شاعري

رات جي دامن ۾

انير مگسي ميھڙ جي مِٽيءَ مان ڦُٽل نوجوان شاعر آھي. ھن مجموعي ۾ انير جا غزل، نظم، چوسٽا، ٽيڙو، ٻہ سٽا ۽ ڏيڍوڻا شامل آھن. جيتوڻيڪ انير جو ھي پھريون مجموعو آھي پر سندس فڪري اڏام نئين نٿي لڳي. سندس شاعريءَ ۾ جمالياتي عڪس سان گڏ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جا درد سمايل آھن. سندس ٻولي سادي ۽ سلوڻي آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • انير
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رات جي دامن ۾

چؤسٽا

تلخ لهجن جا وار مارن ٿا،
مونکي منھنجا ئي يار مارن ٿا.
زندگي کي عجيب روڳ لڳو،
هاڻي ٻانھن جا هار مارن ٿا.
٭
نينھن جي شينھن کي ڪيان قابو،
رات کي ڏينھن کي ڪيان قابو.
ان ۾ طاقت جو رول ڪونھي ڪو،
درد جي مينھن کي ڪيان قابو.
٭
پھاڙن مان رستا بنايون اچان ٿو،
زماني جي آڪڙ مٽايون اچان ٿو.
پريشان ڇا لاءِ ٿين ٿو همت رک،
غلامي جا لاوا اجهايون اچان ٿو.
٭
هوائن جي هندورن ۾ جُهلڻ ڏي،
مان آوارا ها، ها مونکي رُلڻ ڏي.
حقيقت کي چِٽو ظاهر ڪرڻ ڏي،
دُکن جي داستانن کي کِلڻ ڏي.
٭
خدا تلاشي رهيو هان ڪليسا گرجا ۾،
اي شيخ ڏس تہ ڪٿي ملندو نيٺ دنيا ۾.
پروڙي روح جا پردا ڏٺا اٿم هر هر،
سُڪون ناهي لڇڻ آهي هر ڏسا جا جا ۾.
خالي ڪشڪول حياتي ٿي،
دردن جو جهول حياتي ٿي.
آوارا رستن تي رُلندا،
ڪيڏي آ رول حياتي ٿي.
٭
اڻ ڳڻيا غم ڪٿي سنڀاليان ڏس،
جاءِ ناهي جتي سنڀاليان ڏس.
تون اچڻ جو ڪرين اشارو جي،
توکي پھچي اتي سنڀاليان ڏس.
٭
هجر وصال ٻئي منتظر رهيا آهن،
اسان جا نيڻ اوهان جي نظر رهيا آهن.
اداس مند ۽ دل جا خواب راهن ۾،
عجيب حال ۽ ٿي دربدر رهيا آهن.
٭
درد جي زنجير ۾ جڪڙيل رهي،
زندگي ڪنھن چور جان پڪڙيل رهي.
حسرتن جي باھہ ۾ جلندي رهي،
مفلسي جي ڄار ۾ وڪڙيل رهي.
٭
زخم ڳڻبا تہ رات ٿي ويندي،
ڪا قيامت حيات ٿي ويندي.
تون ملين آن تہ گل ڦُٽي پوندا،
۽ بهار ڪائنات ٿي ويندي.
روح جي حالت رحم جوڳي هئي،
مون وڏي پيڙاءُ پئي ڀوڳي هئي.
ڪون ڪنھنجي بي مڃيائين ڳالھہ کي،
منھنجي دل ڀي ٻار ڪو موڳي هئي.
٭
قوم جو احتجاج بي معنى،
حاڪماڻو سماج بي معنى.
دربدر هر پھر سڀئي ماڻھو،
ظلم جو هي رواج بي معنى.
٭
تنھنجي ڪاوڙ بہ شگر وانگر،
روز وڌي ٿي روز گهٽي ٿي.
تنھنجي ديد بہ تلوار جيان،
سِر بہ وڍي ٿي ڌڙ بہ ڪٽي ٿي.
٭
مھرباني ڪري ويو ڪوئي،
ٿي عمر لاءِ پري ويو ڪوئي.
زندگي جا عجب تماشا هن،
ٿو ڀري ڪو ڪري ويو ڪوئي.
٭
چنڊ حيران ٿو رهي اڪثر،
جئين توڏي پيو تڪي اڪثر.
ڇو جدائي جا گيت ڳائن ٿا،
جڳ انھن کان سبب پڇي اڪثر.
ڪجهہ چوندي چُپ ٿي وئي،
موتي مان هوءَ سپ ٿي وئي.
پيار مڻن ۾ ڏيندي ڏيندي،
ڪيئن اچانڪ لپ ٿي وئي.
٭
چَپ جي ڳنڊ کول او ساجن!
ڪجهہ نہ ڪجهہ تہ ٻول او ساجن!
وِک وِک کڻ خيال سان سوچي،
دنيا ساري آ گول او ساجن!
٭
رات ڳالهايو ستارن چنڊ سان،
روح بهلايو ستارن چنڊ سان.
ڇو نٿو آڪاش آڻي مينھن کي،
بحث اٿلايو ستارن چنڊ سان.
٭
ڇو انتظار اڃا ساڻ آن اکين ۾ تون،
نہ ايندو هو نہ ڇا اڻڄاڻ آن اکين ۾ تون.
تمام رات گذاريسين ڀوڳنا سان گڏ،
گواھہ آھہ هي ڳاڙهاڻ آن اکين ۾ تون۔
٭
چند پل پرهيز آهي عشق کان،
مورڳي جهل پل تہ ناهي عشق کان۔
ٻار وانگر آٽي تي دل آ چڙهيل،
ڪير ان کي هاڻ لاهي عشق کان۔
روز نياپا منجي ٿو هو،
ڄڻ ڏوراپا منجي ٿو هو۔
وقت وصل جو ايندو ڪڏهين،
دانھن سراپا منجي ٿو هو.
٭
آءُ ساٿي رواج کي ٽوڙيون،
هن ڪرڀ جي سماج کي ٽوڙيون۔
منزلون سامھون کڙيون آهن،
جي اٿيل احتجاج کي ٽوڙيون.
٭
چنڊ وانگر چمڪ حياتي ۾،
خوشبو بنجي مھڪ حياتي ۾۔
ڇڏ دُکن جا قصا کُٽاءِ کڻي،
پيار جا ڏي ٽهڪ حياتي ۾۔
٭
ملين آن تون جواني مسڪرايو،
اسان جي زندگاني مسڪرايو۔
ٽُٽل لامون جُڙي پونديون يقينن،
کڻي اکڙيون جي جاني مسڪرايو۔
٭
جيئن مون ڏي کڻي تون ديد پئي،
تيئن مونکي ڪرين شهيد پئي۔
سپنا نيڻن جي دائري ۾ ها،
روح ۾ اُڀري هر اميد پئي۔

