شاعري

سنڌو ديسُ مهَانُ

هي ڪتاب ”سنڌو ديسُ مهانُ“ سنڌ جي خوبصورت شاعر بخشل باغيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3181
  • 1063
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بخشل باغي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو ديسُ مهَانُ

وٺي هر،هر جنم وربو

مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اِن ڳالهه کي شدت سان پئي محسوس ڪيو آهي ته ڌرتيءَ سان عشق جو جذبو دنيا جي ٻين مڙني رنگن ۽ حُساڪين کان تمام اُتم ۽ سگهارو ٿئي ٿو. مون فطرت جي رنگين کان وٺي انساني سونهن تائين جي سحر ۾ رهي ڪري به اهڙو اُجرو، فخر لائق احساس، جذبو ڪين پاتو آهي. جيڪو مون هميشھ سنڌ سان عشق واري احساس ۾ پاتو آهي. ڇاڪاڻ جو انساني حُسن ۽ فطرت جون اَنيڪ رنگارنگيون پنهنجي جاءِ تي پر ڌرتيءَ جي دين جو رشتو لازوال ۽ اَمر ٿئي ٿو. حالانڪ انساني سونهن جنهن سان اُنس وارو احساس جڏهن پنهنجي عروج تي پهچي اگر سڄڻ مان ساڻيهه جي سچائي جي وسعت نٿو ماڻي ته پوءِ اهو جذبو جوالا بڻجي ڪڏهن به دوام حاصل نٿو ڪري سگهي.
فاني حُسن جي دلربائي پنهنجي جاءِ تي پر لافاني ڌرتيءَ جي حُسن ۽ حقيقت جي سچائي ڪڏهن به لڪي نه ٿي سگهي اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڀٽائي، سائين جي ــ ايم سيد، شيخ اياز، وغيره پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ، فڪر ۽ فلسفي کي دوامي بنائڻ لاءِ پنهنجي مزاجي مُحبتن کي حقيقت ڏانهن مُنتقل ڪيو. ۽ هو سڄڻ کي ساڻيهه جي روپ ۾ پسيندا امر ٿي ويا. ان امرتا جي امرت کي محسوس ڪرڻ يا پائڻ لاءِ حقيقت جي واٽ وٺڻ لازمي شرط آهي.اُها حقيقت جي واٽ صرف ۽ صرف ڌرتيءَ جي سيني مان ئي ڦُٽي نروار ٿئي ٿي. اهڙي واٽ جنهن تي غُلامي جو غلاف حرام آهي. جنهن تي لا تعلقي اڻ ڄاڻائي، انفرادي آزاديءَ جو تصور، غداري، ڪانئرتا جهڙا خيال کامي پڃري سڙي رک ٿي ويندا آهن. جنهن تي وفاداري، سچائي، اجتماعي آزاديءَ، قومي عشق ۽ حُسن جا پَڪا پختا قدم ئي مَحو سفر رهي سگهن ٿا. اِن شعور جون لاٽون ڀٽائيءَ جي جلايل لاٽ مان اڄوڪي سنڌ تائين پهچائڻ ۾ مرد مُجاهد، اڄ جي سنڌ جو سچو کرو مهندار، سنڌ جي نئين تاريخ جو بي مثال سورمو سائين جي ــ ايم سيد ئي آهي. جنهن ڀٽائي جهڙي اعليٰ شاهڪار ۽ امر شاعر جي شاعري کي وسيع معنوي ڪئينواس ڏئي،ماڻهن جي جوڙيل مخصوص ۽ محدود حدُن مان اُن کي ڪڍي پنهنجي اصل منصب واري مقام تي پهچائي ڀٽائي کي قومي شاعر طور شناسا ڪرائي سندس ڏات جي اُجرن موتين کي ڌرتيءَ جي جهولي ۾ سوغات طور ڀري ڇڏيو. سهڻي، سسئيءَ، ماروي وغيره کي جديد سنڌ جي آزادي جي ارڏن ڪردارن ۽ جدوجهد جي علامت بڻائي سنڌ جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ شريڪ ڪري ڇڏيو. سنڌ کي پنهنجي اصل سُڃاڻپ ڏئي هِن سنڌ، سنڌي قوم کي عالمي اصولن تحت دنيا ۾ ڀرپور نموني سان جيئڻ جو فطري سبب جوڙي ڏنو.
