زمانن کان آهن ڳچيءَ ڳٽ ساڳيا،
اسان جا نه ڀرجي سگهيا ڦٽ ساڳيا.
اڃا ڀي حقن تي سندءِ حڪمراني،
اڃا ڀي ڳجهن جيئن تنهنجا جهٽ ساڳيا.
ڪٿي آهين اَبري ڪرم جا او مالڪ،
اُڃا ڇو اَڃا سنڌ جا پٽ ساڳيا.
نه پيرن جي آهٽ نه ڪا انتظاري،
نماڻا پيا هِن مگر گهٽ ساڳيا.
اِنهن جا ئي هٿ هُوندا تنهنجي ڳچيءَ ۾،
اِنهن کي نه تون سمجهجان ڄٽ ساڳيا.
نه مَٽ سي پروڪا، متارا نه موکي،
نه هوڪا نه واڪا، نه ئي هَٽ ساڳيا.
اڃا ڀي ملين ٿو تون مُنهن کي گُهنجائي،
اڃا ڀي ڇا تنهنجي اندر ڪَٽ ساڳيا؟