پاڻيءَ جي ياد ۾
وارو ڙي وارو، سنڌ سُڪي وئي ساٿيو!
•
گُڊو، سکر، ڪوٽڙي، ماضيءَ جا نيشان،
تڪن پيا حيران، واٽون پاڻيءَ جون الا!
•
ڪيسين سنڌوءَ جو ڀلا، قيد ڪندين پاڻي،
نيٺ ته پُڄاڻي، ٿيندي اِنهيءَ قيد جي.
•
ڀلي منهنجي ڀُونءِ تي، ايڏا ويل وهاءِ،
ليڪن تُون نه ڀلاءِ، هر شيءِ ٿيڻي مات آ.
•
هوا ٿپڪي ٿي ڏئي، سنڌوءَ کي سُڏڪي،
سنڌو پر مُرڪي، چئي ٿو ناهي ڳالهه ڪا.
•
ناهي، ناهي ٺاهه ڪو، توسان هاڻ يزيد!
واري دريا ٿي ويو، اُڃ، اُلا هر ديد،
تنهنجي هر ترديد، ڪُوڙي ڪانئر! قوم جا.
•
پاڻي بنا ٿو لڳي، سنڌو ائين خالي،
اکڙيون سوالي، آهن ڄڻ آڪاس کان.
پکي،پکڻ ٿا روئن، سنڌوءَ کي ساري،
واري نهاري، اندر ۾ ٿا اَڌُ ٿين.
•
سنڌو سُڏڪي ٿو پيو، سنڌ ڏسي صحرا،
ڪُوماڻيل چهرا، ڪنڌيءَ مهاڻن ڏسي.
•
ناهن سنڌوءَ گهاٽ تي، ڏيئن ــ قطارون،
ڪاڏي ويون اوچتو، پکين ــ اُڏارون،
تاساريون تڙ تي الا! ٻيڙين ــ نِهارون،
ڏين ٿيون ميارون، مارن کي هِن حال جون.
•
سڀ ڪجهه ڄاڻيندي به ٿو،ڪرين اَڻ ڄاڻي،
تن جي حامي ٿو ڀرين، روڪيو جن پاڻي،
سيد جي سمجهي نه تو، سچي سمجهاڻي،
ڪُوڙي ڪَهاڻي، لکين پيو تون لوڀ جي.
•
ٽِڙن مُکڙيون موڙ جون، ٻَهڪن مُک سدا.
ساري سنڌ ادا، مينديءَ سان مهڪي پوي.
•
ڇيتيون ڇيتيون پهڻ جا، پٿر ٿي ويندا،
توکي جي ٿيندا، سسئي! سامهون پنڌ ۾.
•