تنهنجي ئي عشق جي من ڏيندو اَذان رهندو، تنهنجي ئي عشق جي من ڏيندو اَذان رهندو، منهنجو سدائين تو ۾ ڌرتي! ايمان رهندو. مِٽيءَ کي جنهن به پوڄيو ۽ جنهن اُنهيءَ کي ڄاتو، تاريخ ۾ امر سو مانجهي مهان رهندو.