اهوئي ڪارڻ آهي جو مون جهڙو هڪ ننڍڙو ماڻهو به سيد جي فڪر ۽ فلسفي جي روشنيءَ ۾ پنهنجي ديس کي ڏسي ٿو. ۽ اُن شعور تي فخر ڪندي شاعريءَ جي جوت ڌرتيءَ جي بدصورت اونداهي حالتن ۾ روشن رکڻ جو ساهس رکي ٿو. اِها ڳالهه مون لاءِ وڏو گَروَ رکي ٿي ته مان ڀٽائي، شاهه عنايت، مخدوم بلاول، هوش محمد شيدي، دودي سومري، راجا ڏاهر، ۽ سائين جي ــ ايم سيد واري راهه جو پانڌئيڙو آهيان. مون لاءِ ڌرتيءَ ۽ قومي شناسيءَ جو ڏڍ ايترو ته ڀرپور آهي جو مان حالتن جي اڄوڪي پيچده هٿ ٺوڪي، ۽ حد کان وڌيڪ ڀيانڪ، هن رياستي وايو منڊل ۾ وڏي اُتساهه سان سڄي قوم سميت مهاڏو اٽڪايان پيو. نه ته دنياوي حُسن ۽ عشق ئي مون جهڙي حساس ماڻهو کي ڪڏوڪو رُولي ڪنهن اوجهڙ ۾ اُڇلي ڇڏين ها، اُن ڪري به حُسن ۽عشق جي افاديت کان مُنهن نه مٽيندي اهو به هڪ اعتراف ڪرڻ بهتر آهي. ته حُسن ۽ عشق جي اِن جذبي تي هميشه ڌرتيءَ سان دم نڀائڻ وارو گهرو احساس حاوي رهندو ئي آيو آهي. توڙي جو مان پنهنجي شاعريءَ ۾ پڙهندڙن کي هڪ رمانوي، حسن پرست، ۽ حساس دل شاعرته لڳان ٿو پر انهن مڙني جذبن جو بنياد سچ ته هي سنڌ جي ڌرتي آهي. جنهن جي انساني سونهن توڙي فطري سونهن مان ئي ديس جي دلبري جنم وٺي منهنجي ساهن ۽ دل جي ڌڙڪن سان گڏوگڏ هلندي منهنجو جياپو بڻجي پئي آهي. اهوئي سبب آهي جو منهنجا جيڪي به شاعريءَ جا ڪتاب ڇپيا آهن. سچ ته اُنهن جي ڇپجڻ جي خوشي ته ضرور ٿيندي آهي. پر جيڪا خوشي مون کي پنهنجي قومي شاعريءَ جي ڪتاب ”سپنو سنڌو ديس جو“ جي ڇپجڻ تي ٿي هئي اوتري ئي مون کي پنهنجي اولاد، مِلي، مُونسِ۽ سِپ جي جنم تي ٿي هئي. ۽ وري اڄ جڏهن پنهنجي نئين قومي شاعري جي ڪتاب ”سنڌو ديس مهان“ لاءِ ٿي رهي آهي اُن جو ته اظهار ڪرڻ منهنجي وس ۾ ئي ناهي، منهنجي دلي خواهش آهي ته مون کي سنڌ جي قومي شاعر طور سُڃاتو وڃي. منهنجي لاءِ اهو ئي وڏي ۾ وڏو ڌرتيءَجو اعزاز آهي.
”سپنو سنڌو ديس جو“ جي مهورت ته مون سَن ۾ سائينءَ جي سالگره تي سائين عبدالواحد آريسر صاحب کان ڪرائي هئي. اُهو ئي سائين آريسر صاحب جنهن سان مان شايد 90،89ع ۾ نواب شاهه ۾ مليو هئس. اُن وقت مان اڃان ننڍو هئس پر ڪچي ڦڪي سنڌي شاعريءَ به ڪندو هئس اُن ملاقات واري تصوير اڄ به مون وٽ محفوظ آهي. مون اُتي آريسر صاحب کي پنهنجي ڪچي ڦڪي شاعريءَ مان ڪجهه شاعري ٻُڌائي هئي، جنهن مان هڪ شعر مون کي اڄ به ياد آهي ته:
متان سنڌڙيءَ تي اک کڻي، تون دشمن آن اسان جو،
اِها ڀُل آ توکي سنڌڙيءَ تي سِر قربان آ اسان جو. (باغي)
۽ آريسر صاحب مون کي اُتساهيندي شاعريءَ جي اُستادي لاءِ سائين راشد مورائي سان ملائڻ لاءِ چيو هو. پر پوءِ راشد سائين سان مان ڪو نه ملي سگهيو هوس. توڙي جو سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ مان سائين راشد مورائي جي شاعريءَ وسيلي ساڻس اڳ ۾ ئي ملي چُڪو هئس. ۽ ڀٽائي، اياز، حليم باغي، راشد مورائي، سرڪش سنڌي، عبدالڪريم گدائي، محمد خان مجيدي، ابراهيم مُنشي، زاهد شيخ، عبدالحڪيم ارشد، جمن دربدر تاج جويي وغيره جي شاعري وڏي شوق ۽ غور سان ٻُڌندو هئس. سائين ارشد ته شايد اٺين درجي ۾ اسان جو ڪلاس جو پيرڊ به وٺندو هو. ۽ ساڻس پنهنجائپ ۽ شناسائي هئي. ائين عشق، حُسن جي سحر ۾ منڊجڻ واري وهيءَ ۾ به ڪنهن نه ڪنهن طور، يا طريقي سان منهنجي روح جي ديس سان تند جُڙيل هئي. جيڪا هاڻ وڌي هڪ اهڙي جڙ بڻجي پئي آهي. جنهن جي نڪرڻ سان مان ختم ٿي ئي ويندس.
