وقت ڳنڍيو جڏهن هو اڃا پنهنجي والده ماجده جي هنج ۾ هو. ان وقت اسان سندس والد محترم مامي هدايت اللہ سومري جي دلي خواهش تي لاڙڪاڻي جي پاڙي گجڻ پور مان لڏي اچي علي گوهر آباد ۾ ساڻن گڏ رهياسين. محمد صالح سومري چار پنج سال بعد ۾ مون کان علي گوهر آباد واري ملان مسلم پرائمري اسڪول مان پرائمري تعليم پوري ڪري، انگريزي پڙھڻ لاءِ ڊي سي اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ويو. جتان ڏهين جماعت پاس ڪرڻ کان پوءِ ڊگري سائنس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ وڌيڪ پڙھڻ لاءِ ويو. سندس ڳاڻيٽو ڪاليج جي هوشيار ۽ اورچ شاگردن ۾ ٿيندو هو. ڪاليج ايجوڪيشن دوران هن جي دوستي لياقت راڄپر جهڙن هوشيار شاگردن سان هئي. گريجيوايشن ڪرڻ کان پوءِ محمد صالح سنڌ يونيورسٽي مان فزيالاجي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. پنهنجي صلاحيتن موجب ستت ئي هو پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪري سنڌ گورنمينٽ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي ڪاليج سيڪشن ۾ ليڪچرار ٿيو. فزيالوجي جي ليڪچرار جي حيثيت سان سندس پهرين مقرري گورنمينٽ جناح ڪاليج ڪراچي ۾ ٿي. ان زماني ۾ مان گورنمينٽ ڊگري سائنس ڪاليج لياري ۾ پڙهائيندو هئس ۽ منهنجي رهائش فيڊرل بي ايريا انچولي سوسائٽي ۾ هئي. ڪاليج جوائن ڪرڻ کان اڳ محمد صالح منهنجي گهر آيو هو جتان مان کيس گورنمينٽ جناح ڪاليج وڃي جوائنگ رپورٽ ڪرائي هئي.
محمد صالح سومرو پنهنجي سڀاءَ جي لحاظ کان منڍ کان ئي هڪ نفيس ۽ منڪسر مزاج شخص هو. مهينو ڏيڍ اسان وٽ رهيو پر پوءِ ڪاليج کي ويجهو ٿيڻ جو بهانو ڪري گوليمار سائيڊ تي پنهنجي سنڌي دوستن سان وڃي هڪ ڪالوني ۾ رهائش اختيار ڪيائين. سندس وڏن جا بابي سائين تي وڏا وڙ ۽ ٿورا ٿيل هئا، ان تناظر ۾ مون به دل و جان سان پئي چاهيو ته هو اسان وٽ رهيو پيو هجي پر چاھيندي به اسان کيس وڃڻ کان روڪي نه سگهاسين. پوءِ جيترو وقت هو ڪراچيءَ ۾ رهيو هر آچر جي ڏينهن اسان جي گهر پنهنجي قرب جو ڦيرو ڪندو هو. زندگي جي انهيءَ سفر ۾ جناح ڪاليج ۾ رهڻ دوران سندس شادي محترم ماستر محمد قاسم سومري جي نياڻي سان ٿي.
محمد صالح سومرو ڪجھ سال ڪراچي ۾ رهيو پوءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ فزيالاجي جي ليڪچرار جي جاءِ تي امتحان ڪواليفاءِ ڪري اوڏانهن اسهي هليو ويو. بفضل تعالا وڏي ڀاڳ نصيب جو مالڪ هو. ٻاجهاري سائين کيس پٽن جي اولاد سان نوازيو. سندس ٽئي پٽ محمد ڪليم، محمد نعيم ۽ محمد وسيم، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي حيدرآباد ۽ اين اي ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪراچيءَ مان پنهنجي پسند جي شعبن مان امتحان پاس ڪري ڏيھ پرڏيھ ۾ ڪار خدمت انجام ڏين ٿا. محمد وسيم سومرو پنهنجي محنت ۽ اورچائي کان ڪم وٺي ميڪينيڪل انجنيئرنگ جي شعبي ۾ نيوزيلينڊ مان پي ايچ ڊي ڪري آڪلينڊ شھر ۾ پنهنجون خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي ۽ اتي پنهنجي ٻچڙن سان خوشحال زندگي گذاري رهيو آھي.
