چڪ چمين ۾ چس ڪٿي آ،
هاڻِ مٺين ۾ رس ڪٿي آ.
اک اشارا ڪاڏي ڪيا ٿئي،
ساڳي محبت ڏس ڪٿي آ.
چنڊ چمي ٿو چهرو هن جو،
هاڻ هو منهنجي وس ڪٿي آ.
يار تون ڪهڙي پار هليو وئين،
توکي ڳوليان گس ڪٿي آ.
ٽهڪ ۽ تاڙيون تنهنجون مونسان،
پيار ۾ ساڳي کَس ڪٿي آ.
•
آزاد مري سنڌ جي نوجوان شاعرن ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل ۽ مقبول شاعر آهي.. سالن جي سفر هن جي لفظن کي اهڙي مڻيا ڏني آهي، جنھن کيس پختي شاعر جي روپ ۾ نروار ڪيو آهي. هن وقت هو سانگهڙ جي بھترين شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. ھن ڪتاب ۾ سندس غزل ۽ نظم شامل آھن.
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو