شاعري

رات جي دامن ۾

انير مگسي ميھڙ جي مِٽيءَ مان ڦُٽل نوجوان شاعر آھي. ھن مجموعي ۾ انير جا غزل، نظم، چوسٽا، ٽيڙو، ٻہ سٽا ۽ ڏيڍوڻا شامل آھن. جيتوڻيڪ انير جو ھي پھريون مجموعو آھي پر سندس فڪري اڏام نئين نٿي لڳي. سندس شاعريءَ ۾ جمالياتي عڪس سان گڏ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جا درد سمايل آھن. سندس ٻولي سادي ۽ سلوڻي آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • انير
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رات جي دامن ۾

ٻہ سٽا

ڪجهہ خال حياتي جا ڪنھن شخص ڀرڻ چاهيا،
ڪجهہ دير ويو ارپي جنھن درد گهٽڻ چاهيا.
٭
احساس ڪڏهن مرندا حيوان جي سوچن جا،
احساس پيو ماري انسان جي سوچن جا۔
٭
جسمن تان لباس لاهي ننگا ڪرڻ گهرڻ ٿا،
هو قوم جي دلين ۾ دنگا ڪرڻ گهرڻ ٿا.
٭
ويل وقت واپس ورائي سگهين پوءِ مڃان مان،
ٽٽل شيشو ٻيهر ملائي سگهين پوءِ مڃان مان ۔
٭
دُرست چون پيا هو ڀؤنري اٿس مغز ۾،
پاڳل بنيو وتي ٿو ڇوري اٿس مغز ۾۔
٭
گهٽين گهرن مان اچن ٿيون رڙيون ظلم آهي،
دليون اکيون بہ تہ ڪن ٿيون رڙيون ظلم آهي.
٭
زخمن جي ڇُٽڻ جي بہ تمنا تہ هجڻ گهرجي،
دنيا نہ سھي غم جي ڪا عقبا تہ هجڻ گهرجي ۔
٭
آواز اٿاريون ٿا انصاف جي خاطر،
ها روز پڪاريون ٿا انصاف جي خاطر.
٭
حسينائن جي اندازن جي گرفت ۾،
رهياسين حُسن جي نازن جي گرفت ۾۔
٭
خانا بدوش آهيون بادل جيان اسان،
ترسون وڃي ڪٿي ۽ برسون وڃي ڪٿي۔
٭
زنگجي چڪا ذهن سڀ مفلوج ذهنيت ٿي،
حيران جڳ سمورو خاموش آدميت ٿي۔
٭
زندگي جو ڪاروان بيهي ويو،
تون وئين منھنجو جهان بيهي ويو۔
٭
تقدير ۾ لکيل هو وڇڙي وڃڻ اسان جو،
تقدير ئي بنيو آ اجڙي وڃڻ اسان جو۔
٭
هي پيار جو سفينو ٻڏڻو هيو ٻڏي ويو،
هر آس جو پکي ڀي اُڏڻو هيو اڏي ويو.
٭
۽ بند ڀاڳ جا در ٿيڻا هيا ويا ٿي،
ڪجهہ صدقا عشق جا ڀي ڪڍڻا هيا ڪڍيا ٿي.
٭
هجر جي خزان جي حوالي رهياسين،
سدائين ڪرياسين سدائين ڇڻياسين.
٭
اڪيلو چنڊ وانگي مان اماسائي جي گرفت ۾،
ڪٽيان ٿو زندگي پل پل اداسائي جي گرفت ۾.
٭
مخالفتون ڇا وڌيون دوستن مٽيا رُخ هن،
لڳائي زور هوا ڏيئا جلندا ئي رهندا۔
٭
منھنجي حصي ۾ آيا ڳوڙها اکين جا بس،
ماڻيا تو خوبصورت سپنا اکين جا بس۔
٭
زندگي ڄڻ جنگ وانگر ٿا ڪٽيون،
هر ستم مرڪي برابر ٿا ڪٽيون۔
٭
حَسينائون اداسائي جي ڀاڪر ۾،
ڪٽن ٿيون ساھہ تنھائي جي ڀاڪر ۾۔
٭
توساڻ وچن پاريان اي سنڌ امڙ منھنجي،
سڀ تنھنجا دشمن ماريان اي سنڌ امڙ تنھنجي۔
٭
ڪنھن جي اکين جا سپنا پل پل جلي رهيا هن،
ڪنھن جا حَسين لمحا پل پل جلي رهيا هن۔
٭
حَسينن جي صحبت سنواري ٿي مقدر،
محبت محبت سنواري ٿي مقدر۔
٭
نٿو ڪٽجي هجر جو مونکان هي بنواس هاڻي،
خدايا آڻ ٻيهر وصل جو احساس هاڻي.
٭
چُپ سڀئي خاموش ٿي ويٺا مڙئي،
آدميت تي داغ ٿي بيٺا مڙئي۔
٭
ٻوليون پيار جون ٿا ٻولن پکيئڙا،
۽ پيار امن کي ٿا ڳولهن پکيئڙا۔
٭
حسرتن جي مزار وانگر هان،
تو بنا ڪنھن ڏڪار وانگر هان۔
٭
تاڪ ئي نڪري ويا هن سوچ جا،
ڀاڳ ڀي وکري ويا هن سوچ جا۔
٭
خوبصورت هي صورتون آهن،
عاشقن جون ضرورتون آهن۔
٭
درد بي ڊالر جيان وڌندو رهيو،
۽ خوشي رپئي جيان پٺتي سدا.
٭
بي سبب ناراض ٿيندي ٿي وڃي،
ڪو انوکو راز ٿيندي ٿي وڃي۔
٭
مزو جُون ۾ جنوري جو اچي ٿو،
ڏيڻ خوب هو دلبري جو اچي ٿو۔
٭
ذهن جاڳن ٿا سوچن سان،
جوان جيئن ٿا لوچن سان۔
٭
ڪُڙمي هان ڪُڙمت منھنجو ڪم،
ڌرتي سان محبت منھنجو ڪم۔
٭
ابتدائن انتھائن تي پڳو،
عشق منھنجو آ صدائن تي پڳو۔
۔٭
حقن لاءِ لڙان ٿو،
وطن لاءِ وڙهان ٿو۔
٭
تِکا تيز تنھنجي نگاهن جا نشتر،
کپن ٿا اندر ۾ ادائن جا نشتر۔
٭
زندگي کان موڪلائي هل هلون،
موت ٿو پاسا ورائي هل هلون۔
٭
گاھہ سمجهي نہ ڀيل مونکي ڙي،
ايترو ڏي نہ ويل مونکي ڙي۔
٭
واقفيت ڇا وڌي وئي آهي،
زندگي خطري ۾ پئي آهي۔
٭
هو ڇڏي ٿو ڀلي ڇڏي ڇاهي،
ڏک سک گهاربو گڏي ڇاهي۔
٭
هر حد تائين وڃبو توسان،
سرحد تائين وڃبو توسان۔
٭
اميدن جا ڇڻي گل ٿا پون،
حياتي جو اداس گلشن ٿئي۔
٭
روز ڪنھن تصوير جو ٿي ٿو وڃان،
خواب جي تعبير جو ٿي ٿو وڃان۔
٭
دير تائين سجاڳ رکندي آ،
ياد تنھنجي قريب رهندي آ۔
٭
دير تائين سجاڳ رهندو هان،
ياد تنھنجي ۾ گيت لکندو هان۔
٭
طبعيت ئي عجيب ٿي پئي آ،
درسني آڏو کلندو روئندو هان.
٭
قوم روڊن جي حوالي ٿي وئي،
حاڪمن جي اک اها ئي ننڊ ۾۔
٭
قوم جي مالڪي ڪٿي آهي،
ٻاٽ آ روشني ڪٿي آهي۔
٭
بي ضميري ڪمال تي پھتي،
بي حيائي مثال تي پھتي۔
٭
عيد جي چنڊ کي تلاشيان ٿو،
مان پٿر بُت کي تراشيان ٿو۔
٭
روز اُڊڙان روز سِبجان ٿو پيو،
عشق جي آوي ۾ ڦٿڪان ٿو پيو۔
٭
معاملا محبتن جا گهٽجي ويا،
منزلن تان ٿڙي هو رلجي ويا۔
٭
چاڪ ٿي ناچاڪ آهن سڀ ويا،
درد جا دارون بنيا هن نيڻ جو۔
٭
چنڊ شرمائي ويو تنھنجي اڳيان،
ڳالھہ سمجهائي ويو تنھنجي اڳيان۔
٭
درد جي ڪُن ۾ ٻڏون ٿا زندگي،
هجر جي بن ۾ رلون ٿا زندگي۔
٭
حسرتن جو جهان ماريو ويو،
محبتن جو مڪان ماريو ويو.
٭
هڪڙي صورت جاڳي آهي،
سھڻي مورت جاڳي آهي.
٭
تنھنجا منھنجا پيار جا ڳوٺ ۾،
ڳائجن ٿا پيا قصا ڳوٺ ۾۔
٭
چوٽ کي ڇا نئي نئي آهي،
تو سوا زندگي رئي آهي۔
۔٭
او حَسينا نھار مون کي ڀي،
ها کپي ٿو پيار مونکي ڀي۔
٭
زندگي کي صرف گذاريون ٿا،
ويلو ويلو اسان ب ٽاريون ٿا۔
٭
تو نھاري نھاري نھاري ڇڏيو،
ڄڻ تہ بيمار کٽ تان اٿاري ڇڏيو۔
٭
هڪڙي فرمائش پوري ڪرم
ڪي لمحا مونکان دوري ڪر۔
٭
روح شيشي جيان ڀڄي پوندوم
سلسلو پيار جو ڇڄي پوندو۔
٭
آرسي پيار جي ٽُٽي آهيم
عڪس ڌنڌلائجي ويا آهن،
٭
آسمان تي پڳا زمين وارا،
بلندي تي رهيا زمين وارن۔
٭
هزارين حسرتن جا خواب هن سان،
زماني جا سمورا مھتاب هن سان۔
٭
نگاهون کڻي جو نھاري پئي ٿي،
ملڪ الاجل وانگي ماري پئي ٿي.
٭
ڏوھہ معافي طلب نہ هو شايد،
يا ڪو بخشش سبب نہ هو شايد۔
٭
هڪ صدي جو هجر ڪَٽي آيس،
زندگي جو هجر ڪَٽي آيس۔
٭
زندگي جي رئي مٿان جانان،
پيار پنھنجي جو ڀرٿ ڀر هاڻي.
٭
دل جي حالت ڏسڻ وٽان آهي،
ٽهڪ ڏيئي کلڻ وٽان آهي۔
٭
مسئلن جو حساب ڳولهيان ٿو،
زندگي جو خواب ڳولهيان ٿو۔
٭
جسم ٽانڊا جگر کي باهيون ڏي،
اي زمانا شهر کي باهيون ڏي.
٭
ڪنھن جي نيڻن جي آس سوچي ٿي،
مفلسي جي ٽياس سوچي ٿي۔
٭
چند ساهن جو سلسلو ٽُٽندو،
زندگي جو سفر وڃي کُٽندو۔
٭
وڇوڙو نانگ آ ڏنگي پيو روز،
جڏهن کان پاڻ وڇڙيا سين او سائنڻ!
٭
اکين جي خوابن ڪئي خودڪشي آ،
رهي هاڻ سا زندگي نہ زندگي آ.
٭
پٿر جي بتن جو شهر گونگو ٻوڙوم
لڳو آمٿي ۾ لڳو جيئن هٿوڙو،
٭
سڀ واعدا وساري پرديس ٿو وڃين،
بي موت روح ماري پرديس ٿو وڃين۔
٭
پراڻي ڪا اخبار بنجي وياسين،
اسان هاڻ بيڪار بنجي وياسين۔
٭
عشق جو ئي ڪمال چئبو اهو،
پر تہ ناهن مگر اُڏامون ٿا۔
٭
عشق ڀي ڏوھہ هو،
ڪو وڏو ڊوھہ هو.
٭
تو بنا سنسار ئي پڻ ڇڻ جيان،
هر گهڙي گذري پئي اڻ تڻ جيان۔
٭
ڪو ”انير“ همدم ٿئي،
ڪجهہ تہ دل جو گهٽ غم ٿئي۔
٭
جسم جلندا رهيا وڇوڙي ۾،
نيڻ ڀڄندا رهيا وڇوڙي ۾۔
٭
محبتن جا گلاب آڇي ٿي،
سُونھن جا آفتاب آڇي ٿي۔
٭
چنڊ مونکي تڪيو پئي هر هر،
ڇا ڏسين ٿو مون چيو پئي هر هر۔
٭
ناراضگي ختم ڪر،
ڪجهہ رحم ڪر ڪرم ڪر۔
٭
اخلاق رک ادب رک،
جيئڻ جو ڪو سبب رک۔
٭
آءُ جڳن جا ٿَڪ لاهي ڇڏ،
هاڻ هجر جا ڌڪ لاهي ڇڏ۔
٭
تون ڀي نڪتي ڪمال جو تاجر،
ڏک ڏئي سُک کڻي وئين مونکان.
٭
اکين ۾ لڙڪ هجر جا پھر نڀايون ٿا،
سڄڻ جي سار جي تسبيح کي ڦيرايون ٿا۔
٭
پيار کي رسم جيئن پاريون ٿا،
روز ڳوڙها اکين مان هاريون ٿا۔
٭
معاشي حالتون مسڪين آهن،
پريشانيون بنيون تسڪين آهن۔
٭
روح کي روز گهاءُ ارپي ٿي،
هوءَ انوکا نڀاءُ ارپي ٿي۔
٭
گل ڦل گلشن بنجي پوندا،
عشق جا بادل برسي پوندا۔
٭
عشق جو مقبرو ڊهي ويندو،
حُسن جو حوصلو ڊهي ويندو۔
٭
نہ جيون کي ڪا ئي ڪھاڻي ملي،
نہ ڀاڳي ملي ڪا نہ راڻي ملي۔
٭
اي سنڌ هجين آباد،
تون شال رهين آزاد۔
٭
اسان جا حوصلا هالار جيڏا،
اسان جا جوش دودي يار جيڏا۔
٭
زخمن جي سَٽ سھندس ڪاٿي،
توبن خوش ٿي رهندس ڪاٿي۔
٭
عشق جي ڇِڪ اڃان بہ آهي ڙي،
تنھنجي سا سِڪ اڃان بہ آهي ڙي۔
٭
رنگ آهن اکين جي سپنن جا،
سپنا جيڪي حسين جوڀن جا۔
٭
اچ تہ باقائدي حساب ڪريون،
وڇڙي نازل نئون عذاب ڪريون۔
٭
چند ساهن جا سلسلا آهن،
زندگي، موت مرحلا آهن۔
٭
قديم رسم اسان جي سماج جي آهي،
پيار سنڌ جي شامل رواج ۾ آهي.