شاعري

سنڌو ديسُ مهَانُ

هي ڪتاب ”سنڌو ديسُ مهانُ“ سنڌ جي خوبصورت شاعر بخشل باغيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3181
  • 1063
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بخشل باغي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو ديسُ مهَانُ

عشق جو آواز ــ باغي شاعر

اڱڻ تازِي، ٻاهر ڪُنڍيون، پکا پَٽِ سونهن،
سُرهي سيج، پاسي پرين، مر پيا مينهن وسن،
اسان ۽ پرين ــ هئن برابر ڏينهڙا.
(شاهه)
مرشد لطيف جي هن بيت ۾ سماجي ثِقافتي ۽ رومانوي تمنائن جي عڪاسي ٿيل آهي. ڀٽائي متوجهه ٿو ڪرائي ته، خوبصورت گهر هجي، گهر جي اڱڻ تي جهجو کير مکڻ ڏيندڙ نج سنڌي نسل جون ڪُنڍيون مينهون بيٺل هجن ۽ ان جي ڀرسان اعليٰ نسل ۽ تيز رفتار وارا تازِي گهوڙا موجود هجن، مطلب ته اَجهي جو اونو نه هجي. کائڻ پيئڻ جي به پريشاني نه هجي ۽ سير سفر لاءِ سواريءَ جو مسئلو به حل هجي، ته پوءِ خوشبودار سيج تي، من گهرئي محبوب سان ڪچهري ۽ رهاڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي.
بخشل باغي جي شاعريءَ لاءِ مختصر ۽ جامع راءِ ڏجي ته مرشد لطيف جو مٿيون هڪ ئي بيت ڪافي آهي. بخشل جي سموري شاعري، ڀٽائيءَ جي ان بيت جي مفهوم کان ٻاهر ڪونهي.
انساني زندگي ادب ۽ فن جو پاڻ ۾ گهرو رابطو آهي. ادب ۽ فن جو بنياد ئي ان مواد تي هوندو آهي جنهن جو واسطو زندگيءَ سان هوندو آهي. ۽ انساني زندگي وري سماجي، سياسي، معاشي، ثقافتي، اخلاقي ۽ رومانوي ۽ ٻين اهڙن عملن سان لاڳو آهي. اديب ۽ شاعر جي شعور ۽ خيال جي اونچائي ۽ گهرائي جو اندازو به ان جي انساني زندگيءَ بابت فڪر ۽ فلسفي مان لڳائي سگهجي ٿو. وڏي شاعر لاءِ گهڻو پڙهڻ، گهڻو لکڻ ۽ گهڻو ڇپجڻ شرط ناهي، وڏو شاعر ته پنهنجي تخليق ۾ موجود ان فڪر جي ڪري ٿي سگهندو، جيڪو فڪر تاريخ ۽ فطرت جي موافق هوندو.
شهيد ۽ باشعور شاعر پنهنجي دؤر جا مؤرخ به هوندا آهن. شهيد جو رت ۽ با شعور شاعر جي تخليق، پنهنجي وطن ۽ عظيم مقصد جي حفاظت جا هردم چوڪس رهندڙ مورچا هوندا آهن. شاعريءَ جي دنيا ته تمام وسيع آهي، ڇو ته شاعري جا سڀ موضوع، عوام جي اڪثريت قابل فهم ۽ قابل عمل هوندا آهن. شاعر جيترو وڌيڪ با شعور هوندو، ان جي تخليق، سچ، سونهن ۽ آزاديءَ جو تعارف اوتروئي سولو ۽ آسان ڪرائيندي. هڪ جرمن فلاسافر شوپنهار جو قول آهي ته ”شاعر ٿيڻ، فلاسافر ٿيڻ کان هزار ڀيرا خوشقسمتيءَ جي ڳالهه آهي“