محمد صالح سومرو پنهنجي زندگيءَ جي سفر ۾ هميشه اڳتي وڌڻ ۽ وڌيڪ پڙھڻ جي تات ۾ رهندو هو. وقت جو قدر شناس ايترو هو جو هن ڪڏهن به وقت کي ھٿان نه وڃايو ۽ اسان ڏٺو آھي ته جيڪي وقت جو قدر ڪن ٿا ڪاميابيون تن جا پير چمن ٿيون. انهيءَ واٽ تي هلندي محمد صالح سومرو رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ جناح ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل پرائيويٽ ڪاليج ۾ اچي فزيالاجي جو اسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. ڪجھ وقت لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ بطور پروفيسر رهيو. هن ڀيري ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران سچل ڳوٺ ۾ پنهنجي جاءِ جوڙايائن ۽ پنهنجي پٽن جي تعلم تربيت ۽ شادي مرادي مان جڏھن آجو ٿيو ۽ دلي اطمينان حاصل ٿيس ته پنهنجي دل جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ فزيالاجي ۾ پي ايچ ڊي ڪرڻ لاءِ ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ لاءِ پنهنجيون ڪوششون تيز ڪيائين. ان سلسلي ۾ جيتوڻيڪ کيس وڏا ڪشالا ڪٽڻا پيا پر ڇاڪاڻ ته پاڻ وڏو جاکوڙي، پڪي ارادي ۽ حوصلي جو مالڪ هو تنهن ڪري نيٺ پنهنجي مقصد ۾ وڃي ڪامياب ٿيو.
سج ٻه پاڇا آھي، انسان ڪيڏو به مقدر جو ڌڻي ھجي پر زندگي جي هر رخ ۽ اونچ نيچ سان هن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. زندگي جي وڏن ڏکن مان هڪ ڏک کيس گهر واري جي وفات ڪري وڃڻ واري صورت ۾ مليو پر جڏهن ان صدمي مان ٻاهر نڪتو ته مقدر جي نئين دڳ تي هلندي لاڙڪاڻي جي ڀاڳت خاندان مان ٻي شادي ڪيائين. منهنجي خيال موجب هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي اهم فيصلا پنهنجي هاڪاري سوچ ۽ سمجھ کي اڳيان رکي ڪيا ۽ انهن جو کيس لاڀ به سٺو مليو. نئين شادي کان پوءِ محمد صالح هڪ برجستو فيصلو وٺندي سچل ڳوٺ وارو گهر پنهنجي ٽنهي پٽن ۽ انهن جي ٻچڙن حوالي ڪري چيپل سن سٽي بنگلوز جي اوڀارين ڇيڙي تي پنهنجو فليٽ وٺي وڃي اتي رهيو.
پي ايچ ڊي ٿيل هئس، کيس سرگوده ميڊيڪل ڪاليج کان پروفيسر آف فزيالاجي جي سٺي آفر ملي، جتي ٽي سال کن پروفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين پر ڇاڪاڻ ته سندس سڄو ڪهول ٻچا ٻار ڪراچي ۾ مقيم هئا، تنهن ڪري ان نوڪري کي خير آباد چئي ڪراچي جي بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پنهنجي سبجيڪٽ جو پروفيسر اچي مقرر ٿيو، جتان ٻه ڏينهن اڳ مون کي سندس وفات جي دکدائڪ خبر ملي.دعا آهي ته رب سائين کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي.