مھاڳ: پورن پاليو شاعر
تقريبا ستھٺ اٺھٺ سال اڳ سجاد ميراڻي هڪ اهڙي گهر ۾ جنم ورتو جنھن جو اڱڻ تہ گهڻو ڪشادو هو، مگر ان ايترو سناٽو هو جو سندس روئڻ جي آواز سان منجهس ڏار پئجي رهيا هئا کيس ماءُ جي هنج هن کي رڳو ست ڏينھن نصيب ٿي هئي.
ڪنھن ٻار جو يتيم هُجڻ مٿس ڀت ڪرڻ وانگر هوندو آهي. ۽ اهو بہ تڏهن جڏهن هو فقط ستن ڏينھن جو هُجي سجاد مٿان اها ڀت ڪري هُئي.
نہ ڀيڻ، نہ ڀاءُ، ۽ نہ ئي گهر ۾ ڪا وڏڙي، جيڪا هن معصوم کي رُئڻ تي چُپ ڪرائي، کير پياري يا ٻانھن جي هندوري ۾ جهولو ڏيئي ايتري ابھم کي سنڀالڻ سندس پيءُ لاءِ ڏاڍو هو. هو ڌنڌي ڌاڙيءَ جي ڪري يا هن کي پُچڪارون ڏيئي ماٺ ڪرائي. سو هڪ ڏينھن پنھنجي پڦيءَ ڏي کڻي وڃي چيائين ته، “پڦي! جيڪڏهن منهجي ڇوڪر کي تون پالين ٿي تہ ٺيڪ آهي، نہ تہ مان کيس سِرَ سان ٻڌي ابل واھہ ۾ لوڙهي ڇڏيندس.”
هُن پيرسن عورت جو اهو ٻڌو تہ سندس ڏڪندڙ بدن وڌيڪ ڏڪڻ لڳو ۽ هُن سجاد کي سانڍڻ ۽ پالڻ جي حامي ڀري ائين سجاد رڳو ڪُجهہ ڏينھن جي عمر ۾ پھريون سفر ڪيو.
فقط ماسيءَ جي هنج مان ماءُ جي خوشبوءِ ايندي آهي. جڏهن تہ کيس پلڻ واري عورت، سندس پيءُ جي پڦي هُئي. اهو ائين آهي جيئن خالي ڪڪر مان مينھن وسي يا شينھن هرڻيءَ جي ٻچي کي پالي يا هڪ لڙڪ سان ٻئي لڙڪ کي اگهجي!
پر ائين ٿيو، ان نيڪ بخت عورت هن معصوم کي ماءُ بڻجي پاليو، مان سمجهان ٿو تہ جنم ڏيڻ کان وڌيڪ اوجاڳا ڪاٽڻ عورت کي ماءُ بنائيندا آهن. سو هتي بہ ڪجهہ ائين ئي ٿيو. سجاد پنھنجي پيءُ جي پڦيءَ جي اکين جو تارو بڻجي ويو، جنھن سان هو دنيا کي وڌيڪ چٽو ڏسڻ لڳي.
وقت، موجود هُجڻ ۽ گُذري وڃڻ، ٽنھي صورتن ۾ بي رحم ٿئي ٿو. سجاد مٿان بہ سندس ساڳي مھرباني رهي، اڪيلائي سندس اکين ۾ ۽ درد دل ۾ لھندو ويو. مونکي لڳي ٿو تہ فطرت شاعرن کي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪجهہ اهڙا ئي بندوبست ڪندي رهندي آهي. هو ڪيئن وڏو ٿيو هوندو شايد ائين جيئن اُس ۾ ڪو ٻوٽو نسري، شايد ائين جيئن جيئن صحرا ۾ گُل ڦٽي، شايد ائين جيئن ڏک ۾ ڪو ٻيو ڏک ملي!
سُور ۽ ٻُور، ماڻھن نماڻو بنائي ڇڏيندا آهن. بلڪل سجاد ميراڻيءَ وانگي، ايترين ڏکن حالتن ۾ هي تہ رڳو زندھہ بچي ويو. پر پنھنجي تعليم بہ پوري ڪري ويو ۽ ماستريءَ جي نوڪري وٺي رٽائر بہ ٿي چڪو.
