شاعري

ڏاتِ ڏِيئا ٻاريا

هي ڪتاب ڏات ڏيئا ٻاريا لاڙڪاڻي جي 14 شاعرن جي ڪوتائن جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب رياضت ٻرڙو آهي. ڪتاب ۾ سعيـد ميمـڻ، جـواد جعفــري، مختيار سمـون، احسـان دانـــش، روبيـنه ابــڙو، عادل عباسـي، فـياض لـطـيـف، رضـا بـخـــاري، حـبـدار سولنگـي، ساجــد سنـڌي، رضـــوان گـل، ابـرار ابڙو، اقبال کـوکـر ۽ رياضـت ٻــرڙو جي شاعري شامل آهي۔
  • 4.5/5.0
  • 4091
  • 851
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رياضت ٻرڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڏاتِ ڏِيئا ٻاريا

غزل

”مِي رَقصم رقصم“ رنگ رَچان ٿي، او داتا!
ٿي لهرون لهرون آءٌ نچان ٿي، او داتا!

ڪا ”رُون رُون“ رمز ڀَري ٿي گُونجي روح اندر،
ٿي تنبوري جي تارَ وڄان ٿي، او داتا!

هر ڀيري تنهنجي دُوار اچان ٿي درد کڻي،
هر ڀيري توکي دانهن ڏيان ٿي، او داتا!

هِن جُوٺي جڳ جي ڪاڪِ محل کي ڪيرائي،
پئي اُلٽي ساري چالِ چلان ٿي، او داتا!

ٿي ڪڏهين آءٌ حقيقت کي ڀاڪر ڀريان،
۽ ڪڏهين پاڇن پوءِ ڊُڪان ٿي، او داتا!

هر ماڻهوءَ ۾ هُو موهه رکي ٿو پنهنجو ئي،
هر صورت ۾ سُبحانُ ڏسان ٿي، او داتا!

هي ٽانڊا ٽانڊا گيت ڇَٽي ٿي ساکَ ڏيان،
هر ڪُوڙ جي مُنهن ۾ ڌُوڙ وجھان ٿي، او داتا!

هِن ”چرٻٽ راجا“ جي نگريءَ جو انڌُ ڏسي،
ٿي ماٺ وڃان ڪجھ ڪين ڪڇان ٿي، او داتا!

ڪنهن رستي تان محبوبُ اچي مان ڇا ڄاڻان،
هر رستي تي مان ڦُولَ ڇَٽيان ٿي، او داتا!

ڪنهن پارس جھڙي پيارَ هُيو تنُ منُ ڇُهيو،
اڄ تائين سونَ جيان جرڪان ٿي، او داتا!

هي جيون ”جوئا خانو“، هر ڪو داءُ هڻي،
سو مان ڀي دل جو داءُ هڻان ٿي، او داتا!

هر ڳوٺ، شهر ۽ گھٽي گھٽيءَ تان گھور ٿيان،
هِن سنڌُ سڄيءَ تي ساهه ڏيان ٿي، او داتا!





***




غزل

ٿَيّا ٿَيّا عشقَ نچايا،
مون اڄ پيرين گھنگھرو پايا.

سارا سجدن جيئن سجايم،
دنيا جي الزام لڳايا.

ديوانن سان ڪي دانا ڀي،،
رَقصم رقصم ٿي لهرايا.

پنهنجي دل جي ديوارن تي،
رِم جھم ڪيڏا رنگ رچايا.

رات ڏٺو جيڪو سپنو تنهن،
سپني ۾ سپني جي ڇايا.

ٻاهر ٻاڦ نه ڪائي نڪتي،
دل ۾ ڪيڏا دُود دکايا.

جنهن هِي دل ۽ دنيا ٺاهي،
دردُ به تنهن جي آهي مايا.

پنهنجي من جي ڦلواڙيءَ ۾،
مون ڪي مُگرا هِن مهڪايا.

آءُ هلون هُن پار، او پيارا!
هُو ڏسُ بادل ڀرجي آيا.

پاڻ ٻنهي جا ٽهڪَ ٻُريا ها،
يا ڪِي جامَ هيا ٽڪرايا.

پاڻ ٻئي گُم ٿي وينداسين،
رهجي ويندا پنهنجا سايا.

***


غزل

آڌيءَ جو آواز اچي ٿو،
ساڌُو ڪو ”رگ ويد“ پڙهي ٿو.

منهنجو مُنصف ڳيتَ ڏئي پو،
مون کان منهنجو اگُھ پُڇي ٿو.

ڪيرُ ائين تقرير ڪري ٿو،
”ڀُٽي“ جو ڄڻ ڀاءُ لڳي ٿو.

تون مُرڪين ٿو ڦاهيءَ تي پو،
مُرڪي تو ڏي موتُ اچي ٿو.

او روهيڙي جهڙا راڻا!
ڇا تو مان ڪو ڦُول ڦٽي ٿو.

منهنجي دل سان ڪو ديوانو،
ڪيڏو گَهِرو رَبطُ رکي ٿو.

نُور وڃائي ڀِي نِيرولي،
رنگن جا ئي خواب ڏسي ٿو.

منهنجي تن جو نِيرو جوڙو،
اڄ ڀي توکي ياد ڪري ٿو.

منهنجو پُٽ ڀي تو وانگي ئي،
ڳالهه ننڍيءَ تي ٽهڪَ ڏئي ٿو.

تنهنجي سارَ جي سارنگيءَ تي،
منهنجي من جو مورُ نچي ٿو.

***


غزل

اسان جي روح ۾ رقصان،
هميشه ”رقصِ درويشان“.

اڙي او ناصحا منهنجا،
نه ڏي ايڏا وڏا دَرسان.

لنوائي پياسَ صحرا جِي،
سمندر تي پئِي بَرسان.

ڀلي اُوچو هجي ڪيڏو،
نه اُوچو عشقَ کان عرشان.

عجب اظهار جي منزل،
تنبوري تار جان لَرزان.

رڳو ڪر وَصل جو واعدو،
صديون تو لاءِ مان تَرسان.

اوهان هو عشقَ ۾ اڳرا،
اسان هُون سونهن ۾ سَرسان.

ٻُڌو يا اَڻ ٻُڌو ڪَريو،
اسان جو ڪَم ڪرڻ عَرضان.

پڙهي جيڪر وَري سگھجن،
وَرائي وَصل جا وَرقان.

ڏِسان ٿِي پاڻ ۾ سَرتي،
ڪڏهن ”ميران“، ڪڏهن ”مَرکان“.

***




غزل

عشق حقيقي، عشق مجازي،
ڪعبي اندر جيئن نمازي.

مارِ نغاري چوٽِ وَري ڪا،
ٿي پئه دَم دَم مستُ دَرازي.

ڪهڙا منطقَ، شَرعَ، دليلون،
او ڙي مُلان، او ڙي قاضي.

هوڪا، هُلَ، هَنگاما هُليا،
وهه وا تنهنجي ڇا هَمرازي.

منهنجو مَن لاحد کان اڳتي،
تنهنجو من محدود ايراضي.

ڪنهن کان ڪيئن سِکيو آن جانان!
نظرن جِي هيءَ تير اندازِي.

او مُگري، او موتئي جهڙا،
تنهنجِي سارَ سدائين تازِي.

تنهنجا عڪسَ بڻايان، ڊاهيان،
جِئن ڪا ”آذر“ جي بُت سازي.

سو ئي رُوپ سَدا اپنايان،
”جنهن ۾ جانبَ تون ٿئين راضي“.

***



غزل

تون سَئن تي سَئن نه هَڻُ جوڳي!
هِينئن منهنجو چَئنُ نه کڻُ جوڳي!

تون ڇا لئه راهَه نِهارين پيو،
اڄ ٿيندو ڪين اچڻُ جوڳي!

ڄڻ گُل تي تازا ماڪَ ڦڙا،
اهڙو تنهنجو مُرڪڻُ جوڳي!

ڇو مون کان وِسري ڪين سگھيو،
تنهنجو خاموش ڏسڻُ جوڳي!

ڪلهه رستا ڌارؤن ڌار ڪيا،
اڄ ٻيهر ايئن نه وَڻُ جوڳي!

ٿڪجي پوندين تون ڳڻي ڳڻي،
مون وٽ دردن جو ڌَڻُ جوڳي!

ڇا منهنجو موهُه نه ٿو سمجھين،
ايڏو اڻڄاڻ نه بَڻُ جوڳي!

