شاعري

سنڌو ديسُ مهَانُ

هي ڪتاب ”سنڌو ديسُ مهانُ“ سنڌ جي خوبصورت شاعر بخشل باغيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3181
  • 1063
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بخشل باغي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو ديسُ مهَانُ

سنڌ ۽ ويلنٽائن

سارو عالم پيار جي رنگن سان آ
رنگين ٿيو.
سُونهن جا، اظهار جا ۽ عشق جا
ڪَئي گُل ٽڙيا
گُل جيڪي پيار جا تحفا بڻي،
هر هٿ ۾ آهن کڙيا
ساري ڌرتي ڄڻ خُدا جو خواب آ،
بڻجي پئي
مُک مُرجهايل پيا مهڪي ڪئي،
عاشقن لئه هي ڏهاڙو
پاڪ، مُقدس ۽ اُتم هر چيز کان
ها مگر منهنجي مِٺي!
ڪيئن ڪيان اظهار توسان،
عشق جو.
سنڌ منهنجو ديس آهي درد ۾،
عشق جنهن ۾ روز ٿو”ڪاري“ بڻي،
پيار جنهن ۾ ٿو پنن وانگر ڇڻي،
ديس اهڙي جو آهيان مان،
باشندو.
جنهن جي ڌرتي ٽياس تي آهي ٽنگيل،
لڱ جنهن جا رَت ۾ آهن رنڱيل،
او منهنجي پياري! ٻُڌا مان ڇا ڪريان؟
ڀاءُ منهنجا بُک تي ويٺا
”ڪراچيءَ شهر ۾
جي مرڻ تائين نه رهندا“
ديس سان تِن جو وچن
جي ٻَڌي سِر سان لٿا آهن ڪفن!
آ مَٿاهون جن کي پنهنجو ئي وطن،
مان ڪيئن پو عشق جا نغما چوان،
خط تو ڏي پيار جا ڪيئن لکان،
مان پيو سگريٽ وانگر
ديس ساري سان دُکان،
تون ڀَلي اظهار مون سان،
عشق جو، ڪر، او مٺي!
مون مگر تو کي سدائين،
سنڌ جي هر روپ ۾ آهي ڏٺو
ڇانوَ ڇمرن جي هُجي يا،
لُڪ، لُوساٽيل ڌوپ ۾ آهي ڏٺو
مان اڄوڪي ڏينهن جي اِن ريت ٿو،
آجيان ڪريان
تون ئي آهين سنڌ منهنجي
جيءَ جُهريل جند منهنجي،
هاڻ مان توکي سموري سنڌ ۾،
پيو ٿو پَسان.
مان نه عاشق هيڪڙو پر،
ديس جا سڀئي اسان
سنڌ سان هِن عشق جو
ڏينهڙو ملهايون روز ٿا،
ڪنڌ، ڌرتيءَ جي اڳيان پنهنجو،
جهُڪايون روز ٿا،
عشق جي هِن لاٽ جو اظهار
ڪرڻو آ ٻري
سنڌ کي هر حال ڏيڻو آ مري
نيٺ آزاديءَ جو تحفو.