جنهن شاعر جي شاعري، شعور، مطالعي ۽ مشاهدي جي بٺيءَ ۾ پچيل ۽ رسيل هوندي، ان جي اهميت ۽ عُمر اوتري ئي وڌيڪ هوندي. ادب ۽ فن، فرد کان اجتماعيت تائين، انساني زندگيءَ جي سموري حقيقت جي عڪاسيءَ جو نالو آهي. ادب ۽ فن ئي اُهو هٿيار آهي جيڪو سماجي سک، سلامتي ۽ آزادي جي نه رڳو اهميت واضع ڪندو آهي، پر ان جي منڪر قوتن خلاف جنگ به جوٽائيندو آهي.
پيٽ جي بک ۽ جنسي بک تمام وڏا موضوع آهي. جنسي قوت هڪ تخليقي امنگ آهي، جنسي قوت کانسواءِ تخليقي تحرڪ ۽ سرجڻهار سرگرمي ڪيئن ٿي پيدا ٿي سگهي. پر اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته جنسي اڻ برابري هجي يا جنسي ڇڙواڳي، اهي سماجي ۽ معاشي اڻ برابري ۽ ڇڙواڳي جو نتيجو آهن. هيءَ ايڪيوشن به ياد رکڻ گهرجي ته خوشي، خوشحاليءَ سان لاڳاپيل آهي ۽ خوشحالي ۽ خوشي وري آزاديءَ سان مشروط آهن. ان لاءِ آءٌ وري شروع ۾ ڏنل ڀٽائي جو ”اڱڻ تازِي، ٻاهر ڪُنڍيون“ وارو بيت دهرائيندس.
سڀ ڳالهه شاعر جي ميچوئر هجڻ جي آهي. عشق ۽ عقل جي جهيڙي کان پاسيرو ٿي صرف اِهو ٿو چوان ته عشق، عقل جي انتها يا ميچوئرٽي جو نالو آهي ڪي ماڻهو طبعي زندگيءَ ۾ سئو سالن جا ٿي ويندا آهن پر عقلي طور ٻار هوندا آهن. عقل جي ترقي، عُمر جي واڌاري سان مشروط ناهي، عقل جي تڪڙي ترقيءَ جا محرڪ ۽ سبب پنهنجا آهن. عقل جيئن ارتقائي مرحلا طئه ڪندو. عشق ان جي استقبال لاءِ ٻانهون کوليندو ويندو. جيئن طبعي عُمر جي اضافي جو نالو ٻڍائپ تي پوندو آهي اهڙي طرح عقل به ترقي ڪري هڪ اهڙي مرحلي تي پهچندو آهي جو عقل مٽجي عشق ٿي پوندو آهي. صرف هڪ ليڪ جو فرق هوندو آهي، ليڪ جي هڪ پاسي عاقل هوندا، ته ٻئي ڀر عاشق هوندا آهن. عاقل عاشق هجي اِهو ضروري ڪونهي پر هر عاشق عاقل ضرور هوندو آهي. سڀ ڪجهه ساڳيو هوندو آهي، رڳو لڪير ڪراس ڪندڙ عاشقن وٽ انهن شين جا مطلب ۽ معنائون تبديل ٿي ويندا آهن. سور، درد، پيڙائون ۽ مصيبتون عقل وارن لاءِ پريشانيءَ جو سبب هونديون آهن جڏهن ته مرشد لطيف ٻڌائي ٿو ته:
سور جنين سريو، سري تن صحت،
مِٺي مصيبت، آهي عاشقن کي.
عقل وارا ڦاسي گهاٽ ڏي ويندڙ رستي کان ان ڪري ڇرڪندا آهن جو هو مرڻ نه چاهندا آهن ۽ عاشق اجل جي سامهون اونچي ڳاٽ انڪري ايندا آهن جو هو سدائين زندهه رهڻ چاهيندا آهن.
موت کي چند ماڻهو ٿا محسوس ڪن،
ورنه اڪثر مري ٿا وڃن بي خبر.(باغي)
شاعرن ۾ به اهوئي فرق آهي. هڪڙا شاعر عقل جي اُٺ تي سوار هوندا آهن ته ٻيا وري واديءَ عشق ۾ سير سفر ڪندا آهن.
