غزل
عجب اسرار جي پويان، اکين کي پنڌ ڪرڻو آ.
نه ڏِسڻو آ ته پٿر هِن، نه ڏِسڻو آ ته شِيشا هِن،
پرينءَ جي پيار جي پويان، اکين کي پنڌ ڪرڻو آ.
خبر ناهي ته ڪِٿ منهنجين اکين جو ماڳ اچڻو آ،
سڄي سنسار جي پويان، اکين کي پنڌ ڪرڻو آ.
سندس ساهن جي خوشبوءَ جي اها ڪيڏي ڪشش آهي،
سدائين يار جي پويان، اکين کي پنڌ ڪرڻو آ.
ڪيل اقرار منهنجي کي ڪڏهن اقرار آڇيندي،
سندس اقرار جي پويان، اکين کي پنڌ ڪرڻو آ.
***
غزل
نيڻ منهنجا ۽ لاڙڪاڻو هو،
گڏ وڇوڙا ۽ لاڙڪاڻو هو.
بيقرارين جي شام ۾ ڌنڌلا،
سارا رستا ۽ لاڙڪاڻو هو.
هٿَ لُڏيا، ٽرين الوداع ٿي وئي،
اک ۾ ڳوڙها ۽ لاڙڪاڻو هو!
ڪو سُڃاتل نه هو سوا تنهنجي،
کوڙ چهرا ۽ لاڙڪاڻو هو.
آءٌ ڪنهن ياد ۾ وڃايل هوس،
ڀر ۾ رڪشا ۽ لاڙڪاڻو هو.
تنهنجي احساس جي هُئي خوشبو،
ساڻ پاڇا ۽ لاڙڪاڻو هو.
***
غزل
ڇوڪري روشني لڳي مون کي،
روشني زندگي لڳي مون کي.
آءٌ هڪ ڏينهن گهر ويس هُن جي،
ڇو الائي ڏسي ڀڳي مون کي.
عشق تنهنجي جي آرسيءَ آڏو،
ڪا لڳي ئي نه ٿي ٺڳي مون کي.
ڇو الائي ڇڏي ٿي بيهاري،
تنهنجي نيڻن جي چؤدڳي مون کي.
آءٌ تِرڇي پيو تَڪيان هُن کي،
هوءَ اُلاري پَئي سڳي مون کي.
***
غزل
بقا جو گيت ڳاتوسي، فنا جي ڌُوڙِ ڦُوڪِي سي،
پرينءَ جو پيار پاتوسي، فنا جي ڌوڙ ڦُوڪي سي.
اکين جي ڏيهه ۾ وحدت ڪري وئي روشني ايڏي،
رموزي راز ڄاتوسي، فنا جي ڌوڙ ڦُوڪي سي.
خدا جي هر حقيقت کي ڏٺوسي آدميءَ اندر،
لَئون ڪنهن سان جو لاتوسي، فنا جي ڌوڙ ڦُوڪي سي.
هميشه نياز نِوڙت کي، رکيوسي نينهن پنهنجي ۾،
چِتن ۾ چاهُه چاتوسي، فنا جي ڌوڙ ڦُوڪي سي.
***
غزل
گڏُ تون هُئين ته اُس جو احساس ئي نه هو،
ڪاٿي زمين ۽ ڪِٿي آڪاس ئي نه هو.
پردو پري ڪَري جڏهن مُرڪي مِليون اکيون،
پنهنجي پَرائي جو تڏهن وَنُ واسُ ئي نه هو.
وِکري به واءَ ۾ اکيون، نِکرن ٿيون اوچتو،
پهريان ته پنهنجو پاڻ کي وشواس ئي نه هو.
ڀوڳيو حيات ايترو تنهنجي پٺيان پٺيان،
بنواس بي لڳو ته ڄڻ بنواس ئي نه هو.
***
غزل
دلين مان پيار تَڙيوسي، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
اوهان جو ساٿ ڇڏيوسي، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
اکين جي ڪيئن لِڪايان قِصن ڪهاڻين کي،
اکين جو غم نه سليوسي، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
اسان جا ٽهڪ به آئينو ڪو نه ٿو سانڍي،
اکين مان لُڙڪ ڪڍيوسي، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
چپن جي باهه تي پاڻي به ڪين ٿا هاريو،
بدن ۾ شعلو رکيوسي، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
اوهان ته ڊاهي ڇڏيو آ اسان کي نيڻن تان،
اسان به روح پليوسي، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
نئون جَهانُ، نئون داستانُ آ دل جو،
مٽيءَ حوالي ڪيوسي، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
***
غزل
وکريل جنون دل لڳيون ڪاڏي کڻي وڃن؟
صدين جي جاڳ کي اکيون ڪاڏي کڻي وڃن؟
ڇو ٿو وجود ڳوٺ جون رولاڪِيون رُلي،
منهنجو ٿڪل بدن ڳليون ڪاڏي کڻي وڃن؟
صحرا جي ريتِ جي مٿان چنڊ-رات ڪا نه ٿي،
رڻ جو ڊگھو سفر ڪَتيون ڪاڏي کڻي وڃن؟
اوسيئڙي کي ساٿ جو پاڇو نه ٿو ملي،
منهنجي نِهار کي دريون ڪاڏي کڻي وڃن؟
سياري جي رات، سانت ۽ سوچن جي شور ۾،
بيچين پيار کي بتيون ڪاڏي کڻي وڃن؟
***
غزل
نه ڪنهن کي مان چوان هاڻي، نه ڪو مون کي چوي هاڻي،
محــبــت انــتــهـــا تــــي آ، فـــنــــا ڄـــاڻـــي، بــقــــا ڄـــاڻـــــي.
