شاعري

سنڌو ديسُ مهَانُ

هي ڪتاب ”سنڌو ديسُ مهانُ“ سنڌ جي خوبصورت شاعر بخشل باغيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3181
  • 1063
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بخشل باغي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو ديسُ مهَانُ

ڪانئر جو ڪردار

توسان تنهنجا ئي پيا، راڱا، راڱا ڪن،
ڀاڱا، ڀاڱا ڪن، تنهنجي سپني کي ميان!



هئه،هئه ڪيڏو اوپرو، تنهنجو سَنُ لڳو،
تنهنجن ڇنيو آ ميان! سنڌوءَ سڱ سڳو،
ڀوتارن ڀڳو، ڀرم تنهنجي ڀُونءِ جو.



سيد جي تون سنڌ کي، ڊاهڻ ٿو چاهين،
جوڙي سگهين جي نه ٿو، ڇو ٿو پو ڊاهين،
کلين بيٺو غير سان، پنهنجن تي باهين،
ڪاڏي ٿو ڪاهين، سوچ سَويري ڀائڙا!



دانهون ڌرتيءَ جون ٻُڌي، ڏَڪي اُڀ ويو،
توکي پر نه پيو، پتو پنهنجي ديس جو.


سيد جي تاريخ کي، ڇو ٿو لڄائين،
آزاديءَ ــ آواز کي، پيو دٻائين،
غدارن جي رسم کي، تون ٿو ورجائين،
قومي تراني مٿان، بندش ٿو لائين،
جنهن تي، پيري ۾ اُٿي، بيهندو هو سائين،
اُنهيءَ جي پيغام کي، پيو بدلائين،
ڪيئن ٿو ڀُلائين، سيد جي تون جهد کي؟



سَن مان سنڌو ديس جو، اُڏري ويو نعرو،
سيد! ڏس مزار جو، سُونو نظارو،
پريان اڄ ويران آ، سنڌوءَ ڪنارو،
بيٺو آهه اُٻاڻڪو، هُو ٻيڙيءَ وارو،
ڪانئر بُوٽ لتاڙيو، سَن جو هر چارو،
تنهنجي اڄ مزار تان، تنهنجن ڌِڪارو،
*”سرڪش“ نياڻين سان تڙيو، ويو ويچارو،
ترانو تو ديس جو، آهي ڏُکارو،
ديس پرين سارو، توکي دانهين ٿو پيو.



*سنڌ جو قومي شاعر ــ سرڪش سنڌي





توکي سُونهين ڪونه ٿو، ڪانئر جو ڪردار،
سن مان تڙي سنڌ کي، غير ڪيئي سويڪار،
ڪُرسي ڪاڻ ڦري وئين، تون به سيد کان يار،
ٺاهِي شرط شُروط جي، تو لمبي ديوار،
سائين جي تون فڪر جو، بڻجي ٿو مهندار،
سيد سان هي سنڌ آ، توسان گڏ غدار،
انهيءَ تي سُڏڪي پئي، سيد جي به مزار،
ويڙهي ولين جيئن ويا، ويڙهيچن ــ ويچار،
ها پر سيد جي ڪري، سنڌ ڪئي ماٺار،
تنهنجن هٿن ۾ ڏسي، دشمن جي تلوار،
سيد جي تاريخ کي، تون نه لَڄا سرڪار،
پنهنجي ايندڙ کيپ کي، تُون ڪر نه شرمسار،
ڪُرسي جو تڪرار، وفا کان ناهي وڏو.









سيد جي تون فڪر کي، سمجهين ٿو جاگير،
پنهنجي مرضيءَ سان پيو، مٽائين تحرير،
ڀرم ڀُوميءَ جو ڀَڃي، ٺاهين پيو تقدير،
ڪانئرتا جي ڪِيسَ جي، جوڙين پيو تصوير،
روح رنجايئي سنڌ جو، وڌئي سپنن ــ سِيرَ،
ڀوتارن سان تو هنيا، ڌرتيءَ دل ۾ تيرَ،
ڏٺي سين تنهنجي ميان! سيد ساڻ اُڪير،
سڏيئي، سائين! جنم تي، پير وڏيرا ميرَ،
جهُري پئي جندڙي الا! ڏنئي اهڙا جهيرَ،
تمغن جي تدبيرَ، ڀانءِ پئي توکي ڪيئن؟



جيڪي ويري سنڌ جا، تن جو يار نه ٿي،
سيد جي تون روح تي، ايڏو بار نه ٿي،
ايڏو ٻار نه ٿي، سياست ــ ڪُوڙي راند ۾.