اڄ هُن جا هزارين شاگرد، سوين دوست ۽ بيشمار پڙهندڙ سڄي سنڌ ۾ موجود آهن. هن پڪي پُختي عُمر ۾ بہ سندس طبيعت اڃان بہ معصوم ٻار جھڙي آهي.
هن اهڙي ئي معصوميت سان، مونکي سندءِ ذات ۽ پنھنجي شاعريءَ بابت ٻہ اکر لکڻ لاءِ چيو، مون ان لاءِ حامي ڀري هن وقت سندس شاعري منھنجي اڳيان رکيل آهي. ۽ مان سوچيان ٿو تہ سندس ڪھڙي شعر جي حوالي سان تعارف ڪرايان.
شاعري لکڻ ڪنھن وَکر کي تورڻ برابر آهي جيڪو نہ اڳ ۾ مون لاءِ آسان هو. ۽ اڄ ئي سولو آهي. سو بہ هڪ اهڙي ماڻھو جي شاعريءَ تي لکڻ، جيڪو حياتيءَ کي ائين گذاري آيو آهي. جيئن ڪو ماڻھو ڪُن مان تري ٻاهر نڪتو هجي، يا بُک کائي وڏو ٿيو هجي، يا روئي کليو ۽ کِلي رُنو هجي. اهڙي ماڻھوءَ جي شاعريءَ تي لکڻ واقعي بہ ڏکيو آهي. خاص ڪري اُن لاءِ جيڪو پاڻ بہ ڏکاريو هجي، سجاد وانگر ڄمندي ئي
گول چھرو
قد جو پورو
بُت ۾ ڀريل
آواز ۾ آٿت
سڀاءٌ ۾ سُلڇڻو
اکين ۾ آس وند
دل ۾ ڪشادو
ڏسڻ ۾ ڳنڀير
مِلڻ ۾ دلگير
اهڙن نشانن ۽ خصلتن وارو ڪو بہ ماڻھو، جيڪو هُجي بہ پريالي جو، اُهو سجاد ميراڻيءَ کان سواءِ ڪو ٻيو نٿو ٿي سگهي. منھنجي پڇڻ تي ٻڌايائين تہ ادبي دنيا ۾ ابراهيم کرل، امر اقبال، قربان منگي ۽ روشن شيخ سندس بنھہ ويجها دوست آهن ۽ ٻيا بہ ايترائي ويجها آهن.
سجاد ميراڻيءَ جو اصل نالو غلام حسين ميراڻي هي. سندس والد صاحب جو نالو علي بخش ميراڻي هو. شاعريءَ کيس سجاد بڻايو. هُن پنھنجي بنيادي تعليم پريالي ڪنگري ۽ ڳاڙهي موريءَ مان حاصل ڪئي.
زندگي گذارڻ ۽ زندگيءَ مان گذرڻ ٻہ الڳ الڳ ڪيفيتون ۽ حالتون آهن. سجاد ميراڻي حياتيءَ مان ائين گذريو آهي. جيئن اک جي سوڙهي رستي مان ڪا ندي گذرندي آهي. هن ننڍي هوندي پنھنجي پيءُ سان گڏجي محنت مزدوري ڪئي. ٿورو وڏو ٿيو تہ ناڪي منشي بڻيو، جنھن کانپوءِ ڪلرڪ ۽ آخر ۾، ماستر ٿيو ۽ بطور استاد جي رٽائر ٿيو.
سجاد شاعريءَ ۾ سليم ڳاڙهويءَ کان ۽ پيار ۾ دل کان اصلاح ورتي. سندس شاعري ۽ پيار، ٻنھي ۾ ساڳي پُختگي آهي. مجال آهي جو شاعري ۾ ڪا واڌو سٽ لکي ۽ پيار ۾ ڪا غير ضروري آھہ ڀري. سنجيدو، سلڇڻو ۽ حُسناڪ هي دوست، دوستي رکڻ بہ ڄاڻي ۽ نڀائڻ بہ سندس دوستي نڀائڻ جي پويان ڪس کائڻ واري خصلت هر وقت موجود رهي ٿي. ماءُ جون سڀئي دعائون. هن کي سندس پيءُ ۽ پڦيءَ ڏنيون هيون ۽ انھن دعائن ۾ هڪڙي بہ اهڙي دعا ڪونھي جيڪا پوري نہ ٿي هجي.