ڪٿي ڪنهن لاءِ نِکرياسين، ڪٿي ڇا لاءِ وِکرياسين؟
نه ڄاتو مُنــد جـــي مـــومــل، نه پــرکيـــو روح جـــي راڻــي.
جُنوني عشق جوڳي ۽ جواني ڄڻ ته جوڳياڻي،
ڇڏيوسين ڏينهن ڪِٿ ڇاڻي، ڇڏيسين رات ڪِٿ ڇاڻي.
نه سوچيوسين، نه سمجھيوسين زهر جهڙي زماني کي،
ســدا بــنــواس کــي ڀــوڳــي اســـان مـنــزل وَتــي مـاڻـــي.
جُهڪائي ڪنڌُ ڪنهن آڏو هَليا ناهيون حياتيءَ ۾،
يگاني ڪنهن جي ياراڻي، رکيو آ پاڻ کي تاڻي.
***
غزل
سڏي ٿو ساٿ جو شهر، سڏي ٿي سار جي صدا،
هڳاءُ ٿي هُلي وَئي حَسينُ يار جي صدا.
خدا جي خواب جو خمار عشق تي چڙهي ويو،
اسان جي روح کي مِلي وَئي قرار جي صدا.
اکين ڏِٺيون عجب اکيون، اکين شرارتون ڪَيون،
پُڪار ٿي ڇَــڻي پَــئي چپن تان پيار جي صدا.
نِکارُ پنهنجي نينهن جو نِگاهه کي ڏئي وَيو،
وجود جي خزان خزان بڻي بهار جي صدا.
رهي ٿي جستجوءَ ۾ جُنون جي گھڙي گھڙي،
عجيب عشق مان اچي ٿي انتظار جي صدا.
***
غزل
رول هُئاسين دير تائين، پيچرا رُلندا رهياسين،
چنڊ گڏ هو جيستائين، پيچرا رلندا رهياسين.
حوصلا ها، سلسلا ها، خواب ها ۽ يادگيريون،
تنهنجي پويان هيلَ تائين، پيچرا رلندا رهياسين.
ڳوٺ تنهنجي جي ڳلين ۾ زندگيءَ جو ڇانورو هو،
هر ڳليءَ جي توڙ تائين، پيچرا رلندا رهياسين.
پنڌ تنهنجي گهر وٽان ٿيندو حياتيءَ جو شروع هو،
روز تنهنجي لاءِ سائين! پيچرا رلندا رهياسين.
آجپو تنهنجون اکيون ۽ روشني تنهنجين اکين ۾،
تنهنجي نيڻن جا سدائين، پيچرا رلندا رهياسين.
***
غزل
ٿِي تماشو، ٽهڪ منهنجا آرسيءَ تي ٿا ڪِرن،
اولڙا آوارگيءَ جا زندگيءَ تي ٿا ڪِرن.
ٿيون پِشيمانيون اکين جي چانئٺن تي رقص ڪن،
۽ پهاڙن جيئن لمحا دوستيءَ تي ٿا ڪِرن!
عاشقيءَ جي پنڌ کي اوندهه ڳِهي ٿي ڳوٺ جي،
رات جا ويران رستا روشنيءَ تي ٿا ڪِرن!
ڪيتريون مُرڪون مَرن ٿيون ماڻهپي جي نانءَ تي،
لفظ پٿرن جا الئه ڇو عاشقيءَ تي ٿا ڪِرن!
سانت گُهوري ٿي جوانيءَ کان رُٺل پوڙهو بدن،
وقت جا ڪيڏا ته شعلا ساهميءَ تي ٿا ڪِرن!
***
غزل
جاڳ ڳائي ٿي جواني، محبتن جي مُند ۾،
رنگَ لائي ٿي جواني، محبتن جي مُند ۾.
نيڻَ نيڻن کي ڇُهن ٿا، آئينا خوش ٿا ٿِين،
هٿ مِلائي ٿي جواني، محبتن جي مُند ۾.
ننڊ مان ڇِرڪي اُٿي ٿي، چيٽ جي چنڊ-رات ۾،
ٿيڙ کائي ٿي جواني، محبتن جي مُند ۾.
پيچرن تي ٿي وڃائي پير ۽ پنهنجو بدن،
دل رُلائي ٿي جواني، محبتن جي مُند ۾.
***
غزل
کڙکٻيتا گهٽي کڻِي نڪتي،
زندگي روشني کڻِي نڪتي.
دراصل شورُ هو جوانيءَ جو،
ڇوڪرِي عاشقي کڻي نڪتي.
هٿَ ٺري وِيا هُيس ٿڌي رُتِ ۾،
دل ۾ پر ڌرتتي کڻي نڪتي.
باغ جو باغ هُن جي نالي هو،
هوءَ هِڪَ پنکڙي کڻي نڪتي.
سونهن سينگارجي پَـئي گهر ۾،
عڪس ڪو آرسي کڻي نڪتي.
عشق جي پنڌ ۾ اڪيلائي،
ساٿ جي ساهمي کڻِي نڪتي.
***