مهاڳ : چنڊ لاهي رکان ڪٽوري ۾
شاعري شعور جو نچوڙ آھي. مختلف وقتن تي مختلف محققن، ليکڪن جي مختلف راءِ رهي آھي شاعري تي بحث ٿيا آھن، شاعري کي هر پاسي کان ڏٺو ويو آھي.
شاعري هر اينگل کان نرالي نظر آئي آھي. شاعري جا طور ماپا به ٿين، شاعري جا گهاڙيٽا به ٿين،شاعري جا ڪارب به ٿين،شاعري جا واڍا به ٿين ته شاعري جا راکا به ٿين ريشمي تاڪين ۾ ويڙهيل خيال کي ئي شاعري چئبو آهي.
خيال کي ويڙھڻ جي ترتيب به هجڻ گهرجي ته کولڻ جي ترتيب به هجڻ گهرجي مطلب لکڻ جي ترتيب ۽ پڙھڻ جي ترتيب پڻ ھجڻ گهرجي.
شاعري نفيس جذبن جو آواز آھي ته درد جي دانھن به آھي دنيا جي ارتقا کان وٺي هن مهل تائين مختلف دور رهيا آھن انهي سموري دؤرن ۾ ڪهڙيون حالتون رهيون آھن ۽ ماڻهو ڪهڙي حالتن ۾ جيئرو رهيو آھي؟
شاعر يا تخيلقڪار انهيءَ سموري سماجي متڀيد ڏک اهنج تڪليف جو آئينو هوندو آھي.
شاعري سماج کي ماپڻ جو پيرا ميٽر آھي، جنهن سان سماج جا پير اکيون دُن ۽ پيٽ به ماپي سگهجي ٿو سماج جي سموري اُگهاڙپ نفاست ۽ خوبصورتي شاعر ٻن سٽن ۾ ئي بيان ڪري ويندو آھي، پر انهي خيال کي پرکڻ ۽ سمجهڻ لئه به صحتمند ذھن جو هجڻ لازمي آھي. هن سماج جي ڪارب ۾ ڇا ڇا فٽ ٿيل آھي ۽ ڇا ڇا ٺھي جُڙي راس ٿي ويو آھي هر دؤر جون حيرت ڪندڙ ايجادون اسانجي سامهون پيون آھن ۽ ھن دور جون سموريون ڪاوشون به پاڻ سان گڏ روان دوان آھن. هڪ شاعر هڪ تخليقڪار هن سماج کان مٿاهون سوچيندڙ هوندو آھي، ان کي ننڍي کان ننڍي شئي به وڏي چُڀندڙ محسوس ٿيندي آھي بي ترتيب بيٺل شين کي ترتيب ڏيارڻ لئه آواز اُٿارڻ هڪ تخليقڪار جو ئي ڪم ٿي سگهي ٿو.
وقت جي وهڪرن ۾ لُڙھندڙ ماڻھو پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري هليا ويندا آهن، پر ايندڙ سوين صدين تائين اُھي پنهنجي ڪم ۽ ڪردار جي ڪري سڃاتا ويندا آھن ڪويتائن جي ديس ۾ به ڪروڙين گُل ٽڙي ۽ مُرجهائجي ويا پر اُنهي گلن جي خوشبو سان اڃان به ڏيهه واسيل آھي. ادب هڪ وڏي مالها آھي، جنهن ۾ مختلف گل پوئل آھن، جن جا ڪردار ۽ ڪويتائون اسان ۽ اوهانجي سامهون آھن اڃان به ڪويتائن جي ديس ۾ ڪي گل ٽڙن پيا ۽ ڪي ڪچين ڪلين جي شڪل ۾ آھن اُھي سڀ جا سڀ کڻي خوشبو نه ئي ڏين پر سڃاڻپ وري به گل طور ئي ٿيندي آھي ۽ گل هوندا ئي خوبصورت آھن. شاعري جي ڏيهه جا رهواسي پنهنجي من ۾ ڪنول جا گل پوکيندا آھن شاعر جي ڪنهن سان به ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي پر شاعر جي شاعري تي فني فڪري حوالي سان ڳالهائي سگهجي ٿو ڪويتائن جي ديس جو ڳڀرو آزاد مري پنهنجي من جي پاند ۾ ڪهڙن خيالن کي رکي ٿو اهو اندازو سندس ڪويتا مان ڪري سگهجي ٿو.