هي ستن پٽن جو پيءُ ئي نہ، ڏاڏو، نانو، پڙ ڏاڏو ۽ پڙ نانو بہ ٿي چڪو آهي. هن شاعري، پيار ۽ ٻار شوق سان پيدا ڪيا. ان ڪري انھن ۾ برڪت بہ آهي تہ بقا بہ. شوق ۽ پيار ڇڏي ئي ناهن سگهيا.
اڄ کا ويھہ پنجويھہ سال اڳ جي ڳالھہ آهي، جڏهن منھنجي ساڻس پھرين ملاقات ٿي هُئي. کيس ڏسي مونکي گمان ئي ڪونہ پئي ٿيو تہ اهڙِي هاٺي ۽ ڪاٺي رکندڙ ڪو ماڻھو شاعر بہ ٿي سگهي ٿو. پنھنجي شڪل شبيھہ ۽ بُت ۾ هي شاعري ڪرڻ نہ ٻڌڻ وارن مان لڳندو آهي.
اسان جي پھرين ملاقات ڪراچيِءَ ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي جي آفيس ۾ ٿي هُئي. انھن ڏينھن ۾ مون سنڌيڪا ڊڪشنري تي ڪم ڪيو پئي ۽ انھيءَ حوالي سان تقريبا هر هفتي ڪراچيءَ وڃڻ ٿيندو هو. مھيني ماسي ساڻس بہ ملاقات ٿي ويندي هئي. مون ڏٺو هو تہ سندس سنڌيڪا جي سرواڻ نور احمد ميمڻ صاحب سان ڪافي حجت هئي ۽ هُو بہ ساڻس حُجائتو هو، بعد ۾ خبرپئي تہ هي ٻئي صاحب نہ رڳو پريالي جا آهن پر ننڍي لاڪئون جا دوست بہ آهن.
سجاد ميراڻي، ننڍي لاڪئون، ڪنھن جو بہ دوست هجي پر منھنجو ازلئون دوست آهي. اسان جي دوستيءَ جو سبب ڪو شھر نہ پر شعر آهي. جيڪو آئون بہ لکان ٿو ۽ هو بہ لکي ٿو.
سجاد پنھنجي شاعريءَ کي پالي ائين وڏو ڪيو آهي. جيئن ستن ڏينھن جي يتيم ٻار کي اُن جي پيءُ جي پُڦي پالي وڏو ڪندي آهي. بلڪل سجاد وانگر، سجاد وانگي، سندس شاعريءَ کي بہ دعا ٿيل آهي، برڪت جي بہ تہ بقا جي بہ!
سجاد ميراڻيءَ جا هيٺيان شعر سندس تعارف لاءِ ڪافي آهن.
ڪوزي ۾ درياھہ نہ بند ڪر،
مسجد ۾ ﷲ نہ بند ڪر،
نحن اقرب پڙھہ تون ملان،
صوفيءَ جو ير ساھہ بند نہ ڪر.
ڪجهہ درد ڏئي ويو آ،
ڪجهہ درد کڻي ويو آ،
ڪجهہ آءُ وڻيس هن کي،
مونکي بہ وڻي ويو آ.
سو زماني ۾ ڪيئن جي سگهندو،
وِھُہ جي سُقراط جان نہ پي سگهندو.
جهڙالي يار موسم آ، جهڙالا نيڻ ٿي پيا هن،
پرين جي پاڻ سان ناهي، تہ آلا ٿي پيا هِن.
جيئن توکي ﷲ ٺاهيو مڪمل،
تيئن مون بہ توکي آ چاهيو مڪمل.
اندر مان اونداھہ ڪڍڻ لئہ،
پاڻ ٻري يا ٻاري مونکي.
پاڻ پنھنجو رهنما ٿي رھہ،
پاڻ پنھنجي ئي رهنمائي ڪر.
سنڌ سونھن ۽ سچ سجاد،
جتي ٽنھي جي ڳالھہ هلي،
اتي تون ڀي اچ سجاد.
اکڙين کان آرام نہ کسجي،
پيٽ بُکي کان طعام نہ کسجي،
جنت مان جي لوڌيل آهيون،
ڌرتيءَ تان تہ قيام نہ کسجي.
وقت جي وهڪري ۾ وهي ٿو وڃان،
يار آهيان مٽيءَ جو وهي ٿو وڃان.
۽ ٻيا اهڙا ئي انيڪ شعر
عزيز گوپانگ
حيدرآباد