ڪيئن تو کان آخر وسري وئي،
منهنجي پازيب وڄڻُ جوڳي!

تو لاءِ تڪيندم راهَه سدا،
ڀَل وسرين هيلَ وَرڻُ جوڳي!

ڇا ڇا نه اچي ويو يادِ وَري،
جو گُھليو ڪالهه ڏکڻُ جوڳي!

اچ سنڌڙيءَ جي ڪا سونهن ٿيون،
ڇَڏِ دنيا جو ٽِمجھڻ جوڳي!

***


غزل

تنهنجي منَ ۾ رازُ نه ڪوئي،
پنهنجو پر هَمرازُ نه ڪوئي.

داتا جي درٻار ۾ گُونجيو،
سُڏڪن جهڙو سازُ نه ڪوئي.

ساهَه پکيئڙو جيئن اُڏامي،
تنهن جھڙو پروازُ نه ڪوئي.

سِڪ ۽ سُورَ جيان او لوڪو!
وللھ! سوزُ گدازُ نه ڪوئي.

ٻيا ڀي آهن مست قلندر،
مَروندي شهبازُ نه ڪوئي.

مون وٽ ڪو انجام نه آهي،
تو وٽ پر آغازُ نه ڪوئي.

مئخاني ۾ ماٺِ وَسي پئي،
حَقِ حَقِ جو آوازُ نه ڪوئي.

سنڌڙي تنهنجي سونهن سنوارڻَ،
ايندو هاڻِ ”ايازُ“ نه ڪوئي.

هڪڙي سُندر ساميءَ جھڙو،
ٿيندو ”نينهن نوازُ“ نه ڪوئي.

نينهن ڪيو نروارُ جَنين کي،
تِن جھڙو ممتازُ نه ڪوئي.

پاڃاريءَ جِئن ڪين پِڃي جو،
اهڙو ماءُ! مَجازُ نه ڪوئي.

***

غزل

حَد ناهي، هُو لاحد آ،
پيارُ ته ”ميران“ جو پَدُ آ.

هاءِ اَڀيچند جي بيچيني،
سڀ ڪجھ آهِه نه سرمدُ آ.

نيڻ پرينءَ جا هِن مَتوالا،
ڇا ته سَروَ جھڙو قدُ آ!

تو، مان آهي پاڻ سُڃاتو،
دردُ دلين جو موجد آ.

سوچَ نه پنهنجي ساڳي آ پر،
ساڳيو پنهنجو مرشد آ.

لمحو لمحو روز ٽُڪي ٿي،
هاءِ حياتي هُد هُد آ.

ڪوئي ديپُ، نه ڪوئي ڪَتبو،
آخر ڪنهن جي مرقد آ.

ڳوٺَ، شهرَ ۽ ديسَ لَتاڙي،
سارَ جي ڪا به نه سَرحد آ.

ڪيرُ ويو ٿي جُهونگاريندو،
پيارَ بنا ٻيو سڀُ رَدُ آ.

***


غزل

نه تنهنجو ڪو به آ ثاني،
مدد يا شاهه جيلاني.

دلين جي ديس تي هر دم،
هَلي تنهنجي حڪمراني.

ٻُڏيون ڪشتيون ڪنارن تي،
اچي ڪر ڪا نگهباني.

ٿئي ڪو معجزو اهڙو،
ٿئي حاصل ڪا حيراني.

اُڏائي وئي رِدا منهنجي،
لڳي تهمتَ جا طُوفاني.

رهي فاني زماني ۾،
رڳو ئي پيارُ لافاني.

ويو جيءُ ئي جَلائي سو،
هُيو جو جيءَ جو جاني.

نه جنهن ۾ ماڻهپو ڪوئي،
نه گھرجي سا مُسلماني.

ڪري ڪويل ٿي ڪُو ڪُوءَ ۾،
سدا تنهنجي ثنا خواني.

سدا توکي پُڪاري پئي،
سندءِ ٻانهن سندي ٻانهي.

***

غزل

ڌارَ ناهي ته ڌار ٿي ويندو،
شخصُ ڪو انتظارُ ٿي ويندو.

پنهنجي نيڻن جو سَرمدي سَپنو،
چوڪَ تي سَنگسارُ ٿي ويندو.