آزاد جنهن وٽ ڪنواري اکين جا خواب آھن ۽ انهي خوابن جي ساڀيائن لئه ڪيل التجا به آھي. آزاد مري جي ڪويتائن جو ڪتاب ”اکين جا پنڌ“ جو مسودو پڙھڻ کان پوءِ اچرج ٿيو آهي ته هي اناڙي چينچل ڇوڪرو ايترو نفيس ۽ نازڪ خيال ڪيئن ٿو رکي سگهي.! سندس غزل ۽ نظم ڇرڪائيندڙ نه به هجن پر سڌي ڳالهه سندرو ٻڌي ڪيل آھي.
جيڪڏھن محبوب سان مخاطب آھي ته محبوب جي پيرن ۾ ڪنڌ جهڪيل اٿس جيڪڏھن دشمنن سان ڳالهه آھي ته دشمنن جي اکين ۾ اکيون آھن آزاد مري جي ڪويتا جا ٻه پاسا ڀرپور رهيا آھن.
هڪ محبوب ۽ ٻيو مٽي آزاد مري محبوب لاءِ ڇا ٿو چوي سندس شاعري جا ڪجهه خيال پڙهي ٿا ڏسون:
تنهنجي در تان تڙيل ماڻهو ڪهڙو هوندو،
در در آخر ڀٽڪيل ماڻهو ڪهڙو هوندو.
مان ته رلي ويو تو لاءِ آھيان ويرانين ۾،
تنهنجي ٻک ۾ ٻکيل ماڻهو ڪهڙو هوندو.
يا ائين ته:
تو مٿان جي وارجي پئي هي حياتي،
ڀل کڻي پو ھارجي پئي هي حياتي.
آزاد پنهنجي اندر جي پيڙاءُ کي ذيان ناهي ڪيو پر سموري تڪليفن کي لفظن جو روپ ڏئي پنن تي آڻي اسان ۽ اوهان آڏو پيش ڪيو آھي.
حال کي حال تائين لاهجي،
پيار کي پاتال تائين لاهجي.
ايترو ان کي ته ويجهو آڻجي،
سوچ کانپوءِ خيال تائين لاهجي.
يا هي خيال به ڪيڏو خود داري وارو ۽ حوصلي وارو آھي.
درد کي دربدر ڪري ڏسجي،
بند دل جو هي در ڪري ڏسجي.
چنڊ لاهي رکان ڪٽوري ۾،
رات تي ڪو سحر ڪري ڏسجي.
آزاد مري پنهنجي نظم ۾ چوي ٿو:
ٺٽي جي ٺار جهڙي ٿي لڳين تون،
لڳين ٿي لاڙ جهڙي ٿي لڳين تون،
سمنڊ جي سار تو ۾ ٿي رهي ۽،
سمنڊ جي سار جهڙي ٿي لڳين تون.
آزاد مري پنهنجي محبوب کي سنڌ سان ڀيٽيندي لکي ٿو:
تو ۾ سنڌ سموري آھي،
تنهنجو جهومڪ جهوڪ لڳي ٿو،
تنهنجي بنديا المنظر ڄڻ،
تنهنجون ڳالهيون ڪينجهر جهڙيون.
انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪويتائن جي ڪتاب ”اکين جا پنڌ“ ۾ آزاد مري پنهنجي محبوب جي ياد ۾ ڪيترو ڀوڳيو آھي ۽ جڏھن محبوب مليو آھي ته سندس دل جي دانهن مان هي آواز به نروار ٿيو آھي.
مُرڪ جاني ته پو موڪلائي وٺان،
تنهنجي چپ تي چميون ڪي سجائي وٺان،
هن سان واعدو ڪيل آ ملڻ جو فقط،
موت موڪل جي ڏين مان نڀائي وٺان،
ته محبوب جي مُرڪ کان ويندي محبوب جي ڳوڙھن تائين ڪيئن نه لُڇيو ۽ تڙپيو آھي.
اوهانجي دڳن تي نگاهون رکي،
اسان پي رناسين وفائون رکي.
