ملي ويو پاڇي سان پاڇو
ڪُلهين ــ اَجرڪ
هٿن ــ زنجير کي جوڙي
وري اڄ ايڪتا جي لاٽ کي
روشن ڪيون گڏجي
وري تهذيب سان پنهنجو
وچن ورجائجي ٻيهر
سموري قوم جا هٿ ۾
ملائي هٿ ڏيکاريون
لڪيرون ٿي وڃن روشن
هٿن جون آڱريون ٻاريون
ثقافت جي رنگن سان
سنڌ کي رنگين ڪرڻو آ
نئين اتحاد جو سورج
انهن مان ئي اُڀرڻو آ
ڇڏي دنيا جي جهنجهٽ کي
ٻه ٽي پل سنڌ جي نالي
ڪيون اڄ ارپنا دل سان
اسان جي سنڌ سُهڻي آ
انهيءَ ۾ هي سنڌو دريا
اَمڙ جي سينڌ وانگر آ
مٿس ”موهن“ پيو مُرڪي
ڪراچيءَ کان وٺي ڪشمور ۽
ڪينجهر کان ڪارونجهر
پَريان هو قُرب جو ڪاڇو
سڄي سنڌ ايڪتا ٿي وئي
مِلي ويو پاڇي سان پاڇو
اَچو قومي سُجاڳيءَ جو
جشن گڏجي مَلهايون سڀ
اَچو اڄ ايڪتا جو ڏينهن آ،
او سنڌ واسيو!