انگَ سارا صليبَ تي چاڙهي،
روحُ رقصم بَزارُ ٿي ويندو.

دل جي ڌرتيءَ مٿان پرين تنهنجو،
دردُ گھوڙي سوارُ ٿي ويندو.

مون نه ڄاتو ته دردَ جو داڻو،
ايئن وڌندي خَرارُ ٿي ويندو.

نيڻ تنهنجا جڏهن جڏهن پڙهبا،
ڪو خيامي خمارُ ٿي ويندو.

حُسن جون حيرتون وڃن وڌنديون،
پيارُ بي اعتبارُ ٿي ويندو.

هاءِ! نزديڪين جي موسم ۾،
ضبطُ بي اختيارُ ٿي ويندو.

تاتِ تنهنجي تصوفُ ٿي لَهندي،
”حق هُو“ وارُ وارُ ٿي ويندو.

***


غزل

هُو جو سرتيون گُل هُيو گِرنارَ جو،
تنهن بنا مان ڇا ڪيان سنسارَ جو.

هِي هوا، هِي رات، هِي رِم جھم جو راڳُ،
ڄڻ اچانڪ درُ کُلي پيو سارَ جو.

ڪيترو آهين پري، ٿي سوچيان،
ڇا ڪيان مان رُوپَ ۽ سينگارَ جو.

قافلو تيارُ هاڻي ٿو چوين،
هي به ڪوئي وقتُ آ انڪارَ جو.

يادگيري ۽ نه ڪوئي رابطو،
هي عجبُ اندازُ تنهنجي پيارَ جو.

تون خريدين يا وَري وِڪڻي ڇڏين،
پيارُ ڪو سودو نه هو بازار جو.

سو غلامن کان به ڪمتر پي لڳو،
نانءُ جنهن تي هو رکيل سردارَ جو.

هُو جو اڄ بيڏوهه آ ماريو ويو،
ڪيترو سَچو هُيو ڪردارَ جو.

موتَ واري موڙَ تي آهين مِليو،
پر لڳين ٿو زندگيءَ جي پارَ جو.

محبتون ۽ نفرتون ڪيڏيون ڪيون،
هاڻِ سوچڻ ڀي لڳي بيڪارَ جو.

***

غزل

سازُ آهي، ڪڏهن صدا آهي،
آدمي پاڻ ئي خدا آهي.

عشق جي رمز ڪيرُ ٿو سمجھي،
بَد دعا ۽ ڪڏهن دعا آهي.

او طبيبا! نه غور ڪر ايڏو،
دردُ منهنجو هِي لا دوا آهي.

تنهنجي ناراضگيءَ جي موسم ۾،
ڄڻ خدا ڀي خفا خفا آهي.

جاتي ڪاٿي پرين پيو پَسجي،
هر طرف آ ۽ جا بجا آهي.

رهزنن کان به اڳڀرو هوندو،
جو بظاهر ته رهنما آهي.

هُو ڀريل آهِه خُود غلاظت ۾،
پيارُ منهنجو ته پارسا آهي.

تنهنجي اکڙين جا جامَ، اُف توبه،
هوڏَ، مَستي، خُودي فنا آهي.

تنهنجي آڏو جھڪيل جھڪيل آهي،
جيڪو خود پاڻ ديوتا آهي.

***

غزل

مان لافاني، مان لاثاني،
”سُبحاني ما اعظم شاني“.

ڪالهه خدا آيو مون وَٽِ هو،
رُوپ ڪري ڪوئي انساني.

دل منهنجيءَ جا سؤ سؤ ٽڪرا،
هَر ٽُڪري ۾ ڪا نيشاني.

رهندو رهندو پيارُ سلامت،
فاني فاني جيوَن فاني.

دنيا واري ڄاڻ - ڪَدي ۾،
نينهن ته آهي ڪا ناداني.

عشقُ جتي آهي سَرمَستي،
حُسن اُتي آهي حيراني.

تنهنجو منهنجو ساڳيو رستو،
ساڳيو در، ساڳي پيشاني.

ڪيرُ ويو آ جيوَنُ تِياڳي،
ساري وَستيءَ ۾ ويراني.

”ميران“ جھڙيون کوڙ هِتي هِن،
هڪڙي ناهيان مان ديواني.

***