ڳوٺ
سنڌ جا وستيون ۽ واهڻ،
شهر جون سڀ رونقون،
مون کي پنهنجون ٿيون لڳن،
۽ سڀئي هي ديس واسي،
ڄڻ ته منهنجا خواب آهن،
مان به هن ڌرتيءَ مٿان،
ديس پنهنجو ٿو رکان،
مون کي پنهنجي قوم آهي،
پنهنجو اجرڪ، پنهنجي ٽوپي،
منهنجي آ تهذيب جُهوني،
ڀاڳوند آهيان وڏو،
ديس منهنجو آ سڄو،
مون کي پنهنجي آهي ٻولي،
ٻول، جنهن جا، ٻاجهه جيئن ٻاجهارڙا،
شاهه، سامي، ۽ سچل،
خواب جن جا ڪئي ڏٺل
خواب جيڪي پيارڙا
مون کي تن تي آ فخر،
گَروَ، ان منهنجي جُهريل هن جيءَ کي.
ٻَل آ ڏنو،
ها! مگر احساس هڪڙو،
ٽوهه جهڙو
منهنجي سانڀر کان وٺي
مون کي کائيندو اچي ٿو،
ڄڻ نهائينءَ ۾ مٽيءَ جو،
ٿانءُ ڪو پچندو رهي ٿو
روح ٽچڪندو رهي ٿو،
روز ٿو دل کي اڏوهيءَ جيان چٽِي
ڪرٽ وانگر ٿو ڪٽي،
ڪو اباڻو ”ڳوٺ“ منهنجو ڪين آهي،
ڳوٺ جنهن سان
ذات پنهنجي کي کڻي منسوب ڪيان،
ڪو حوالو دوستن ۾.
ڳوٺ جو مان ڀي ڏيان،
جنهن جي ٻنين ۽ واهڻ ساڻ مان
ڪونه ڪو ناتو ڳنڍيان،
سونهن جنهن جي دل جي ٻوليءَ ۾ چٽيان
ڳوٺ، پنهنجي، جي انهيءَ احساس ۾،
لوساٽجي
پاڻ کي مان شهر جي
پُرشور ڪنهن فٽ پاٿ تي
ڄاول پيو محسوس ڪيان
ڪو اڀاڳو ۽ يتيم،
شهر، جنهن جي پيچرن تي ڪيتريون ئي رانديون رهندي
۽ رولاڪيون ڪندي
پلجي وڏو آهيان ٿيو،
ها، مگر ان شهر ۾
مون کي پنهنجو گهر به ناهي
ڪا دري ۽ در به ناهي
گهر، جنهن جو ڇانورو آهي اُڌارو،
پو به مون کي آهي پيارو
هيءُ دلبر ديس سارو
پو به آخر ڪيترو اي ديس!
تنهنجي مان وسيع ڌرتيءَ مٿان
اوپرو جيئندو رهان!؟
اوپرو جيئندو رهان!؟
•