بخشل باغي عاشق شاعر آهي، اِهوئي سبب آهي جو فڪري حوالي سان به صحت مند آهي ته فني حوالي سان به خوبصورت آهي. هن جي فن جي ياري تاريخ ۽ فطرت موافق فڪر سان آهي. بخشل باغيءَ جي شاعريءَ طبع جي تفريح ۽ ذهني عياشي لاءِ ناهي، هن جي شاعريءَ ۾ وطن، قوم، ٻولي، ثقافت، ريتن، رسمن ۽ عشق جا انيڪ رنگ آهن. هُن وٽ سنڌ ائين ناهي جيئن اڄ آهي، هو ته سنڌ کي تاريخ جي عينڪ سان ڏسندو آهي هن جي نظر سنڌ جي ماضي تي به آهي، حال جي ڪمزورين، خامين کان به واقف آهي انڪري هن جي شاعريءَ کي سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ خيال ۽ تجويزون سمجهڻ گهرجي. نه رڳو ايترو پر سنڌ جي آزادي ۽ ترقي ۾ جيڪي به رڪاوٽون آهن، اُهي مذهبي هجن، نام نهاد فڪر فلسفي يا ملڪ جي صورت ۾ هجن، بخشل باغي انهي خلاف بغاوت جو عَلم بلند ٿو ڪري. سندس هڪ ڪتاب ”سپنو سنڌو ديس جو“ جي نالي مان ئي سندس خيالن ۽ خوابن جوا اندازو ڪري سگهجي ٿو. بخشل باغي، سنڌو ديش جي آزاديءَ کي به تمام وڏي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ وٺي ٿو.
جي ڏسڻ چاهين ”باغي“ آزادي،
قيد سڀئي پکي، اڏاري ڏس.
بخشل سنڌ جي شهيدن ۽ سرواڻن کان به واقف آهي. شاهه لطيف سائين جي اِيم سيد ۽ شيخ اياز کان ته ڪڏهن الڳ نه ٿيو آهي.
هڪ جاءِ تي چوي ٿو ته:
جنميو سنڌ لطيف ۽ سيد جهڙو سچ،
ٻنهي ٻاريو مچ، سڄاڳيءَ جو سنڌ ۾.
شيخ اياز سان کيس ايتري ته محبت آهي جو اياز جي سمورن ڪتابن جا نالا، جيڪي اياز وري لطيف سائين جي بيتن کان کنيا آهن. بخشل انهن سمورن ڪتابن جا نالا، هڪ وائي ۾ آندا آهن.
چنڊ چنبيليءَ ول،
واٽون ڦُلن ڇانئيون.
باغي، شيخ اياز لاءِ هڪ بيت ۾ چئي ٿو ته،
تنهنجو مرشد ڀٽ ڌڻي، منهنجو مرشد تون،
ڇائون ٻنهي جون، رهنديون منهنجي ڏات تي.
بخشل اقتصادي حوالي سان ڀلي امير نه هجي پر اها حقيقت آهي ته هو درد جي دولت سان مالا مال آهي. هن وٽ ڏک به خوشبودار هوندا آهن.
درد گل جيئن ٽڙي پيا آهن.
زندگيءَ جي اداس ٽاري تي.
دردن بخشل کي بغاوت جو رستو ڏيکاريو آهي ۽ موٽ ۾ وري بخشل بغاوت جي ان اڙانگي رستي تي محبتن جا گُل پوکيا آهن.
مجموعي طور بخشل باغيءَ جي شاعريءَ ڪنهن سُهڻي جي سندرتا، ڪنهن زاهد جي عبادت ۽ ساگر جي گهرائي محسوس ٿيندي آهي. هاڻ ۽ سندس تازي قومي شاعريءَ جي ڪتاب ”سنڌو ديس مهان“ جي اچڻ تي سرهائي محسوس ڪندي کيس دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪيون ٿا.

ساگر حنيف بڙدي
23 ڊسمبر ـ 2010ع