اَمن جي نالي
وري حُڪمرانن جي
هوڏن هَٿان
اَمن جو اڄ اُڃارو گهڙو آ ڀَڳو
مَٿان کان اچي بم ڌرتيءَ جي،
مُنهن ۾ لڳو
سندس خواب سڀئي ڀسم ٿي ويا،
اڳي ساڀيان کان ختم ٿي ويا.
سڄو نيرو اُجرو هو آڪاس،
دونهين جي زد ۾ اچي،
ويو آ ڪاراٺجي
سَموري فضا ۾ آ بدبوءِ بارود جي
نشو هيءُ طاقت جو ڏاڍو بُرو آ
تکو ڄڻ ڇُرو آ.
جو هر پل اَمن جي ڳلي تي وهي ٿو،
جهڪو ئي نه ٿئي ٿو.
رُڳو ٿي ڌماڪن سان ڌرتي ڌُڏي،
موت ويران رستن مَٿان ٿو ڪُڏي،
هُو معصوم ٻارن جون ريهون،
ستئي اُڀ ڏارين ٿيون،
خُدا کي پُڪارين ٿيون،
امن لئه نهارين ٿيون،
اِنهيءَ آس تي بس گُذارين ٿيون ته!
الائي ڪڏهن؟
”هي جي وحشي درندا
جي انسانيت تي وڏا داغ آهن،
جنين جي هَٿن ۾
اسان جي حياتين ۽ ڀاڳن
جا سڀ واڳ آهن.“
اسان کي امن سان هي، جيئڻ
ڇڏيندا
اهوئي فقط حق ڏيندا
اسان کي نٿو ڪجهه به گهرجي،
سندن کان
اسان کي فقط هاڻ آزاد ڪن
سرحدن کان.
ته عالم جوجيئن سارو
انسان گڏجي،
پري جنگ، دهشت کان
امن ۽ محبت سان
نئون جڳ ڪو اَڏجي،
سدا جو امن جي ئي نالي سان سڏجي،
سدا جو امن جي ئي نالي سان سڏجي.
•
* آمريڪا پاران عراق تي مڙهيل جنگ جي پس منظر ۾