تجربن مان سکي رهيو آهيان،
زندگي سان لَڙي رهيو آهيان.
روشني جي اشد ضرورت پئي،
ڏيئو بڻجي جلي رهيو آهيان.
حسرتن کي دفن ڪري آيس،
دوستن سان کِلي رهيو آهيان.
بيوسي جو ممڻ مَتل آهي،
جي رهيو آهيان جي رهيو آهيان.
دل جي ٿر جو ڏڪار ميٽڻ لاءِ،
بڻجي بارش وسي رهيو آهيان.
هڪ ته بيمار هنڌ تي ليٽيل،
ٻيو ته تڙپي لڇي رهيو آهيان.