غزل
ٿي ستائي دل کي دُوري سانورا!
منهنجي راتين کي اچي مهڪاءِ تون،
جسم آ تنهنجو کٿوري سانورا!
ڳالهه آ سيني ۾ سا سانڍي رکي،
جا وئي رهجي اڌوري سانورا!
زندگيءَ جون ٻيون تقاضائون به هِن،
عشق ئي ناهي ضروري سانورا!
داد ٿا بدلي ۾ هي جذبا گهرن،
شعر آ من جي مزوري سانورا!
تو لِڪايا عيب منهنجا لوڪ کان،
هئي ته توکي سُڌ سموري سانورا!
عشق جا آداب جنهن ڄاتا نه پئي،
’سعيد‘ آ تنهنجو قصوري سانورا!
***
غزل
ڀٽڪندڙ آرزو نيٺ ڇا ٿي گهري؟
دل وري هلڻ جا حوصلا ٿي گهري.
حادثن منجهه مقصد آ ڀلجي وئي،
زندگي منزلن جا پتا ٿي گهري.
پنهنجي بيمار پيءُ جي حياتيءَ لئه،
ننڍڙي نياڻي خدا کان دعا ٿي گهري.
عشق پنهنجو سدائين سلامت رهي،
زندگي موت کان پوءِ بقا ٿي گهري.
دل اسان جي ڏکن ۾ ٿي لُڙهندي وڃي،
تنهنجي ٻانهن سندا هيءَ ٻَنا ٿي گهري.
پيار جي باغ ۾ شعر گلڙن جيان،
تن کي بد ذوق ساڙڻ هوا ٿي گهري.
ڪئن وفا جون حدون ’سعيد‘ اورانگهيون؟
هوءَ اسان کان رکڻ فاصلا ٿي گهري.
***
غزل
خواب پوکيا هيا ۽ لُڻيون حسرتون،
دل ۾ آهن پرين! اڻ ڳڻيون حسرتون!
ماءُ جي هنج ۾ ڪيڏا سپنا هُيا!
سا وئي کٽ تي بس کڻيون حسرتون!
منهنجي دل ۾ سدائين ٿيون چُڀنديون رهن،
ڄڻ ته سيخن جون آهن اَڻيون حسرتون!
نعمتون زندگيءَ جون ته آهن لکين،
پر اسان لاءِ آهن بڻيون حسرتون!
منهنجو چهرو سمورو پُسائي ويون،
مينهن جون ڄڻ ته آهن ڪڻيون حسرتون!
آس جا وڻ لوڏيا خزان جي هوا،
هڪ نه سپنو ڪِريو، پر ڇڻيون حسرتون!
سنڌ کي جي سٺي شاعري ٿيون ڏين،
’سعيد‘ تنهنجون اسان کي وڻيون حسرتون!
***
غزل
ڪري ڇڏيس نه پاڳل، ڪو کيس بدلائي،
ٿِي آئيني جي اڳيان هوءَ ويس بدلائي.
هي من جتي نه ٿئي مطمئن پرين تنهنجو،
اُتان کڻي ڪري اُن کي رکيس بدلائي.
ڀلي ڏسڻ ۾ کڻي شخص هُو جوان آهي،
حقيقي عمر ڪٿي ٿو هي ڪيس بدلائي.
متان ميار ڏيَن مون کي منهنجا ماروئڙا،
ڇڏيان مان ڪيئن لڱن تان هي کيس بدلائي؟
هندو ڪراڙو چوي ٿو سنڌوءَ کي ساريندي،
”اسان وڃائي ثقافت آ ديس بدلائي!“
چريو مري آ بچيو پر پڇيو نه هن ڪڏهين،
نه آهه هوءَ ڪا هڪڙي، چويس ”بدلائي!“
***
غزل
رلياسين ڄڻ ته اجايو سَڌُن جي صحرا ۾،
مليو نه ماڳ پرينءَ جو، نه تياڳ جي خوشبو.
الائي ڪهڙٖي چرٖي هي چندن جلايو آ،
اچيس ڇو نه ٿي هن کي هي آڳ جي خوشبو؟
انڌيري رات ۽ ڪمري ۾ چار چَپ ويجها،
نرم بدن جي تپش ۽ مساڳ جي خوشبو.
پوي ٿو جيئڻو هتي هاڻ نڪ ٻُوساٽي،
وئي اُڏامِي اسان جي ها ڀاڳ جي خوشبو.
ٿي ناري شام جو گهر ۾ پچائي برياني،
سموري پاڙي ۾ پهتي آ داڳ جي خوشبو.
شهر ۾ رهندي ٿيا سال ڪيترا آهن،
نه وسري مون کان اڃا آهه ساڳ جي خوشبو.
آ پنڌُ ٿورڙو هاڻي ٿڪل قدم! نه بيهو،
اچي ٿي مون کي هوا مان ها ”ماڳ جي خوشبو“.
***
غزل
اسان جو آهه هي جيون، جڙاءُ مٽيءَ جو،
ڪندو به ڪيترو گهرڙو جٽاءُ مٽيءَ جو.
اتر جي واءُ ۽ ڪيڏو سڪون بخشي ٿو،
اُٺي کان پوءِ هوا ۾ هڳاءُ مٽيءَ جو.
شفاف پاڻي ۾ ڏسبا ها عڪس نارين جا،
سُڪل پيو آ اُهو ئي تلاءُ مٽيءَ جو.
وڏي سگهاري آ ٿيندي ڌڪارَ ڌرتيءَ جي،
ڏسي به سگهندو نه آهي ڪو تاءُ مٽيءَ جو.
ڪندي آ قوم جا پنهنجي وطن جي رکوالي،
کسي نه سگهندو آ دشمن ڪو پاءُ مٽيءَ جو.
شهيد تنهنجي جسم جو هي خون شاهد آ،
ڏئي تون جانِ ڪري وئين دفاع مٽيءَ جو.
سَرير منجهه سمايل آ آسماني مَن،
مليو آ ’سعيد‘ اسان کي سڀاءُ مٽيءَ جو.
***