شاعري

رات جي دامن ۾

انير مگسي ميھڙ جي مِٽيءَ مان ڦُٽل نوجوان شاعر آھي. ھن مجموعي ۾ انير جا غزل، نظم، چوسٽا، ٽيڙو، ٻہ سٽا ۽ ڏيڍوڻا شامل آھن. جيتوڻيڪ انير جو ھي پھريون مجموعو آھي پر سندس فڪري اڏام نئين نٿي لڳي. سندس شاعريءَ ۾ جمالياتي عڪس سان گڏ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جا درد سمايل آھن. سندس ٻولي سادي ۽ سلوڻي آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • انير
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رات جي دامن ۾

خوف ۾ زندگي گذاريون ٿا،

خوف ۾ زندگي گذاريون ٿا،
موت کان اڳ ئي پاڻ ماريون ٿا.

دوستن کي تہ جاءِ دل ۾ ڏني،
دشمنن سان بہ پيار پاريون ٿا.

وقت الزام ٿئي مڙهيا ڪيڏا،
بي جرم هوندي قيد گهاريون ٿا.

زندگي شاهڪار هئي توسان،
هاڻ بيڪار جيئن گهاريون ٿا.

گل کي ماري دفن ڪيو ويو آ،
خالي گلدان ڏي نھاريون ٿا.

درد جي دَز چڙهي وئي آهي،
لڙڪ هاري انھي کي ٻھاريون ٿا.

توکي وشواس ڇو نٿي آيو،
ساھہ ڇا روح توتان واريون ٿا.

آءُ هاڻي ”انير“ موٽي گهر،
راھہ تنھنجي پيا نھاريون ٿا.