سنڌو ديسُ مَهانَ
سنڌو ديسُ مهَانُ، سنڌو ديسُ مهَانُ.
لاڙُ وِچولو اُتّر،
ڪَڇَّ، ڪراچي بندر،
هيڏو سارو جَر تَر.
ڪيڏو ڪوهستانُ!
سنڌو ديسُ مهَانُ.
جِيءُ جِيءُ اَن-داتا!
تنهنجا سَڏّ سُڃاتا،
آزاديءَ لئه آتا.
توتي سڀ قُربانُ،
سنڌو ديسُ مهَانُ.
سَتّر لکَّ سَپوتو!
هوشو، همو بڻجو،
هرڪو جهڙو دودو.
دُولهَه دريا خانُ،
سنڌو ديسُ مهَانُ.
سَچَّل، ساميءَ پارا،
ڪيئي جيءَ جيارا،
آڌيءَ رات اُمارا.
ڀٽَّ ڌڻيءَ جو ڀانُ،
سنڌو ديسُ مهَانُ.
ڀيڙو آههِ ڀَنڀرڪو،
جَرّ ڄَراٽو ڄَرڪو،
آجو ٿيندو هرڪو.
هر مزدور ڪِسانُ،
سنڌو ديسُ مهَانُ.
سنڌو ديسُ مهَانُ.
1973ع- وِڄون وَسڻ آئيون. صفحو نمبر-195