شاعري

سنڌو ديسُ مهَانُ

هي ڪتاب ”سنڌو ديسُ مهانُ“ سنڌ جي خوبصورت شاعر بخشل باغيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3181
  • 1063
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بخشل باغي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو ديسُ مهَانُ

ٻاجهاري ٻوليءَ ۾ ڪيل شاعري

عربيءَ ۾ چيو ويندو آهي ته شاعر خُدا جا شاگرد آهن. اُن جو مطلب اِهو ٿيو ته شاعر نئين دُنيا جا ٺاهيندڙ فرد ٿيندا آهن. منهنجي سامهون هِن وقت نوجوان شاعر بخشل باغيءَ جي شاعريءَ جو ڪتاب ”سنڌوديس مَهانُ“ آهي، ۽ حقيقت اِها آهي ته بخشل باغي جي ٻاجهاري ٻوليءَ ۾ ڪيل شاعري سنڌ ۾ هڪ نئين ڪائنات اڏيندي، جيڪا خوبصورت ۽ خوشي ڏيندڙ هوندي. اهڙي ڪائنات ٺاهڻ جا جذبا ۽ اُمنگون بخشل جي شاعريءَ ۾ موجود آهن.
هڪ ڪامياب شاعر لاءِ ٽي شيون مدِنظر رکڻيون پونديون آهن. هڪ ”زمان“، يعني جنهن دور ۾ هو شاعري ڪري ٿو، اُن دور جون حالتون ۽ ماڻهن جي خوشي ۽ غم ڪهڙي قسم جا آهن. اُنهن شين جي باغي جي شاعريءَ ۾ موجودگي آهي. ٻيو ”مڪان“، يعني جنهن خطي ۽ علائقي ۾ هو شاعريءَ ڪري ٿو. اُنهن جي دُکن، دردن جي ڀرپور عڪاسي ٿيل هجي، پر اُنهيءَ پيڙا واري دنيا مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ جيڪا جدوجهد هلي ٿي، اُن جو هُو پاڻ به حصو هُجي. اُنهيءَ معنيٰ ۾ بخشل باغي سنڌ جي نجات لاءِ هلندڙ جدوجهد لاءِ ڀرپور حصو وٺي رهيو آهي. اُن جو ثبوت سندس شاعريءَ جو مجموعو ”سپنو سنڌو ديس جو“آهي، ٽيون، شاعر، تخليقڪار، سرجڻهار لاءِ پنهنجي تخليق جو ڪو نه ڪو مقصد هُئڻ گهرجي. صرف تفريح ۽ ذهني آسودگيءَ شاعريءَ جا گهربل مقصد پُورا نه ٿي ڪري سگهي. بنيادي طرح ادب، اهو نظم هجي يا نثر اُن جا ٽي مقصد هئڻ گهرجن. هڪ تفريح، ٻيو تعليم، ٽيون انقلاب، جنهن ادب ۾ انقلاب جي کوٽ هُجي ته اهو ادب جي مڪمل وصف تي پورو نٿو لهي.
بخشل باغيءَ جي شاعري ۾ اِهي ٽئي شيون موجود آهي. اُن ڪري بخشل باغي جي شاعريءَ تي اعتماد ۽ پيار ٻئي وڌن ٿا.

عبدالواحد آريسر
اربع، 15 ڊسمبر 2010ع