وائي
چنڊَ جي ڪِرڻن لکيون،
ڪيئي ڪهاڻيون درد جون.
پيار جي ڪورن پنن تي،
بيوفا لمحن لکيون،
ڪيئي ڪهاڻيون درد جون.
رات گهر جي بند در تي،
واءُ جي جُهوٽن لکيون،
ڪيئي ڪهاڻيون درد جون.
هِڪڙِي وِڌوا جي ڳلن تي،
پنهنجي ئي ڳوڙهن لکيون،
ڪيئي ڪهاڻيون درد جون.
ڳوٺ جي ڪچين جُهڳين تي،
مِينهن جي قطرن لکيون،
ڪيئي ڪهاڻيون درد جون.
تنهنجي روڊن تي ڪراچي!
وِکريل لاشن لکيون،
ڪيئي ڪهاڻيون درد جون.
***
وائي
سج وانگر سامهون هُيو،
ناريءَ جو جوڀن،
منهنجا نيڻ رِجِي ويا.
ميڻ جيان هِي ماڻڪيُون،
هُن جو باهه بدن،
منهنجا نيڻ رِجِي ويا.
مان، جيئن موسى طُورَ تي،
ٿيندي ئي درشن،
منهنجا نيڻ رِجِي ويا.
آخر ڪنهن جو عڪس هو،
ڏِسندي ئي درپن،
منهنجا نيڻ رِجِي ويا.
اوجاڳي جي مُند ۾،
پير ڌريا سپنن،
منهنجا نيڻ رِجِي ويا.
***
وائي
آيو وقت وصال جو،
جهومن ٿا جذبا،
تنهنجي آڌرڀاءَ لئه!
نيڻن ۾ پلجن پيا،
سالن کان سپنا،
تنهنجي آڌرڀاءَ لئه!
ٻاريا آهن رَتّ سان،
راهن ۾ ڏِيئا،
تنهنجي آڌرڀاءَ لئه!
رات به بيٺِي آ کَنيو،
جهوليءَ ۾ تارا،
تنهنجي آڌرڀاءَ لئه!
آهن هڪڙي جاءِ تي،
رُڪجي ويا لمحا،
تنهنجي آڌرڀاءَ لئه!
هُو ڏِس! آهن واءُ جي،
هٿ ۾ گلدستا،
تنهنجي آڌرڀاءَ لئه!
جذبن جا ’جوادَ‘ ڀي،
آندا هِن تحفا،
تنهنجي آڌرڀاءَ لئه!
***
وائي
آڌيءَ جو آڪاس ۾،
تارا تارا خوابَ،
ڪنهن جي راهه تَڪِن پيا.
گوريءَ ڳلڙن تي ٽِــڙِي،
موسمَ رِيءَ گلابَ،
ڪنهن جي راهه تَڪِن پيا.
وِکَ وِکَ تي چهرن سندا،
هِي جي کُليل ڪتاب،
ڪنهن جي راهه تَڪِن پيا.
اوجاڳن جا رات جو،
ڀوڳي نيڻ عذابَ،
ڪنهن جي راهه تَڪِن پيا.
منهنجا ٻوڙي خوابَ هِي،
لُڙڪن جا سيلابَ،
ڪنهن جي راهه تَڪِن پيا.
***