آزاد پنهنجي شاعري ۾ وزن بحر جو به انتهائي باريڪ نظر سان خيال رکيو آھي، ڪٿي ڪو اڻ لکو جهول نظر اچي سگهي ٿو، باقي مجموعي طرح خيال ۽ وزن سان ڀلي ريت نڀايو اٿس.
سندس شاعري جو ٻيو پاسو جيڪو انتهائي جاندار ۽ سگهارو نظر ٿو اچي اُھو پاسو پنهنجي مٽي جا درد ۽ مٽي سان محبت جو اظھار به آھي ته مٽي تي رهندڙ ماڻھن جي وارتا به آھي.
انهيءَ پنڌ ۾ آسوند اکين جا سپنا ڪيئن مري ٿا پون ۽ ڪيئن مائرن جا ڪونڌر ڳڀا ڳڀا ٿي ٿا پون.
اُنهي سموري پيڙاء کي آزاد مري پنهنجي ڪويتا ۾ ائين به بيان ڪيو آھي، هن نظم جون ڪجهه سٽون انهي ڳالهه جون گواهه آھن ته آزاد مري وٽ مٽي لئه وڏو مان آھي ۽ مٽي تي ٿيندڙ وار تي ڪيئن نه ڇرڪ ڀري اُٿي ٿو پوي.
نظم جا بند:
جوءِ به ساڳي جهنگ به ساڳيا،
ديس به ساڳيو دنگ به ساڳيا،
نينهن به ساڳيو مينهن به ساڳيا،
رات به ساڳي ڏينھن به ساڳيا،
هر ڪا ٿيندي ٻاگهل ٻائي،
هوندي سڀ ڪا سنڌ جي ڄائي،
هيسيل ناهي هرڻي ڪائي،
مائون ڄڻينديون پُٽ به ساڳي.
آزاد هن غزل ۾ به ڌرتي سان محبت جو اظھار ڪيڏي نه خوبصورت طريقي سان ڪيو آھي.
روز پيو ٿو درد ڌرتي مان ڄمي،
ڇو نٿو ڪو مرد ڌرتي مان ڄمي.
ظلم ڌرتي جي ڌڻين تي پيا وڌن،
سور ڪو ٿو ذرد ڌرتي مان ڄمي.
وحشتن جي ڪنڌ کي ٽوڙي وجهي،
ڪو ته اهڙو فرد ڌرتي مان ڄمي.
سندس نظم به مظلومن جو آواز آھن ته مظلومن جي آٿت به آھن، هي نظم آھي، انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
اٿئي ڄڻ سج جي ويجهو،
اٿئي ڄڻ بک ۾ ڪوڪون،
اٿئي ڄڻ ڌُوڙ جون ٻڪون،
ڏٺي ٿم زندگي اهڙي،
ڏٺي ٿم زندگي اهڙي.
هن غزل جا ڪجهه شعر پڙھي ڪري ايمان تازو ٿيو ٿو پوي ته ڪويتائن جا ڪوڏيا پنهنجي مٽي تي ساهه ڪيئن ٿا ڏين.
ڌرتي سرتي ساهه سمائي جيئان ٿو،
سونھن سموري سنڌ اکين سان پيئان ٿو.
آزاد مري جي ڪتاب ”اکين جا پنڌ“۾ اُھي اکين جا پنڌ بيان ڪيا ويا آھن، جن پنڌن ۾ پير پٿون به ٿين ٿا ته پير ڪپجي به پون ٿا، مٽي ۽ محبوب کي ڀيٽا ڏنل هي سموريون ڪويتائون مٽي جا عاشق ۽ محبوبائن جا عاشق پڙھي پنهنجي پاڻ کي آٿت ۽ ڏڍ ڏئي سگهن ٿا.
آزاد مري جي ڪتاب اکين جا پنڌ اوهان تائين پھچي پنهنجو سفر پورو ناهي ڪيو پر اڃان به ٻيا تخليقي مجموعا اوهان ۽ اسان تائين پهچندا، آزاد مري لئه اهڙي پنڌ ڪرڻ تي نيڪ تمنائون اميد ته سندس پنڌ اهڙي طرح روان دوان هجي ۽ پاڻ اھڙي طرح ئي ڪويتائن جا ڪتاب ارپيندو رهي.
مٺو سانگهڙائي
03456071114