شاعري

سنڌ، سونھن ۽ سچ

سجاد ميراڻيءَ جي شاعري سادي سلوڻي ۽ ترنم  سان ٽمٽار آهي. سادگي ۽ سچائيءَ سان سرجيل سندس شاعري ادبي سنگت جي مشاعرن ۽ ميڙاڪن ۾ گونجندي ٻڌڻ ۾ ايندي رهي ٿي. سجاد ميراڻي سنڌ جي انھن شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو جن جي شاعريءَ ۾ پختگي خيالن ۾ توانائي ۽ تازگي بہ آهي تہ سچائي بہ. هن جا شعر فن ۽ فڪر ڏانھن قدم وڌائيندي نظر ايندا آهن.  سجاد ميراڻيءَ جي هِن شعري مجموعي کي پڙھي لڳي ٿو تہ هُنَ سوين لڙڪ ۽ مُرڪون، عڪس ۽ احساس سھيڙيا آهن. 

Title Cover of book سنڌ، سونھن ۽ سچ

ساراھہ سڄڻ جيءَ ۾ هر چيز فنا آهي

ساراھہ سڄڻ جيءَ ۾ هر چيز فنا آهي،
سنسار سندي لب تي سھڻي جي ثنا آهي.

ابليس تڪبر ڪيو، آدم کي نہ ڪيو سجدو،
ماڻھو تہ مٽيءَ جو تون، توکي ڇو انا آهي.

درويشُ هي منھنجو مَنُ، دلبر جو ٿو در تانگهي،
ڪنھن کان نہ آهي نفرت، ڪنھن کان نہ خفا آهي.

حاذق جي اچڻ جي هِتِ، ڏس ڪھڙي ضرورت آ،
دلبر جو ٿئي درشن، مون لاءِ شفا آهي.

وسري ڇو ويو آهيان، وڇڙي ڇو ويو آهيان؟
ڪا مون کان خطا ٿي وئي، يا هُن ڪئي جفا آهي.

هن شھر جا ماڻھو سڀ مونکي ٿا هڻن پٿر،
سمجهايو ڀلا مونکان ٿي ڪھڙي خطا آهي؟

مخمور اکيون هن جون، جن لاءِ سڪان ٿو مان،
ها مونکي چمڻ ڏي بس، مون لاءِ دوا آهي.

مَلِ سنڌ جي دشمن کي، تئو تيل کڻي مُنھن تي،
جو ديس جو ويري آ، ان جي هي سزا آهي.

پڪ يار ڏيان ڪھڙي، سجاد سچائيءَ جي،
سنڌوءَ جو قسم من ۾ تو لاءِ وفا آهي.