جڳن کان جڳن تائين ڀوڳيو اسان،
سُکن کان ڏکن تائين ڀوڳيو اسان.
ڪا ڪومل حسينا نہ آئي هلي،
رکي آس من تائين ڀوڳيو اسان.
نہ سُرهاڻ ماڻي خوشين جي ڪڏهن،
چمن کان گلن تائين ڀوڳيو اسان.
هميشہ حياتي عذابن جي ور،
اکين کان ڪنن تائين ڀوڳيو اسان.
او تاريخ شاهد ٿي رهجان سدا،
زمين کان گگن تائين ڀوڳيو اسان.
حَسينا جواني کي معني تہ ڏي،
چُمين کان چپن تائين ڀوڳيو اسان.
تون وڇڙي وئين تو پٺيان ها ”انير“،
گهٽين کان گهرن تائين ڀوڳيو اسان.