ڳاٽ سدائين اُوچا رکجو،
جذبن ۾ گڏ ڀالا رکجو.
نيٺ تہ ورندا پرديسي ڀي،
نيڻ انھن لاءِ آلا رکجو.
دشمن شيشن جهيڙا آهن،
هٿ ۾ پٿر سارا رکجو.
وقت هجر جو پورو ٿيندو،
ساري سنڀالي ڳوڙها رکجو.
ملڪ سڄو سرهاڻ گهرو ٿا،
رستن تي ڪي گلڙا رکجو.
وقت ”انير“ وهامي ويندو،
ياد مگر هي چھرا رکجو.