پنهنجي ڌرتيءَ تي اڃا،
خانه بدوشي،
آخر ڪيستائين؟
بُک ــ عدالت ۾ سدا،
غربت جي پيشي،
آخر ڪيستائين؟
تنهائيءَ به چئي ڏنو،
ايڏي خاموشي،
آخر ڪسيتائين؟
ديس، ڌڻين جي ديس ۾،
رهندي رُوپوشي،
آخر ڪيستائين؟
ڏوهه نه ثابت ٿي سگهيو،
پو به اڃا دوشي،
آخر ڪيستائين؟
ماڻهوءَ مَن ۾ ٿو وَسي،
ورهين کان وحشي،
آخر ڪيستائين؟
ماکيءَ جيان محسوس ٿي،
تنهنجي سرگوشي،
آخر ڪيستائين؟
ڌرتيءَ تي به ڌيان ڏي،
”باغي“ مَي نوشي،
آخر ڪيستائين؟