شاعري

سنڌو ديسُ مهَانُ

هي ڪتاب ”سنڌو ديسُ مهانُ“ سنڌ جي خوبصورت شاعر بخشل باغيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3181
  • 1063
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بخشل باغي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو ديسُ مهَانُ

اُٿو سنڌيو!

اُٿو سنڌيو! پيئو جامِ شهادت،
وطن لئه ويڙهه آ، پنهنجي عبادت.

هي خاڪي وردين وارا، سنڌين جا قاتل سارا،
جِن رت ۾ لال ڪيا هن، ڌرتي جا دولهه، دارا،
ڇڏي ويڇا، سڀئي گڏجو ”سيد“ جي آهدايت
وطن لئه ويڙهه آ پنهنجي عبادت.

هي پنهنجي درد ــ ڪهاڻي، سنڌو ۾ ناهي پاڻي،
تو، بند يزيدَ! ڪيو آ، سنڌڙيءَ جو داڻو، پاڻي،
نه چُپ رهبو وڙهي مَربو، ڪَندي توسان بغاوت،
وطن لئه ويڙهه آ پنهنجي عبادت.

هي اجرڪ، ٽوپي پائي، جهومَڪ ۽ نٿ سَجائي،
سڀ مارو جُهومي نچندا، ”سيد“ جو سَڏُ ورنائي،
فقط هڪ ئي، اَمن! تنهنجي، رڳو رهندي جماعت،
وطن لئه ويڙهه آ پنهنجي عبادت.

هي بُک، ڏُڪر ۽ غُربت، تولئه پرڪا به نه حيرت،
تون انڌو راڄ ٿو ٺاهين، ان راڄ کان آهي نفرت،
ڪري ٽُڪرا، تُنهنجي ڪُوڙا، ڇڏينداسين رياست،
وطن لئه ويڙهه آ پنهنجي عبادت.

هت ”سنڌو ديس“ اَڏائي، ۽ ڊيم سڀئي ڊهرائي،
توکان وٺبي آزادي، هي لال جهنڊو لهرائي،
توتي تاڻي، ڪبي هاڻي ڪهاڙيءَ سان حفاظت،
وطن لئه ويڙهه آ پنهنجي عبادت.

هي سامي، شيخ، ڀٽائي، سچل، مخدوم، سنائي،
هوشو، هيمون ۽ دولهه، ”باغيءَ“ کي پڪ ڏياري،
ڏکي ٿيندي نه هي سنڌڙي، چيو آ شاهه عنايت.
وطن لئه ويڙهه آ پنهنجي عبادت.