ڏئي پيار حياتي منھنجي سنواري ڇڏ،
ها هڪ نظر سان صرف مرڪي تون نھاري ڇڏ.
کڻي عذاب وري رات جي گهڙي آئي،
سُکن کي موت جي آغوش ۾ سُمھاري ڇڏ.
اکين جا سپنا اڌورا رهيا حياتي ڀر،
پکي پيار جا بهتر اٿئي اُڏاري ڇڏ.
جواني قيد ۾ پيري جي هٿ چڙهي ويئي،
انھي فڪر ۾ بدن جي کل کي اُتاري ڇڏ.
هميشا روح دُکن جي سفر ۾ رُلي ٿو پيو،
او مھربان ٻُڏل ناؤ منھنجي تاري ڇڏ.
گهڙي جي گُهرج کي سمجهي ”انير“ وِک کڻجو،
انڌيري راھہ جي بڻجي تہ ڏيئو ٻاري ڇڏ.