دعا
هڪ مُورت آهي
جنھن ۾ تنھنجي ئي
صورت آهي
توکي آئون پوڄان ٿو
پنھنجي دل جو
رب سمجهان ٿو
منھنجي هر آس
پڄائڻ وارو تون
منھنجي جيون کي
سجائڻ وارو تون
منھنجي سُک جو
ڪارڻ تون
منھنجي محبت جو
آسڻ تون
تو تائين منھنجون
باسون آهن
تو ۾ ئي سڀ
آسون آهن
منھنجي اَهنجن کي
ٽارڻ وارو تون
منھنجي لاءِ سُک
آڻڻ وارو تون
منھنجي نس نس ۾
شامل تون
منھنجي لاءِ آهين
منزل تون
منھنجي جيون جي گل جي
خوشبو تون
منھنجي جيئڻ جي
سِڪ تون
جنت منھنجي توسان منسوب
جيون منھنجو توسان منسوب
رات جي ننڊ بہ
تون آهين
پيار جو سمنڊ بہ
تون آهين
تون آهين
آئون آهيان
اي منھنجي دل ۾ رهندڙ خالق!
هر عبادت
تنھنجي لاءِ بيشڪ
بس
پنھنجو ڪرم ڪري ڇڏ
منھنجي خالي جهول
ڀري ڇڏ....