هاڻ ڇاهي ٻُڏون ترون تون مان،
روز ٿا هيڪلا مَرون تون مان.
هو نھارن پيا اڃا رستا،
اچ انھن ڏي وري وَرون تون مان.
ٺاهي ٺاهي متان پَوَن ٿڪجي،
ڇو ٿا هر هر ڊهون کرون تون مان.
زندگي کي سماج لاءِ گهوريون،
آءُ بڻجي ڏيئا ٻَرون تون مان.
عشق جي تيز آڳ کي ٺاريون،
آهي بهتر اهو ٺرون تون مان.
جگ ڇا چوندو ”انير“ ڍورن جان،
جيڪو تيڪو پيا چَرون تون مان.