نظم
ساهَه جو صحرا منجهان آهي گذر،
روح ڪنهن جوڳيءَ وانگي دربدر،
تانگهه جو من ۾ کُتل آهي خنجر،
ڪيترو بيچين آهيان تو بِنا!
عشق ساريون جِيءَ جون ڪُنڊون گُهميون،
ياد منهنجي روح کي رهنڊون ڏِنيون،
ماءُ جهڙيون سڀ ننڊون مون کان کسيون،
ڪيترو بيچين آهيان تو بِنا!
روح ڄڻ ڀڙڀانگ گهرُ بيواهَه جو،
دل آ ڪو ويرانُ منظرُ راهَه جو،
منتشر آهي سفرُ هِن ساهَه جو،
ڪيترو بيچين آهيان تو بِنا!
جنهن گهڙيءَ ڪو تنهنجو خط آهي پڙهيو،
پاڻ سان مان پاڻ ئي آهيان وِڙهيو،
وقت جي سُوليءَ تي آهيان چڙهيو،
ڪيترو بيچين آهيان تو بِنا!
ڄڻ اکين تي ڪا پٽي آهي ٻَڌل،
ڄڻ ته ڪو عضوو جسم جو آ ڪٽيل،
ڄڻ ته گَهِرِي کُوهَه ۾ آهيان ڪِريل،
ڪيترو بيچين آهيان تو بِنا!
تو بِنا هر خوابُ ڄڻ دوکو هُجي،
۽ جيئڻ ڄڻ جنگ ۾ گهوڙو هجي،
سوچ جو هر سلسلو سوڙهو هجي،
ڪيترو بيچين آهيان تو بِنا!
تو بِنا جذبا جليا مجذوب ٿيا،
تيرَ وانگي هانوَ ۾ اُلڪا کُپيا،
خيال جا سونا سِڪا گُم ٿِي ويا،
ڪيترو بيچين آهيان تو بِنا!