ستاويهين ڊسمبر!
ڇِني ويا ”هُو“ گُلِ نَرگس،
اکيون آڪاس جون آليون.
ستارا سوڳ بڻجي پيا.
سموري ڪائناتي سُونهن کي،
ويڙهي اُداسي وئي.
اُتر جي سَرد برفيلي،
هوا نمڪين ٿي ويئي.
ڍَڪِي فطرت رِدا ڪاري.
خُدائي ٿي پئي نوحو.
ڪِروڙين خواب هئا منسوب،
جنهن جي خوابُ هڪڙي سان.
جلاوطنيءَ جي پيڙا ڀي،
نه هاريو حوصلو اُن جو.
لُٽيو ويو قافلو اُن جو،
اُنهيءَ جي زندگيءَ جي ورق کي جو،
وقت اُٿلايو.
وري اتهاس پنهنجي، جو،
تسلسل ياد ڪو آيو.
الائي ڪيترا احساس،
جذبا، خواب، آهون،
سڀ صدائون.
ٿيون نيشانو،
هاءِ! ڪنهن ڇُڙواڳ گوليءَ جو،
ستاويهين ڊسمبر جو،
لٿو جيئن سج سانجهيءَ جو،
کڻي ويو پاڻ سان ميڙي،
وطن جي روشني ساري،
ٻُڏي وئي رت ۾ اي سنڌ!
تنهنجي ماروي آخر!!!
•