ٻه چؤسٽا باهه اُن کي ڏني تو هيڪاندي، هي ڪُنو عشق جو اُڀامِي پيو. پاڻ ڀي تو پرين ڇڏيو ساڙي، عشق جو مچُ ڀي وِسامي ويو. * تنهنجو پاڙو نه آستان اُهو، ناهه ڪوئي رهيو نشان اُهو. پاڻ پوڙها پرين! وياسين ٿِي، عشق آهي اڃا جوانُ اُهو. ***