شخصيتون ۽ خاڪا

جيءُ جياريو جن

ڊاڪٽر غلام رسول سومري زندگيءَ جي سفر ۾ جن بہ ماڻھن کان ڪجهہ سِکيو آهي، متاثر ٿيو آهي يا جيڪي سندس مددگار رهيا آهن، انھن ماڻھن جي ڪٿا، تاريخ، ڳالھيون، سوانح، يادون، خاڪا، مضمون ۽ لکڻيون هن ڪتاب ۾ سمايل آهن. ھن ڪتاب ۾ سندس عزيز، سندس دوست، سندس پرائمري کان يونيورسٽيءَ جا استاد، سندس رهنما، ادبي استاد ۽ ساٿي، ۽ مختلف سياسي يا سماجي شخصيتون تي لکيل مضمون شامل آهن. ڪتاب ۾ شامل شخصيتن سان گڏ انھن جو سياسي، سماجي، علمي، ادبي پسمنظر ۽ ڳالھيون بہ شامل آهن تہ جدوجھد جا داستان بہ.

Title Cover of book جيءُ جياريو جن

پروفيسر عبدالله ”جاويد“

اڳ مون عرض ڪيو هو ته منهنجي زندگي ۾ ايندڙ ٽي عاليشان ڪردار وڏي مان مريادي وارا استاد پروفيسر عبدالمنان چانڊيو، پروفيسر اياز حسين قادري ۽ پروفيسر عبداللہ جاويد اهڙيون شخصيتون هئا جن پنهنجي سماجي علمي ۽ ادبي ڏاهپ جي لحاظ کان مون کي ايترو متاثر ڪيو جو اڌ صدي گذرڻ تائين آئون کين وساري نه سگهيو آھيان. بشير احمد ”شاد“ جڏهن ليڪچرار جي حيثيت سان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سانگهڙ جوائن ڪيو هو تڏهن فراقي ڏک کي گهٽ ڪرڻ لاءِ خط ذريعي مهيني اڌ ۾ پنهنجو حال احوال مون کي ڪراچيءَ موڪليندو هو. ان ۾ انگريزي جي پروفيسر عبداللہ جاويد جو ذڪر خير شامل هوندو هو ته هو اردو جو ترقي پسند شاعر آھي ۽ ان سان گڏ هو ملنسار، مهمان نواز ۽ هڪ مهربان شخص آھي. هو ايترو به لکندو هو ته اسان رات جي ماني اڪثر گڏ تيار ڪندا آھيون يا گڏجي هوٽل ۾ به کائڻ ويندا آھيون.
بشير احمد شاد ايترو به ٻڌايو هو ته عبد اللہ جاويد جي شاعري جو مجموعو شايع ٿي چڪو آھي، جنهن جي ڪاپي هن مون کي ڏني آھي وغيره وغيره.
1974ع ڌاري پروفيسر عبداللہ جي بدلي ڪراچي ۾ ٿي هئي ۽ ڪنهن ڪاليج ۾ ڊيوٽي رزيوم ڪرڻ لاءِ ڊائريڪٽوريٽ جي چڪرن ۾ هو. آئون بولٽن مارڪيٽ کان ڪينٽ اسٽيشن ويندڙ ٽرام ۾ سفر ڪري رهيو هئس ته ماما پارسي اسڪول وٽان ڪو مسافر ٽرام ۾ چڙھيو ۽ اتفاق سان سرندو سرندو مون سان لڳي بيٺو سندس منهن مهانڊي تي نظر پئي ته مون کي شڪ جاڳيو ته هن همراهه کي مون ڪٿي ڏٺو آھي. مون اردو ۾ مخاطب ٿيندي پڇيومانس ته ڪاڏي پيو وڃين؟ وراڻيائين ته بمبينو سنيما... وري پڇيومانس ڇا توهان ٻاھران آيا آھيو؟ چيائين جي، ڪٿان؟ مون کي جوابن چيائين سانگهڙ کان، اتي مون پڪ سمجهيو ته هي ماڻھو عبد اللہ جاويد آھي. مون شڪ دور ڪندي چيو توهان جو نالو عبداللہ جاويد آھي؟ حيران ٿي پڇڻ لڳو ته ڪراچي ۾ مون کي ته ڪو سڃاڻندو به ڪونهي، تو مون کي ڪيئن سڃاتو؟ مان چيومانس منهنجو دوست بشير احمد شاد سانگهڙ ڊگري ڪاليج ۾ ليڪچرار آھي، ان جيڪي تصويرون مون کي موڪليون آھن انھن ۾ اوهان به هن سان گڏ بيٺل آھيو. ڏاڍو خوش ٿيو. سندس اسٽاپ ويجھو هو مون پڇيو مانس ته رهائش ڪٿي اٿو؟ ٻڌايائين فيڊرل بي ايريا. ايئن چئي همراهه لٿو هليو ويو. هڪ اڌ سال کان پوءِ ٻيهر هن سان ان وقت اوچتو ملاقات ٿي جڏهن مان لياري ڪاليج ۾ پرنسيپال محمد يوسف کوکڙا صاحب جي آفيس ۾ ويٺو هئس ته هو سلام ڪندي اندر داخل ٿي پرنسيپال سان پنهنجو تعارف ڪندي پنهنجو نالو ٻڌايو. جيئن ئي مون تي نظر پيس ته همراهه خوشي وچان ٻھ ٻھ ٿيڻ لڳو. مون به کيس قرب سان ڀاڪر پاتو. هن ڀيري پنشمينٽ طور هن جي لياري ڪاليج ۾ بدلي ڪئي وئي هئي. همراهه جيترو محبتي هو اوترو ارڏو به هو، تنهن ڪري لاڙڪاڻي کان شڪارپور، شڪارپور کان سانگهڙ، سانگهڙ کان ڪراچي ناظم آباد ۽ ناظم آباد کان لياري اچي پهتو هو.
لياري ڪاليج کيس راس آيو جو هتي سندس سٺن ماڻھن سان واستو پيو. سال اڌ ۾ هن جي دوستي مڙني اسٽاف ميمبرس سان ٿي. مونسان روزانو گڏ اچڻ وڃڻ ٿيندو هئس، ڇاڪاڻ جو هو واٽر پمپ جي ويجهو عزيز آباد ۾ رهندو هو جيڪو منهنجي گهر کان بلڪل ويجهو هو. سندس گهر واري لاڙڪاڻي جي مشھور ڊاڪٽر امان اللہ سومري جي گهر واري جي ڀيڻ هئي. تنهن ڪري ان ناطي سان اسان جي گهري دوستي ٿي وئي.
عبد اللہ جاويد جون جيڪي خوبيون بشير احمد شاد خط ۾ بيان ڪيون هيون سي برابر منجهس هيون ئي هيون پر ان کان به ڪجھ وڌيڪ خوبيون هن مرد مجاهد ۾ موجود هيون. پاڙيسري هجڻ ڪري ۽ ڪاليج ۾ ڪٺي هجڻ ڪري اسان جون روز ملاقاتون ٿيندون هيون.
ڪاليج ۾ سروس جي لحاظ کان پرنسيپال کان پوءِ سينيئر هو جنهن ڪري دفتري ڪمن ۾ پرنسيپال هن جي صلاح مشوري ۽ سهڪار جو محتاج رهندو هو. انگريزي جو پروفيسر هو. ڳالهائڻ ڪرڻ توڙي ڊرافٽنگ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. تنهن ڪري ڪاليج ۾ اهميت حاصل ڪري ويو. عبدالعزيز کوکڙا جي ڊائريڪٽر جي پوسٽ تي اپگريڊيشن ٿي ته عبدالله صاحب ڪاليج جي پرنسيپال جي حيثيت سان چارج سنڀالي. مون هن صاحب جون جيڪي خوبيون بيان ڪيون آھن انهن جو مون کي هر گهڙي هر وقت فائدو ملندو هو. دل جو درياهه ۽ سخي مرد هو. منهنجي گهڻي روڪڻ باوجود منهنجي شادي جي ڪيترن ڪمن ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺو رهيو، ايتري قدر جو پنهجي ڪار کي تين هٽي تان هارن گلن سان سينگاري پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي ڊيوٽي لڳائيندي منهنجي گهر موڪلي ڏني هئي ۽ پاڻ ٻارين ٻچين شادي ۾ شريڪ ٿيو هو. شادي بعد جيئن عزيز عقارب گهوٽ ڪنوار جي آجيان ۽ دعوتون ڪندا آھن تيئن هن صاحب اسان جون دعوتون ڪيون. کارائڻ پيئڻ جو به وڏو شوقين هو.
اڪثر بوهري بازار صدر وڃي فرزند علي جي قلفي کائيندا هئاسين ۽ صدر جي مشھور ھوٽلن تي کايا پيا ڪري موج مزا ڪندا هئاسين.
