دربدر ٿي ويل ديس جي ڪهاڻي
سنڌو درياهه جاڳي پيو،
سموري سنڌ لاءِ هيل،
سُڏڪا سانوڻي ٿي پئي،
کڄن جا ڏي به ٿيون نظرون،
رڳو ڇر، ڇوليون آهن،
ٻُڏڻ جون ٻوليون آهن،
ڪچي جا ۽ پڪي جا خواب،
سُهڻيءَ جيئن ٻُڏن ٿا پيا،
رڳو آهون، رڳو دانهون،
ٻُڏي ويون ٻوڏ، ۾ ٻانهون،
مگر، ميهار ڪو اِن حال ۾،
آيو اڃا ناهي،
جو ٻُڏندڙ سنڌ ــ ”سُهڻي“ جو،
سهارو ٿئي، ڪنارو ٿئي،
مگر، سنڌوءَ ڪنارن جو
ڪٿي ڪو ڀي پتو ناهي.
سموري سنڌ جي ڌرتي
دريا جو ڏيک ڏئي ٿي پئي،
ٻُڏي ويا مور مارن جا،
ڍڳا ۽ ڍور مارن جا،
نماڻا نيڻ پوڙهيءَ جا،
اُجهاڻيل نُور جون لاٽون،
نِهارن ڳوٺ جون واٽون،
نه جن کي ڪو اَجهو سِر تي،
کُليل آڪاش جي هيٺان،
حياتيون بُک ٿي ڀيلي،
ڪوئي ڀي ڪين آ جيڪو،
ٻُڏن جو آسرو بڻجي،
وطن لئه آجپو بڻجي
ٻُڌي جو دربدر هِن ديس جي،
دل سان ڪهاڻيءَ کي،
اُهو محسوس نيڻن ۾،
ڪندو سنڌوءَ جي پاڻيءِ کي.
سڄي سنڌ درد وندي آ،
گُهلي ٿو ڏُک هوائن ۾،
کُٽي ويو آب اکڙين جو،
رَڙي رُڃ ٿي نگاهن ۾،
مگر پوءِ به سنڌوءَ جي
وڃي دهشت پئي وڌندي،
ٻنن، ٻنين کي ٻوڙيندي
پُڳي آ سمنڊ جي ويجهو
نئين هڪ سنڌ جوڙيندي،
سُجاڳيءَ جي نئين سج سان!!!
•