هر رات کي ناسور جيان روح ڪَٽي روز،
هر ڏينھن حشر جيئن ٿو محسوس ٿئي روز.
ڪو يار ڪو همدرد زماني ۾ رهيو ناهه،
هر شخص مٽي راھہ ڇني سنگ ڇڄي روز.
ٿو ائين حياتي کي نچوڙي هي وڇوڙو به،
تندور جي آوي ۾ سڙي روز پچي روز.
احساس اميدن جا رُلي راھہ ويا هاڻ،
منزل بہ نٿي ڏسجي ۽ مقصد نہ لڀي روز.
ياداش جي آڳر تي ٿا ماضي جا ڦرن عڪس،
ڪا ياد زماني جي ڪئي روپ چٽي روز.
ٿو سنڌ کي تڪليف جي گهيري ۾ ڏسان آنءُ،
جذبات جو درياھہ پيو موج ڪري روز.
هر روڊ تي هڙتال شهر ڌرڻي سان ٽمٽار،
انبوھہ ۾ آواز ڏيو حق اٿي روز.