شاعري

سنڌو ديسُ مهَانُ

هي ڪتاب ”سنڌو ديسُ مهانُ“ سنڌ جي خوبصورت شاعر بخشل باغيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3181
  • 1063
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بخشل باغي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو ديسُ مهَانُ

او آزاديءَ جا متوالا

او آزاديءَ جا متوالا،
تون پنهنجي دل ڇو لاهين ٿو.
اُٿ،قدم وَڌاءِ منزل ڏي،
جي ساڀيان سپنو چاهين ٿو.
او آزاديءَ جا متوالا!
تون لائون لَههُ بندوق کڻي،
اڄ آزاديءَ جي مومل سان.
تون رت ۾ ڇڏ هٿ لال ڪري،
ڇو ميندي تِن کي لائين ٿو.
او آزاديءَ جا متوالا!
سڀ دشمن ٿَڙَ،ٿَڙَ ٿَڙَڪن ٿا،
جيئن لال جهنڊا هي ڦڙڪن ٿا.
ٿا ڪڙ، ڪَڙ تِن تي ڪان ڪِرن،
تون سرمد! جڏهين ڳائين ٿو.
او آزاديءَ جا متوالا!
مان سمجهان ٿو هن سياست کي،
۽ ڪُوڙي تنهنجي رياست کي.
تون روز نوان مون ــ مارڻ جا،
ڪي ٺاهه ٺڳيءَ جا ٺاهين ٿو.
او آزاديءَ جا متوالا!
ٿو سيد توتي ناز ڪري،
سو ڏينهن نجاتي ناهه پري
تون جنهن لئه قومي دشمن سان،
هي پنهنجو سينو ساهين ٿو.
او آزاديءَ جا متوالا!
هي قيدُ، سلاخون، زنجيرو،
هڪ ڏينهن مَٽينديون تقديرون.
تون آهين پوءِ به اٽل بيٺو،
تون سختين کان نه ڪيٻائين ٿو.
او آزاديءَ جا متوالا!
تون هڪ ئي هاڻ سهارو آن،
تون جيجل جيءَ ــ جيارو آن.
ٿي توتي سنڌ، فخر ڀائين،
تون قول سيد جا پاڙين ٿو.
او آزاديءَ جا متوالا!
شل وچن نڀائين ڌَرتيءَ سان،
هن آزاديءَ ۽ سَرتيءَ سان.
هي سيد جو ئي سپنو آ،
تون جنهن جي ساڀيان چاهين ٿو.
او آزاديءَ جا متوالا!
سَن ڪَعبو آ، سَن قبلو آ،
سَن سيد جو، ئي جلوو آ.
تڏهين ته عقيدت مان ”باغي“!
تون پنهنجو ڪَنڌ جُهڪائين ٿو.
او آزاديءَ جا متوالا!