”سنڌو ديس مهان“ ۾ ڏنل شاعري کي ڪتابي صورت ۾ سهيڙيندي مون کي ائين پئي ڀاسيو ڄڻ مان پنهنجي وکريل وجود کي وري هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور سگهه سان سهيڙيندو هُجان، ڄڻ پنهنجي تڪميل جي سفر تي هُجان ڇاڪاڻ جو عالمي امن، تازو آيل سنڌ ۾ هٿ رادو ٻوڏ، اجرڪ، ٽوپيءَ جو ڏهاڙو، درياهه جو سوڪهڙو، سيد جي فڪر ۽ نظريي سان اُنس پنهنجي ديس ۾ خانه بدوشيءَ جو احساس ۽ ڌرتيءَ جا ٻيا انيڪ مسئلا منهنجي شاعراڻي ڏات جي فطري سگهه پئي رهيا آهن.
دنيا جو انقلابي ادب پڙهڻ ۽ پنهنجي ديس جي غلامي وارين حالتن مان گُذرندي هڪ شاعر هئڻ جي ناتي منهنجو ايمان ٿي چُڪو آهي. ته اديب کي پنهنجي سماجي نا همواري وارين حالتن ۾ قلمي ۽ عملي طورتي سچائي ۽ ڀرپور نموني سان قومي آزادي جي هلچل ۾ گڏ گڏ هلڻ گهرجي انقلاب، خواهشن ۽ خوابن کان ماوارا هڪ اهڙي حقيقت جو عمل آهي. جنهن ۾ ارادن جي اڏولتا، حوصلن جي قوت، ۽ مُسلسل طويل پيرين پنڌ جي ضرورت هوندي آهي. اُن کان اعلاوه ڀٽائي، اياز، ۽ سائين جي ــ ايم سيد جي فڪر ۽ ڏات جي روشني ۾ به هي سنڌي قوم انفرادي آزادي، جي نشي ۾ ڌُت آهي جو هُو قومي قافلي ۾ عملي جدوجهد کان ونءُ ٿي وڃي. جڏهن ته وفاق پرست سياست جي پويان لڳي ٽڪي جي ذاتي مُفادن تي قربان ٿي وڃي ٿي ۽ پنهنجن جي مخبري ڪندي ڪنهن شاعر جي شعر جي عڪاسي تي ڪري ته:
مون پَڪ سُڃاتا پنهنجا ها ڪلهه ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾،
ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾.
(ابراهيم مُنشي)
پر اها صورتحال سموري سنڌي قوم لاءِ به وقف نٿي ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ جو ”اڃا ڪي آهين ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي“ جي مصداق اهڙا حق ۽ سچ لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪاپڙي به آهن جن کي به ڪن شاعرن پنهنجو اُتساهه بخشيندڙ ڪردار سمجهي ائين به چيو ته:
او مور سنڌي، شهزور سنڌي، وک چور ته مان قربان ٿيان.
هر رهزن جو، سنڌ دشمن جو ڪنڌ ڪور ته مان قربان ٿيان.
(تاج جويو)
يا:
وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو.
ختم اُونداهه ٿي ويندي چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو.
(جمن دربدر)
ڀٽائي ۽ اياز کان پوءِ سائين جي ايم سيد جي عملي جدوجهد ۾ اهڙا شاعر به آهن جن وٽ اُميد ۽ اٽل ارادي واريون ڀرپور خوبيون سندن ڏات مان جلووا افروز ٿينديون رهيون آهن. اُن ساڳي ڪتاب ”سپنو سنڌو ديس جو“ جي مهورت منهنجي نظرياتي دوست مسعود خاصخيلي پنهنجي ذاتي دلچسپيءَ جي آڌار تي جسقم دوڙ شهر ۾ رچائي هئي. جنهن جي صدارت بشير خان قريشي ڪئي هئي ۽ مهمانِ خاص خاڪي جويو هو. اُن پروگرام ۾ هڪ ته منهنجا ادبي دوست شريڪ نه ٿيا هئا. پر جيڪي دوست آيا به هئا. ته اُنهن اسٽيج تي تقرير کان معذرت ڪئي. ۽ ڀوڳن،ڀوڳن ۾ دل جي حقيقت ڪيائون ته يار اسان اڃان ته رٽائر ٿي پينشن به نه کنئين آهي، پروگرام ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪجهه دوستن مون کي پاڻ سان ٿيندڙ اُن پروگرام کان به روڪيو پئي. ۽ چيائون پئي ته گهر جو وڏو آهين. رُلي ويندين پرمون کين چيو ته اگر اهڙو وقت آيو به ته اُن کي مُنهن ڏبو.
سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ نظريي جا اثر سنڌ جي سڄي ڪلچر تي، چٽا پٽا نظر اچن ٿا.اُهو سائين ئي هو جنهن پنهنجي نظر بنديءَ دوران بتيءَ يا ڏيئي جي جهيڻي روشني ۾ اهڙا ته عظيم ڪتاب تحرير ڪيا جو اُنهن جي سُرهاڻ سموري سنڌ جي ذهنن کي پنهنجي خوشبو سان واسي ڇڏيو آهي. ٻي پاسي جڏهن سائين عملي جدوجهد ۾ ٻاهر پئي لٿو ته سڄي سنڌ ۾ ٿرٿلو پئي پئجي ويو ۽ حڪمرانن جا حواس ئي خطا ٿي ٿي ويا. اهڙي عظيم شخص سنڌي قوم کي پنهنجا سورما، پنهنجو ڪلچر، پنهنجي تاريخ، ٻولي، ڀٽائي جهڙو آفاقي ۽ عالمي شاعر ڳولي بلڪ اڄ جي سنڌ کي ”ديوار سنڌو“ يعني ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ جهڙو شاهڪار ڪتاب ڏنو جيڪو سنڌ جو هڪ ڀرپور مقدمو آهي. جنهن ”ديارِ دل داستان محبت“ جهڙو لازوال ۽ سنڌي ادب کي ڪلاسيڪل ڪتاب ڏنو.جنهن ۾ عشق ۽ مُحبت، حُسن ۽وفا جهڙن اهم موضوعن کي پنهنجي نظريي جي رنگينن ذريعي مُنفرد رنگ ڏئي پيش ڪري سنڌ جي سونهن ۽ سڀيتا کي واضع ڪيو آهي. سياست، فلسفي، ادب، تاريخ، تمدن، مذهب، سماجيات وغيره تي سائين جيڪي پنهنجي شعور جا واهڙ وهايا آهن. اُهي سنڌ جي نصيب جو هڪ اهڙو ته سڻائو ساءُ آهن جن کان سواءِ اڄ جي سنڌ غلاميءَ جي ڪرب ناڪ احساس کان ڪڏهن به سُڃاڻ نه ٿي سگهي ها. اڄ جڏهن سنڌ ۾ سنڌين جا ڏهاڙا ملهائجي رهيا آهن ته اها پوک به سائين جي ايم سيد جي پوکيل آهي. اڄ جي ڪوبه سنڌ جي ڳالهه ڪري ٿو ته اُهو به سيد جي سوچ جو مُثبت نتيجو آهي.
سائين جي ايم سيد سنڌ جي تصور کي پنهنجي نظريي سان مڪمل ڪري هڪ اهڙي امرتا جو مقام ڏنو آهي. جيڪو سنڌ جي آزادي تائين سنڌي قوم کي فنا نه ٿيڻ ڏيندو. اها سنڌي قوم جي خوش نصيبي ۽ هِن رياست جي حڪمرانن جي بد نصيبي آهي جو سنڌ کي سائين جي ايم سيد جهڙو محافظ پُٽ مليو جنهن پنهنجي سوچ ۽ ويچار، عملي ڪارڪردگي ، ۽ ڪردار جي پاڪائي سان قوم کي هڪ اهڙي ته قوت عطا ڪئي آهي. جيڪا دشمن کي گوڏا کوڙائڻ جي همت رکي ٿي. بس رڳو اُن طاقت کي يڪجاءِ ٿيڻ جي ضرورت آهي. ۽ اُهو وقت پري ناهي جو سڄي سنڌ سائين جي ٻاريل عشق جي مچ تي پنهنجي بي حصي جا سرد هٿ، وفا جي گرمائش سان گرم ڪري هڪ انساني زنجير جي صورت اختيار ڪندي ۽ اتحاد جي آواز سان هم ڪورس ٿي آزادي جا گيت ڳائيندي منزل طرف وڌندي.
بخشل باغي
اڱارو، 21 ڊسمبر 2010ع
Cell: 03003217411