شاعري

سنڌو ديسُ مهَانُ

هي ڪتاب ”سنڌو ديسُ مهانُ“ سنڌ جي خوبصورت شاعر بخشل باغيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3181
  • 1063
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بخشل باغي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو ديسُ مهَانُ

موهن جي دڙي جي صدا

مٽِي اُڏاري ٿي چوي، مون سان ڳالهايو.
مون سان کيڏي راندڙيون، مون کي بهلايو.
مون تي پنهنجي پيار جو، ڪجهه ته ڪيو سايو.
مون مان ٺاهي اَمن جا،ڏيئڙا جلايو.
ڦٽل موهن شهر کي، ٻيهر اڏايو.
ڀر مان وهندڙ تيز سو، سنڌو وهايو.
موهن کي مهراڻ تي، وري سڏايو.
هيءُ گهٽيون ڀڙڀانگ سڀ، ٻيهر مچايو.
اَڀاڳيءَ هن قوم جو، ڌيان ته ڇڪايو.
ڇو ٿا بي احساس ٿي، موهن مٽايو.
ڇو ٿا مٽي، مٽيءَ جي، هيٺان لٽايو.
ڇو ته موهن تاريخ جو، اٿوَ سرمايو.
دنياداريءَ ۾ نه سو، هَٿان وڃايو.
اُٿو ٻچا سنڌ جا، موهن بچايو.
ائين نه ٿئي جو سنڌ ڀي، دڙو بڻايو.
انهيءَ کان اڳ ۾ سُتل، سڀئي جاڳايو.
جهنڊو سنڌوديس جو، ڳاڙهو لهرايو.
مون ۾ دٻيل خواب ڪئي، اٿوَ کوٽايو.
مون کي مٽيءَ واءُ ۾، مُٺ نه اُڇلايو.
مون کي ڌارين جي هٿان،ائين نه مارايو.
نه ئي موهن جيان توهين، رُسو اَجايو.
مون تي ميلا پيار جا، گڏجي مچايو.
چوڏهينءَ چندرما، مَٿان، اُڀري چمڪايو.
کوهه اهي ويران سڀ، سکيون! وَسايو.
لڪي درين ــ اوٽ مان، ليئا ڪي پايو.
نغما نئين نينهن جا، جُهومي ڪي ڳايو.
مون ۾ ٻيهر ٻار ٿي،خود کي ليٽايو.
ڀري ٻُڪڙا واءُ ۾، ٻيهر اُڇلايو.
ٻاري ڏياريءَ جا ڏيئا، سنڌو جرڪايو.
هوليءَ جا هر مُک تي، رنگ کلي لايو.
کيڙي سيني کي سندم، هر اچي ڪاهيو.
مون کي وسايو، موهن جي نئين روپ ۾.