ديس جي دار سان، دلبري ٿي پوي،
قوم گُمراهه جي، رهبري ٿي پوي.
هٿ خنجر سڀئي ٿي پَون جيڪڏهن،
مات رهزن! تنهنجي، رهزني ٿي پوي.
روشنيءَ جا سوين پيچرا نکرندا،
سوچ سنڌوءَ جي روشن، بتي ٿي پوي.
ديس مينديءَ جي خوشبو، سڄو ٿي وڃي،
سنڌ جي رُت رنڱجي، رتي ٿي پوي.
سونهن جي ته پڇاڙي، مٽي آ ميان!
عشق سو ئي امر، جو مٽي ٿي پوي.
ساٿ ”باغيءَ“ جو ڌرتيءَ، سان لکجو سدا،
ديس جي عشق ۾، شل پتي ٿي پوي.