هائيڪا ۽ ٽيڙو
رنـگـا رنـگ پــٿــر،
ڪارونجھر جي ڪک ۾،
ڪــــيـڏا هِــن گــــوهــر!
*
ڏاڍو مـيـنهـن اُٺــو،
سـڀـئـي تــل تـرائـيــون،
ڀــــــــريـــــــون اوچـــتــــــو.
*
ٿر ٻاٻيهو مان،
منهنجو من پياسو،
بــــادل مـــان پيئــان.
*
ســرهـيــون سـنـگھــاريـــون،
چونرن ۾ چهڪن پيون،
ڪــوجھـيـون ۽ ڪــاريــون.
*
پسيون نيٺ ڀٽون،
وسي پيو وڏڦڙو،
ڄاڻ کنڀيون نڪتيون.
آگسٽ 2008 ۾ ٿر ياترا دوران لکيل هائيڪا ۽ ٽيڙو.
***