شاعري

سنڌو ديسُ مهَانُ

هي ڪتاب ”سنڌو ديسُ مهانُ“ سنڌ جي خوبصورت شاعر بخشل باغيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3181
  • 1063
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بخشل باغي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو ديسُ مهَانُ

سال نئون يا ڪي پُراڻو، ديس سارو دربدر،

سال نئون يا ڪي پُراڻو، ديس سارو دربدر،
بُک، بيمارين ۾ ساڻو، ديس سارو دربدر.

ذات جي عينڪ اکين تان، ٿورڙي لاهي ڏسو،
درد، ڌرتيءَ جو سُڃاڻو، ديس سارو دربدر.

اي مسافر! ڇا ڏئي توکي،پَتو رولاڪ هي،
ڪينَ ڌڻين جو ٺڪاڻو، ديس سارو دربدر.

هُو جو سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي ويهي واهر هو ڪندو،
سو پکي ڀي ويو اُڏاڻو، ديس سارو دربدر.

رت تنهنجي ۾ نه شايد،اَن ڌرِتيءَ جو هُيو،
تو ملهايو ڪينَ داڻو،ديس سارو دربدر.

سُڃ سنڌوءَ جا ڏسي هاءِ! ڪنارا روهه جيان،
لُڙڪ پيو لاڙي مهاڻو،ديس سارو دربدر.

ڪهڙي آزادي ملهايو پيا جشن جي روپ ۾،
قيد آهيو اي اياڻو! ديس سارو دربدر.

پيڙهجي ٿي روز غُربت، روز ٿا هَڏَ چُور ٿين،
حالتن جو تيز گهاڻو، ديس سارو دربدر.