نظم
اسان جا خواب اڃا ساڀيا رَسيا ناهن،
هي درد غم جا ڪڪر ڀي اڃا هٽيا ناهن.
اڃا ڳلن تي ڪريل نير ڀي سُڪيا ناهن،
اڃا بهار جي هوندي به گلَ ٽِڙيا ناهن.
اڃا اندر ۾ اسان جي گھڻي اداسي آ،
اڃا به من جي سِپي پيار جي پياسي آ.
اڃا هزار اميدن جا گل ڪومايل،
اڃا آ تڙپ، اڃا ڪيئي روح هن گھايل.
اڃا دکي ٿي پئي ڳوٺ ڳوٺ چرٻيلي،
اڃا به نارِ جي نڪَ ۾ وڌل آ ناڪيلي.
اڃا سنڌوءَ جا ڏسو چَپَ ڪيئن سڪل آهن،
اڃا هي جيئرا ماڻهو به ڄڻ مئل آهن.
اڃا ته بوءِ ٿي بارود جي اچي ڪيڏي،
اڃا امن جي ڪبوتر تي اکِ آ ٽيڏي.
اڃا ڇني ٿو ڪجي ڌار ماءُ کان ابهم،
اڃا ٺهي ٿو پيو روز نئون ائٽم بـم.
اڃا به ڀونءِ تي ماڻهو ڳڀا ڳڀا ٿو ٿئي،
اڃا به ظلم ستم ڪيڏو جابجا ٿو ٿئي.
اڃا ڪـُسن ٿيون پيون ڪيئي بي گناھ نياڻيون،
اڃا رقم ٿيون ٿين روز درد آکاڻيون.
اڃا به شهر شهر خودڪشن جا حملا هن،
اڃا به چؤڏسا چچريل هزارين لاشا هن.
اڃا مرن ٿا پيا مِرگھ بيابانن ۾،
اڃا آ گونج ٻڌو وقت جي ايوانن ۾.
اڃا به ديس جو انصاف آ بيساکين تي،
اڃا به موت جو شهباز آهي ڇاتين تي.
اڃا به زندگي جي ڀيڪ ٿو گھري ماڻهو،
اڃا به ٿورڙي ٺوڪر تي ٿو ڀُري ماڻهو.
اڃا هوا جو بدن چور آهي زخمن سان،
اڃا وفا جي ڳلي پئي جلي ٿي ٽانڊن سان.
اڃا ته گيت سڀئي درد جي لباس ۾ هِن،
اڃا هزارين اکيون آجپي جي آس ۾ هن.
اڃا ٽياس تي ٽنگجي رهي آ سچائي،
چوان پو ڪيئن ’محبّت‘ جي آهي رُتِ آئي.
***