شاعري

سنڌ، سونھن ۽ سچ

سجاد ميراڻيءَ جي شاعري سادي سلوڻي ۽ ترنم  سان ٽمٽار آهي. سادگي ۽ سچائيءَ سان سرجيل سندس شاعري ادبي سنگت جي مشاعرن ۽ ميڙاڪن ۾ گونجندي ٻڌڻ ۾ ايندي رهي ٿي. سجاد ميراڻي سنڌ جي انھن شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو جن جي شاعريءَ ۾ پختگي خيالن ۾ توانائي ۽ تازگي بہ آهي تہ سچائي بہ. هن جا شعر فن ۽ فڪر ڏانھن قدم وڌائيندي نظر ايندا آهن.  سجاد ميراڻيءَ جي هِن شعري مجموعي کي پڙھي لڳي ٿو تہ هُنَ سوين لڙڪ ۽ مُرڪون، عڪس ۽ احساس سھيڙيا آهن. 

Title Cover of book سنڌ، سونھن ۽ سچ

پنھنجي پاران

منھنجي شاعريءَ جو هي چوٿون ڪتاب ”سنڌ، سونھن ۽ سچ” اوهان جي هٿن ۾ آهي. جنھن لاءِ مان صرف ايترو چوندس تہ هن ڪتاب ۾ آيل شاعريءَ جي حوالي سان مان ڪنھن خوشفھميءَ ۾ نہ آهيان. پر هڪ ڳالھہ ضروري آهي تہ مان پنھنجي تخليقي پورهئي تي خوش آهيان. ڪوتا جي ڪتاب لاءِ مھاڳ وغيرھہ لکڻ رسم ۽ رواج آهي نہ تہ ڪوي ۽ ڪوتا خود مھاڳ آهن. مھاڳ ۾ ڪوي ۽ سندس ڪوتا کي مھاڳ لکندڙ کڻي آڪاش تي اڏاري پر ڪوي ڪوتا کي هر ڏسندڙ ۽ پڙهندڙ پنھنجي پنھنجي اک سان پرکيندو ۽ راءِ قائم ڪندو آهي. آءٌ مھاڳ، تاثر لکندڙن مانائتن دوستن سائين عزيز گوپانگ، سائين احمد سولنگي ۽ سائين رفيق سيال جو ٿورائتو آهيان. جن وقت ڪڍي مون تي ۽ منھنجي شاعريءَ تي پنھنجا ويچار ونڊيا. مان ٿورائتو آهيان، پنھنجي پياري شاگرد بلال عثمان ڀُٽي جو جنھن منھنجي ماڙيءَ تي ويھي منھنجو ڪتاب ڪمپوز ڪيو ۽ ٿورائتو آهيان سونھن پبليڪيشن پريالوءِ جي سرواڻ ۽ پنھنجي پياري پٽ سميع سجاد جو جنھن پنھنجي پبليڪيشن پاران منھنجو هي ڪتاب اوهان پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچايو.
ٿورا نہ ٿورا، مون تي ماروئڙن جا.

سجاد ميراڻي