شاعري

رات جي دامن ۾

انير مگسي ميھڙ جي مِٽيءَ مان ڦُٽل نوجوان شاعر آھي. ھن مجموعي ۾ انير جا غزل، نظم، چوسٽا، ٽيڙو، ٻہ سٽا ۽ ڏيڍوڻا شامل آھن. جيتوڻيڪ انير جو ھي پھريون مجموعو آھي پر سندس فڪري اڏام نئين نٿي لڳي. سندس شاعريءَ ۾ جمالياتي عڪس سان گڏ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جا درد سمايل آھن. سندس ٻولي سادي ۽ سلوڻي آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • انير
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رات جي دامن ۾

حقن لاءِ اٿڻ تي به لٺيون لڳن ٿيون،

حقن لاءِ اٿڻ تي به لٺيون لڳن ٿيون،
وطن لاءِ لڙڻ تي به لٺيون لڳن ٿيون.

غدارن جي ٽولي کي ظاهر ڪريون ٿا،
ته ظاهر ڪرڻ تي به لٺيون لڳن ٿيون.

سڄي سنڌ مشتاق سرڪي بنايو،
چوڻ تي ڪڇڻ تي به لٺيون لڳن ٿيون.

سماجي نمائندا ته آڏو نٿا ٿين،
عوام جي پڇڻ تي به لٺيون لڳن ٿيون.

نه تعليم پاڻي نه بجلي ملي ٿي،
وري حق گهرڻ تي به لٺيون لڳن ٿيون.

عجب ديس منهنجي جو قانون آهي،
سچائي لکڻ تي به لٺيون لڳن ٿيون.

تون رهجان ڪراچي اسان جو ٿي شاهد،
لکڻ تي پڙهڻ تي به لٺيون لڳن ٿيون.

آ تاريخ لکجي وئي اڄ انوکي،
سنڌين جي ڌڻ تي به لٺيون لڳن ٿيون.
___
جعلي ڊوميسائيل جي حوالي سان ڪراچي ۾ ٿيل مشتاق سرڪي جي اڳواڻي ۾ پر امن احتجاجي ريلي تي لاڳو ٿيندڙ سياسي جبر ۽ دٻدٻي تي لکيل