سڀ ڪو آهي غلام نيڻن جو،
سڀ جي دل ۾ قيام نيڻن جو.
باز وانگر جهٽي وٺن ٿا هت،
طلسمي آ نظام نيڻن جو.
ان گهڙي ڄڻ قرار ملندو آ،
نيڻ ڏين ٿا پيام نيڻن جو.
توکان وڇڙي الڳ ٿيو آهيان،
چين ئي ٿيو حرام نيڻن جو.
هوش کان ئي هليو ويو آهيان،
پيتو ٿم ٿورو جام نيڻن جو.
با ادب ٿي ”انير“ با اخلاق،
ڪر سدا احترام نيڻن جو.