منھنجا همدم آءُ،
اوندھہ ميٽيون رات جي۔
سِڪ جو ساگر اُٿليو،
مرڪي ڀاڪر پاءُ۔
اوندھہ ميٽيون رات جي۔
٭
مون اوهان کي گذارشون آڇيون،
گڏ رهڻ جون سفارشون آڇيون۔
نوجواني جي مُند جا سپنا،
پيار جون روز بارشون آڇيون۔
٭
هار جو جيت جو سنسار هو،
عشق جو ڪيڏو انوکو ڪار هو۔
عاشقاڻا مند بوسن جي بهار،
خوبصورت ڏيک جو آثار هو۔
٭
هر گهٽي ماتم ڪدو ڀاسي پئي،
زندگي ڪيڏو هجر جالي پئي۔
صدين کان اکين جاڳ پالي پئي،
اسان جي زندگي تڙپي جالي پئي۔
٭

اگهور ننڊ جي عادي هي قوم جاڳي پوي،
ٽُٽل نصيب جا تارا جُڙي وري پوندا۔
ڪو انقلاب جو درياھہ جي پوي اُٿلي،
سُڪل هي سنڌ جا ٻارا جڙي وري پوندا۔
٭
يتيم ٻار جيان زندگي گذاريون ٿا،
عجيب قرض چڙهيل آ پيا اتاريون ٿا۔
سڀئي خواب دفن دل جي مردا خاني ۾،
اداس نيڻ رڳي لڙڪ هاڻ هاريون ٿا.
٭
صدين کان ٿا غلامي گار سان جيئون،
عجب آهي پيا سنسار سان جيئون۔
گلابن جو قتل ٿيندو رهيو آهي،
مئل خوشبو جي ٿا مھڪار سان جيئون۔
٭
هر رات ڏکائي ٿي هر ڏينھن جلائي ٿو،
احساس جي آسن کي هي نينھن جلائي ٿو۔
هان ظلم جي گهيري ۾ هان قيد ڪشالن وٽ
هر پھر وڇوڙي جو بس هيئن جلائي ٿو۔
٭