شاعري

سنڌو ديسُ مهَانُ

هي ڪتاب ”سنڌو ديسُ مهانُ“ سنڌ جي خوبصورت شاعر بخشل باغيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3181
  • 1063
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بخشل باغي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو ديسُ مهَانُ

مُفلسيءَجوگيت

اسان جو سدائين رهيو کيسو خالي،
دوائن جون پَرچيون، پنا شاعريءَ جا،
اسان جي نصيبن جو اظهار بڻيا،
اڌوري ڪهاڻيءَ جو ڪردار بڻيا،
اکين جي اُداسي اُجهامي نه آهي،
خوابن ۾ منظر آ مايوسين جو،
بڻي زندگي گيت ڪو مُفلسين جو،
چون ٿا اسان کان خُدا ڪاوڙيل آ،
”اُهي“ جن سان پرچيل آ پئسي جيان،
جنين جو جياپو آ دوکي جيان،
لڳي ٿو اسان جو خُدا مُختلف آ،
هَنيو پنهنجي احساس تي جنهن ڪُلف آ،
جو غُربت جي گهاڻي ۾ پيڙهي رهيو آ،
ٿي مُنصف جنهن انصاف اهڙو ڪيو آ،
لکي مُفلسي جنهن اسان جي ئي نالي،
ڪيو جنم سان جنهن ڏکن جي حوالي ،
ازل کان حياتي جي سوغات اَرپي،
ڄمڻ کان مرڻ تا ابد مات اَرپي،
چون ٿا ڪي مخصوص ماڻهو خدا جا،
لکيل آسماني وارثت اِها آ.
متان ڪجهه ڪُڇي ڪو هدايت اِهاآ.
ڀلي ماڻهپو موت جو بَک بڻجي،
کپي ماڻهپو ڪين، رُتبو جيئي پيو،
ٻيا سڀ مَرن هڪڙو طبقو جيئي پيو.
اسان کي ڪيو ويو مرڻ لاءِ پيدا،
رڳو سرد آهون ڀرڻ لاءِ پيدا ،
سڄي زندگي هي چَتيون ٿي وئي آ،
اسان پو به ڀاڪر ۾ ويڙهي کنئي آ،
اسان پاڻ مان پاڻ اُتساهه ماڻي
جيئڻ جا بهانا بنائي جيئون ٿا،
مگر اي زمانا! نه سگهندين تون ڄاڻي،
وڏي ۾ وڏو بار آ زندگيءَ جو،
کڻي خالي کيسو جيئڻ آدميءَ جو! ،