ذھني و فڪري لحاظ کان جيترو سوچ جو بلند هو اوترو پاڻ کي ظاهر نه ڪندو هو. هندوستان ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وقت ڪميونسٽ ۽ لبرل خيالن جي لابيز کان گهڻو متاثر هو ۽ نوجواني ۾ اهڙن گروپن ۽ گروهن سان تنظيمي ۽ فڪري ڪمن ۾ ساٿ ڏئي چڪو هو. لاڙڪاڻي واري مشھور ڏاهي جمال الدين بخاري جون گهڻيون تعريفون ڪندو هو. دراصل هو هئو ڪميونسٽ رهنما پر لاڙڪاڻي ۾ رهڻ ۽ شادي ڪرڻ کان پوءِ گهڻو تبديل ٿي چڪو هو. ڪاليج جي غريب عملي جي ڳجهي طريقي امداد ڪندو رهندو هو. ان معاملي ۾ به مون کي اڳيان رکي منهنجو ڪلهو استعمال ڪندو هو. اخلاق و ايثار جو نج مجسم هو. ڪاليج جي هيٺين اسٽاف جي مڪرانين، غريب شيدين ۽ سنڌين جي شادين مرادن ۾ پڻ خوشي سان شرڪت ڪندو هو ۽ کين مالي امداد سان گڏ تحفا تحائف پيش ڪندو هو. رٽائرمينٽ کان ڪجهه وقت پهريون پنهنجي گهر واري هوميو پيٿڪ ڊاڪٽر شھناز سان گڏجي پريڪٽس ڪندو هو. هٿ ۾ ڏاڍي شفا هئس.
غريب غربي جو مفت علاج ڪندو هو. اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي دفتر جا گهڻا ملازم وٽس علاج لاءِ ايندا هئا انهن جو ۽ ڪاليج جي ماڻھن جو علاج بنا پئسي ڪندو هو. جي ڪو پئسو ڏيندو هو ته وٺڻ کان بنھ انڪار ڪندو هو.
ڪاليج ۾ جيڪي اسائنمينٽ ملنديون هيون انهن جي گنڀيرتا ۽ ڏکيائين ۾ منهنجو ڀرپور ساٿ ڏيندو هو. سروس جي پوئين حصي ۾ ڪجھ سال هن جي لاءِ زندگي ڏاڍي ڏکي ٿي پئي هئي. ڪاليج ۾ پروفيسر قلب حيدر پرنسيپال ٿي آيو جيڪو سروس ۾ کانئس سينيئر هو تنهن کي چارج ڏيڻي پيس. پر ڇاڪاڻ جو ٻئي شاعر هئا سي به اردو جا، هي شاعر به دراصل شينهن ٿيندا آھن، هڪ ٻيلي ۾ گڏ رهڻ سندن مزاج جي خلاف هوندو آھي سو هر معاملي ۾ هر ڳالهه تي هڪ ٻئي خلاف ترارون اڀيون ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا هئا. عبد اللہ صاحب لاءِ زندگي جي هن حصي ۾ هڪ ٻي قدرتي ڪمزوري سامهون اچي وئي جو پهريون هڪ اک ۾ ڪيٽرڪ ڪري نظر صفا جهڪي ٿي وئي هئي ۽ جلدئي ٻي اک سان به ساڳي واردات ٿي پيس. تقريبن ڏسي ڪو نه سگهندو هو. مان پنهنجي گهران سوير نڪري سندس گهر ويندو هئس ڪڏهن پنهنجي ڪار ۽ ڪڏهن ٽيڪسي ۾ کيس گڏ وٺي ڪاليج ايندو ۽ نيندو هئس.
اهڙين حالتن ۾ هن پنهنجا مڙئي هٿيار مياڻ ۾ رکي ڇڏيا پر قلب حيدر ۽ ھن جي شاعراڻا رقابت ڪا پراڻي هئي جيڪا شخصي پسند ۽ ناپسند جي حدن کي ڇهندي هئي. منهنجا لاڳاپا ڪلب حيدر سان سٺا هئا، ڇاڪاڻ ته پروفيسر منور علي بلوچ ۽ مان ڪاليج جي امتحانن، داخلائن، دفتري ڊرافٽنگ، ٽائپنگ جي ڪمن سان گڏ ڊائريڪٽوريٽ، سيڪريٽريٽ، اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ ۽ بورڊ آف انٽر ميڊيئيٽ جي ڪمن ۾ گهڻو حصو وٺندا هئاسين، تنهن ڪري مان عبد اللہ جاويد جو دفاع ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هوندو هئس. اسان جي سهڪار سان کيس گهڻو سک پهتو. جنهن جو هو جيتري زندگي ڪراچي ۾ رهيو پنهجي محبت ۽ اخلاص سان ان جو اظھار ڪندو رهندو هو. رٽائرمينٽ کان پوءِ به ڪيترن سالن تائين هن جي صلاحيتن، اخلاق ۽ ايثار مان اسان استفادو ڪندا رهندا هئاسين. منهنجا ساڻس گهرو تعلقات قائم ٿي ويا هئا سندس گهر واري ڊاڪٽر شھناز اسان جي ٻارن ٻچن جو علاج معالجو ڪندي رهندي هئي. اڄ ڪلھ پنهنجي پٽن ۽ فيملي سان ڪيناڊا جي ڪنهن شھر ۾ مقيم آھي پر اها خبر ناهي ته هو حال حيات به آھي يا نه؟
**